رحيم بخش
ايڊيٽر
مارئي
قسمت آندو ڪوٽ ۾ ، اڳ نه ڏٺو مــون هــيءُ
بـيـڪـس لاء بــره جـو، تـو جــــــنـجـل وڌو جـــيءُ
راجــا راضــي ٿـيءُ، تــه بــــيـوس ڇـٽـــي بند مـــان
قسمت آندو ڪوٽ ۾ ، اڳ نه ڏٺو مــون هــيءُ
بـيـڪـس لاء بــره جـو، تـو جــــــنـجـل وڌو جـــيءُ
راجــا راضــي ٿـيءُ، تــه بــــيـوس ڇـٽـــي بند مـــان
عــــــمــر ابـــاڻـــن جــا ، پـــــلـــــــپــل پــــون پــــــور
نـــيــزا نـــيـنـهن انـدر ۾ ، گـــهايــو وجــهــــن گهـــور
بـــــيـڪس هتڙي بند ۾ ، جهليو ڪــنهن ضــرور
سـنـگــــهـارن جــي ســور ، انــدر مـنــهنجو اڌ ڪــيو
مــاء چــوي پـئي مــوٽ ، مـــارئي مــلڪ مـلير ڏي
سرتيون سڀ سنڀالن توکي ، گهڻو گهرئي ٿو گهوٽ
قــابــو ڪــيــئه ڪــوٽ ، نـه تـه روح اباڻي راڄ ۾
سرتيون سڀ سنڀالن توکي ، گهڻو گهرئي ٿو گهوٽ
قــابــو ڪــيــئه ڪــوٽ ، نـه تـه روح اباڻي راڄ ۾
رات وري آئـــــــــيــــا ، مـــــاروئــــڙا مــــلـــــيـــــــر ۾
لــــــڌم خـــــواب خـــوشـيء جو ، ته ڄڻ مولا ملايا
وري وســــائـــيــــــا ، ڀـــــلــــي ڀــــاڻ ڀـــــــٽـــن جــا.
هي شعر سائين نثار جن جي مطالعي لاء پيش ڪجن ٿا.
هي بيت فقير محمد محسن "بيڪس" جا چيل آهن
حضرت محمد محسن قريشي المعروف "بيڪس" رحمه الله عليه سن 1275ع ۾ تولد ٿيو سندس والد بزرگوار حضرت قادر بخش بيدل رحمه الله عليه جو تعلق ملتان جي قريشي خاندان سان هو. حضرت قادر بخش جون ٻه شاديون هيون هڪ مائٽن مان ۽ ٻي شڪارپور جي مغل خاندان مان ، محمد محسن "بيڪس" شڪارپور واري گهر مان تولد ٿيو.