• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 9 مئي تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 9 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 مئي 1912ع اديب ۽ محقق الهه بچايو يار محمد سمون (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مئي 1920ع سنگيتڪار ۽ راڳي بلوسي راڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مئي 1929ع عالمِ دين ۽ بزرگ سيد محمد شاهه امروٽي (پريالوء) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مئي 1936ع اديب چمن شرما (ٽنڊو آدم / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مئي 1948ع اديبه رضيه ناز ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
9 مئي 1962ع شاعر حاجي پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
9 مئي 1969ع شاعر رضا لانگاه جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

9 مئي 1841ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ مذهبي عالم شيخ محمد عابد انصاري جو انتقال ٿيو.
9 مئي 1974ع شاعر سيد حافظ شاهه ناطق جو انتقال ٿيو.
9 مئي 1975ع صحافي عبدالمجيد ڀٽي جو لاڏاڻو ٿيو.
9 مئي 1976ع صحافت سان تعلق رکندڙ سليم اڪبر قاضي جو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ انتقال ٿيو.
9 مئي 1998ع مشهور گلوڪار ۽ اداڪار طلعت محمود جو انتقال ٿيو.
9 مئي 1989ع سياستدان رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ (فيض گنج) جو انتقال ٿيو.
 
Back
Top