دنيا جي قومن جي ترقي ڏسي ڏندي آڱريون اچيون وڃن. ۽ سنڌ جي ڪسمپرسي ڏسي اکين ۾ خون لهيو اچي. هي تصوير جامع شهزادي نوران رياض جي آهي. هي جامع دنيا جي سڀ کان وڏي عورتن جي جامع آهي, جنهن ۾ 40 هزار شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري سگهن ٿيون، جت دنيا جي هر علم جا شعبه موجود آهن ... هيءَ جامع 2000 ايڪڙن تي قائم ٿيل آهي جنهن جي اندر سڀ ڪم عورتن جي حوالي آهن، جنهن جي اندر هلندڙ ريلوي پڻ عورتون هلائن ٿيون ... جنهنجي تعليم ۽ تربيت جو معيار ڪنهن به دنيا جي يونيورسٽيءَ کان گهٽ ناهي. ڇوڪرين لاءِ رهائش کاڌي پيتي جو بندوبست اهڙو جهڙوڪ ڪنهن 5 تارن واري هوٽل جو هجي. ڇوڪرين جي تعليم وڌائڻ ۾ اها جامع اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ڪجهه سالن جي اندر دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو مان مٿي ڪرائي ڇڏيندي. ۽ ياد رکو جنهن معاشري جي عورت پڙهي سڌري ويندي اهو معاشرو تاقيامت ترقي ڪندو رهندو ...!!! دنيا جي قومن جي ترقي ڏسي ۽ انهن جا پنهنجي قومن لاءِ ڪيل ڪم ڏسجن ته ائين لڳندو ته سنڌ انهن قومن کان هزارين سال پوئتي جهالت واري زندگي گهاري رهي آهي. جهڙو عوام جهالت ۾ تهڙا حڪمران جهڙو هيٺيون طبقو مظلوم تهڙو ئي سرنديءَ وارو طبقو مها ظالم بيشڪ ان قوم جي حالت آءُ به نٿو بدلايان جيستائين اها قوم پنهنجي حالت پاڻ نٿي بدلائي. الله جو فرمان.
40 هزار شاگردياڻيون ۔۔۔۔ واقعي ئي وڏو ڪم آهي ۔۔۔۔ اهي قومون جيڪي علم، ڄاڻ يا تحقيق تي خرچ ڪن ٿيون اهي ئي ترقي جي منزل ماڻين ٿيون۔
سنڌ کي اهڙي حالت ۾ ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئندي آهي، رت ٽهڪڻ لڳندو آهي، پر مجبوري، بيوسي، ۽ لاڇاري جو غلبو ايترو چڙهيل آهي جو ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهيون، سنڌي سماج دنيا جي سمورين مهذب قومن جيان ترقي ڪري سگهي ٿو پر افسوس جو اهڙي ڪهڙي خرابي اسان جي وجود ۾ سراعيت ڪري وئي آهي جنهن سبب اسان وڃون ٿا اڃان به پٺتي پوندا۔۔ڪيترا ڏاها، ڪيترا داناءَ، ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون آهن پر پوءِ به ڏُتڙيل قوم جيان وتون ٿا خيرات پنندا۔۔۔اڄ به اسان جي قوم جي حالت اها آهي ته اسان گڏيل قومن پاران مليل امداد جا منتظر آهيون، انهن پاران جاري ڪيل تعليم جا فنڊ به کائي ڳڙڪائي ٿا وڃون، جيڪي تعليم ۽ تربيت جا ادارا قائم آهن انهن جو حشر اهو آهي جو اتان جي انچارج کان ويندي پٽيوالي تائين سمورو فنڊ هڙپ ڪيون ٿا وڃن۔۔۔منهنجي علم مطابق هڪ ڳالهه آهي ته لاڙڪاڻي جي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مليل سامان، جنهن ۾، سلائي مشينون، ليپ ٽاپ، ليٿ مشينون، انجنيئرنگ جو سمورو سامان۔ ۽ شاگردن جي تربيت جي عيوض انهن جا مهيني جا وظيفا، اتان جو سمورو اسٽاف پاڻ ۾ ورهائي کائي ٿو۔۔اهو منهنجي اکين ڏٺي ماڻهوءَ جي ڳالهه آهي۔۔لاڙڪاڻي جي ٽيڪنيڪل ڪاليج جو سمورو عملو ملي ڀڳت ڪري، پنهنجا پنهنجا ڪوڙا نالا شاگردن جا درج ڪرائي انهن نالن جي عيوض هر مهيني لکين رپيا وظيفو وٺي رهيا آهن، ۽ انهن پنهنجا پنهنجا بنگلا ۽ گهر اڏيا آهن، ٽريڪٽر تائين خريد ڪيا ويا آهن ۔ هاڻ پوءِ ڪهڙي تعليم ۽ ڪهڙي جامعه جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو۔۔جتي اهڙو حشر هجي ان قوم جي حالت ڪير اڇي سڌاريندو۔۔سڀ ڀڙوا مليل آهن، سڀ کائي رهيا آهن۔۔۔لعنتي اهي نٿا سمجهن ته اسان پنهنجي قوم کي ڪيڏو وڏو ڇيهو رسائي رهيا آهيون۔۔
نوران يونيورسٽي جو ائرل ويو مطلب هوائي نظارو هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهجي ٿو http://www.pnuproject.com/index-ar.html