روزانو اسان دوستن، عزيزن ۽ مائٽن طرفان کوڙ ڪالز ۽ ايس ايم ايس پنهنجي موبائيل تي وصول ڪندا آهيون۔۔ پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته توهان انهن ايندڙ ڪالز ۽ پيغامن مان ڪجهه کي وصول ڪرڻ نه چاهيندا آهيو۔۔ خاص طور سم ڏيندڙ ڪمپني کان، ڪنهن اشتهاري ڪمپنين کان يا وري ڪنهن واهيات ماڻهون کان۔۔۔اهڙيون سموريون ڪالز ۽ ايس ايم ايس ۔۔ پي ٽي اي جي قانون جي خلاف آهن۔۔ جن کي رپورٽ ڪري نه صرف اهڙا ميسيجز ۽ ڪالز پاڻ ڏانهن اچڻ کان روڪي سگهو ٿا پر پي ٽي اي کي رپورٽ ڪري موڪليندڙن خلاف قانوني ڪاروائي پڻ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
طريقيڪار:
بس توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته آيل ميسيج کي 9000 تي فارورڊ ڪريو گڏ موڪليندڙ جو سيل نمبر، پنهنجو نالو ۽ شناختي ڪارڊ نمبر لکي ۽ موڪليندڙ بابت جيڪو تفصيل ڏئي سگهو ۔۔موڪليو۔۔۔
چارجز:
رڳو 10 پيسا في ايس ايم ايس۔۔
ياد رکو ته توهان طرفان موڪليل ايس ايم ايس تي پي ٽي يقين ڏياريو آهي ته اهي ضرور ڪاروائي ڪندا پوءِ ڀلي اهڙا ميسيجز يا ڪالز ڪنهن ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني يا ڪنهن ماڻهون طرفان ڇو نه اچن۔۔۔ ان سلسلي ۾ پي ٽي اي وارا توهان کي واپسي ڪال يا ايس ايم ايس ڪري ڪيل ڪاروائي بابت تفصيل به ٻڌائي سگهن ٿا۔۔۔