• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ابا هيڏي اچو

چاچو چڀڙ خان

سينيئر رڪن
ابا منهنجي سوچ ۾ هڪڙي ڳاله آئي آ سوچان ٿو ته ڪو اوهان کي لفظ ڏيان اوهان سڀ ان لفظ جا شعر موڪليو ۽ ان سان اڃا وڌيڪ ڄاڻ به ٿيندي ۽ اسان ان مان فائدو حاصل ڪري سگهنداسين اميد ته اڻڄاڻ چاچي جي ڳاله تي عمل ٿيندو اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان جو پهريان ايتري موٽ ملي مون مسڪين کي اوهان جو پنهنجو جهونو چاچو چڀڙ هر هفتي ٻيو لفظ اوهان کي ڏيندس اڄ جو لفظ آهي
سنڌ
 
واهه چاچا سائين واهه توهان جي ڪوشش کي سلام آهي بهترين ڳالهه ٺيڪ آهي توهان کي فَالو ڪندي، ، ، ، ، ، ، ، هي لفظَ سنڌ تي ڀلا​
سنڌ آ ساهه بنا ساهه نه جي سگهبو آ
منهجا محبوب سِوا تنهنجي گذر ٿي ويندو۔
 
سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا
جيئي سنڌ سدائين جيئي ٻيا سڀ نعرا وسري ويا
 
جئين سک سپرين تئين سيني منجهه سنڌ
نعرا هڻبا نينهن جا ڀلي ڪپجي وڃي ڪنڌ
بخاري هر هنڌ سوالي آهي سنڌ جو
 
هي سنڌ ملي آ سورن سان.
ڇا ڇا نـ ٿيو مجبورن سان_
محبوب وطن منصورن سان_
... هي سنڌ ملي آ سورن سان،
ڇا ڌاري ڪاري سوچ ڪيو_
تن ڳلپٽ ڳڀرو ڀورن سان_
هي سنڌ ملي آ سورن سان،
ڪي ٽڪر ٿيا مغرورن سان_
مستي ۾ پر مخمورن سان _
هي سنڌ ملي آ سورن سان،
رنجور لڙيا خوشحالن سان_
گمنام لڙيا مشهورن سان_
هي سنڌ ملي آ سورن سان،
هي سنڌ ملي آ سورن سان.
 
Back
Top