جيئن ئي هي فورم کوليان ٿو يا وري هن فورم کي ريلوڊ ٿو ڪيان ته هي آپشن ٿو اچي خبر ناهي هي صرف مون وٽ ٿو اچي، الائي ٻين وٽ به۔ ۔ ۔ ۔؟؟؟؟
سائين محترم مونسان به ڪڏهن ڪڏهن اهو مسئلو ٿئي ٿو۔ شايد اسان وٽ انٽرنيٽ ڊائونلوڊر خودساخته ڪم ڪري رهيو آهي۔ ڇاڪاڻ سنڌ سلامت تي موجود ريڊيو کي خودساخته ڊاوئونلوڊ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ٿو۔۔۔ جڏهن ڪينسل ڪيو ته مڙئي ڪجهه آرام ٿئي ٿو ۔۔۔ وڌيڪ دوست رشيد ان مسئلي تي روشني وجهندو ۔۔۔ پاڻ ته ڪمپيوٽر کي ايترو ئي سڃاڻون جيترو هو اسانکي سڃاڻي ۔۔۔
بلڪل نثارابڙو جي ڳلاهه صهيح آهي ته اهو ڊائونلوڊ مئنيجر جو ڪم آهي۔ مٿي جيڪو لنڪ عبدالرحيم صاحب ڏِنو آهي انهي ۾ به ۽ منهنجي هڪ ليک جي جواب ۾ به ذيشان رشيد اڳ ئي هن مسئلي جو سبب توڙي حل ڏيئي ڇڏيو آهي۔ اُميد ته اوهان انهي ۽ اهڙين ٻين لنڪس مان جان ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا۔
ادا تمام گهڻو ٿورائتو آهيان اوهان جو، جو اوهان جواب ڏنو قُرب سائين محترم ۽ ڀائو رحيم جي جيڪا لنڪ ڏني ان سان ئي مسعلو حل ٿي ويو۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ !