مون نالو بدلايو آ ... دوست مست جي نالي بدلائڻ واري رسم ۽ اوطاري تصوير ڏسي هڪ لطيفو ياد آيو آهي ... هڪ همراه جو نالو هو محمد نواز ... تمام سلڇڻو ۽ مهامنواز طبيعت جو ماڻهون هو سو دل ڪيس ته نالو بدلائي .... ڪيتري سوچ ويچار کانپوءِ کيس هي نالو پسند آيو ... مهمانواز ... پاڙي اوڙي ۽ دوستن رشتيدارن ۾ اعلان ڪرايائين ته مون پنهنجو نالو بدلائي مهمانواز رکرايو آهي ... مهرباني ڪري مونکي هاڻ ان نالي سان سڃاتو ۽ سڏايو وڃي .... ڪجهه ڏينهن گذريا ته سندس نالي سبب مشهور ٿيڻ لڳو ۽ ماڻهن جا هجوم سندس گهر اچڻ شروع ٿي ويا ... هڪڙا مهمان آيا ته کين ڪمرن ۾ وهاريائين ... ٻيا آيا ته ورانڊي ۾ ... ٽيان آيا ته گهر جي پڌر تي ... ۽ اڃان وڌيڪ آيا ته انهن کي اندر ڪري پاڻ ٻاهر نڪري بيٺو ... هاڻ سندس دماغ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته هن پاڻ سان پاڻ ڪئي آهي ... نالو بدلائي مصيبت مٿي تي رکي آهي .... سو وري اعلان ڪرايائين ته منهنجو نالو محمد نواز ئي سٺو آهي ... مون مهامنواز واري نالي تان هٿ کنيو ... مهرباني ڪري هاڻ مونکي مهمانواز نه پر محمد نواز سمجهيو ۽ پڙهيو وڃي ... khil sahi
جواب: مون نالو بدلايو آ ... ها ها ها ها سائين مطلب ته ڄامشورائي کي به ائين ئي ڪرڻو پوندو؟ پر جي پاڻ واري مست آب حيات پيتو آهي ته پوء ته ڪوبه چانس ئي ڪونهي مستي لهڻ جو باقي جي ڪوئي ديسي شربت پي ڪري مست ٿي ويو آهي ته پو ء اها ڪار ٿي سگهي ٿي ...
جواب: مون نالو بدلايو آ ... سائين مطلب ته هڻي ويو توهان۔۔۔ asul matt ادا ايئن نه ڪبو۔۔ مستي الستي آهي۔۔ ڪا عام نشي واري مستي نه آهي۔۔ باقي ادي رشيد صلاح سٺي ڏني هئي ته نالو اسد علي هجي ۽ توهان جو ٽائٽل مست هجي۔۔۔
جواب: مون نالو بدلايو آ ... ڄامشوري ڦاٽڪ جي ته ڪڙهائي ۽ ڪارو مشهور هيو ... هاڻ ڪي شربت جا دڪان کليا هجن ته ٻي ڳالهه آهي ... پر دوست کي ڪهڙي ڳالهه مست ڪيو آهي سو ته دوست ڄاڻي ۽ دنيا ڄاڻي .... ؟؟؟ hatt-pare
جواب: مون نالو بدلايو آ ... ادا ڪڙهائي ته سمجهه ۾ آئي جيڪا استاد ڪاليا جي ڏاڍي مشهور آهي پر ڄامشورو ۾ ”ڪارو“ مشهور۔۔۔؟ ڪجهه تفصيل سان ٻڌائجو۔۔
جواب: مون نالو بدلايو آ ... ماضيءَ ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ دوستن وٽ ويندا هئاسون ته ڪجهه دوست ڪڙاهيءَ سان گڏ ڪاري جي وٺي اچڻ جو حڪم جاري ڪندا هئا .... بس پو ڪڙاهي کائڻ کان پوءِ دونهان ئي دونهان هوندا هئا ... ۽ دوست سڀ مست ....
جواب: مون نالو بدلايو آ ... لڳي ته ائين ئي ٿو ... ”عبدو“ آيو هوندو ... تڙ تڪڙ ۾ بس اسانجو مٿو ڦيرائي هليو ويو... آخرڪار وزير سان گڏ جو آهي ... سو وزيرن وار طور طريقا ته سکي ويو آهي ... اسان وارن وزيرن فقيرن جو مشن به ته اهو ئي آهي .... ماڻهن جا مٿا گهمايو .... ريفريش ڪيو ... hall chari
جواب: مون نالو بدلايو آ ... وڃ ۔۔۔۔۔۔۔۔ هتي اسان غريبن جي جاء ئي نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ هي اوطاق اسان جي طبعيت کان اونهي ٿيندي پئي پڃي
جواب: مون نالو بدلايو آ ... ادا مست السلام عليڪم اهي مست اٿئي الست علي علي مست نالو ته مست آهي پر ادا هڪڙي ڳالهه ته ٻڌائجو ڪهڙا مست آهيو ؟؟؟