ڪهاڻي سڏڪندڙ يادون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! رسول بخش جوڻيجو ”مرڪ“ جيڪا منهنجي سڄي زندگي جي مرڪ هئي، خوشي هئي. الاهي ڇو مون هن ۾ ڇا ڏٺو هوجو آئون مدهوش ٿي ويو هئس ، مونکي مرڪ ۾ هڪ جرڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ سنڌ نظر ايندي هئي . گهڻو ئي چاهيو هئم ته هن سان هڪ سچي پيار جو اظهار ڪيان ۽ تمام جلدي ڪيان ته جيئن هو ڪنهن دوکيباز جي ڪوڙي پيار جي ڪوڙڪي ۾ نه ڦاسي! ان کان اڳ جو آئون اظهار نه ڪيان۽ هوڪنهن وحشي جي ور چڙهي پنهنجي زندگي برباد نه ڪري ويهي! هو مونکي پهرين دفعي فيس بڪ تي ئي ملي ۽ اتان ئي سڏڪندڙن يادن جي شروعات ٿي، اسانجو فڪر به هڪ هر شيءِ هڪ هئي.... هن جي ڪوئل جهڙي مٺڙي ٻولي هن جي سالگرهه جي ڏينهن منهنجي ڪنن کي مدهوش ڪيو، اهو پهريون دفعو هو جو مون هن سان فون تي ڳالهايو ۽ سندس جنم ڏينهن جي مبارڪ ڏني.. هن جو سدا ملوڪ معصوم چهرو پهرين ڀيري ان وقت ڏٺو جڏهن سڄي سنڌ جا ڌرتي ڌڻي حيدرآباد ۾ سنڌ بچائڻ لاءِ لنڊن ٽائون ۾ گڏ ٿيا هئا انهن لکين ماڻهن جي ميڙ ۾ مونکي هي منفرد نظر آئي ٿي، جيئن ڪو موتي پئسفڪ سمنڊ ۾ نطر ااچي ، لنڊن ٽائون ۾ گڏ ٿيل هڪ ننڍڙي سنڌ ۾ مونکي هو مرڪندڙ معصوم سنڌ نظر آئي ٿي. لنڊن ٽائون ۾ هن سان پهرين ۽ يادگار ڪچهري ٿي هئي پر هن سان گڏ هن جي ڪزن ڪوئل به هئي جنهن ڪري ڪيترن ئي ڪوششن باوجود هن سان اظهار ڪري نه سگهيس! پوءِ لنڊن ٽائون جا يادگار لمحا ڇڏي هلي ويئي ۽ مون مارن جي پياسي ٿر ڏانهن رخ ڪيو. وقت سنڌو جي لهرن وانگر تيزي سان گذرندو ويو ۽ آئون هن جي يادگيرين کي ساريندي ، هن جي ڳالهين کي پنهنجي خيالن ۾ آڻيندي مدهوش ٿي ويندو هئس. هڪ ته پنهنجي مٺڙي سنڌ جتي هزارين محبتون مليون پنهنجي ڌرتي واسين کان ٻيو هن منهنجيهن زندگي ڪل ڪائنات لاٰءِ جن مونکي جيئڻ جي سگهه ڏني ۽ مونکي هر هر استاد بخاري جون هي سٽون پنهنجي سحر ۾ قيد ڪري ڇڏينديون هيون؛ هڪڙو نقشو سنڌ، جو ٻي آهين تون ، جنهن لاءِ مون ، جيئڻ جي جاکوڙ ڪئي! هڪ ڏينهن آئون ۽ منهنجو دوست شان اسٽڊي پيا ڪيون ۽ شان وري پنهنجي بابر نالي هڪ دوست سان ڪچهري پئي ڪئي ، شان چيو ته ”هي بابر وڏو پاپي آهي الاهي ڪيترن ڇوڪرين کي پنهنجي ڪوڙي محبت ۾ ڦاسائي ، استعمال ڪري ڦٽي ڪري ڇڏيندو آهي، هن جي هڪ وڏي گينگ آهي اهي به ڇوڪرين کي پنهنجي دوستي ۾ فاسائي ڪوڙي پيار جا ڏٽا ڏيئي هن وٽ وٺي ايندا آهن ۽ پوءِ اهي ڇوڪريون زندگي تان هٿ ڌوئي ويهنديون آهن ۽ پنهنجي مائٽن کي به داغدار ڪنديون آهن. “ شان بابر کي ميسج ڪيو ته بابر ڏي خبر اڄڪلهه ڪيترا شڪار ڦاسايا اٿئي اسان کي به ڪجهه مزو چکا پنهنجي نون شڪارن مان؟ ته هن چيو جام شڪار آهن هن 8 کان 10 ڇوڪرين جا نالا بڌايا ته اهي شڪارهن جي پيار جي قيد ۾ قابو ٿيڻ وارا آهن ، ان ۾ منهنجي مرڪ جو مڪمل نالو ۽ ائڊريس به ساڳي منهنجي مرڪ جي ڏنل هئي. آئون پريشان ٿي ويو هئس آخر هي درندا سچو پيار ڪنهن ڇوڪري سان نٿا ڪن ته پوءِ ان مظلوم ڇوڪري جي زندگي تباهه ڇو ٿا ڪن؟ آخر هنن درندن جو به ڀيڻون هونديون مائرون هونديون انهن سان به ڪير ائين ڪري ته پوءِ هنن کي ڏاڍي غيرت ايندي پر پراين نياڻين جي زندگين سان کيڏڻ ۾ هنن کي ڏاڍو مزو ايندو آ. آئوم تپي باهه ٿي ويو هئس ۽ پڪو پهه ڪيم هن سان هن جي شهر وڃي به پنهنجي پيار جو اظهار ڪري ايندس ٻئي صورت ۾ هي وحشِي درندو هن کي پنهنجي ڪوڙي فريبي پيار جي ڄار ۾ فاسائي ڦٽي ڪري ڇڏيندو ۽ هن جي زندگي تباهه ٿي ويندي.. ٻئي ڏينهن هن جي شهر جي راهه ڏانهن راهي ٿيس ، ۽ هڪ طويل ترين خط به لکي ويو هئس ، خط ۾ بابر درندي جي قصي جو ذڪر به ڪيو هئم ته پنهنجي پيار جو اظهار سان گڏ موضوع سان ٺهڪندڙ شاعري به لکي ويو هئس......... جڏهن هن جا سڀ گهر وارا هن جي روم مان نڪري ٻاهر هليا ويا ته مون به موقعي جو فائدو وٺندي هن کي سِيڙي تان ويندو ڏسي سڏ ڪيم ۽ خط چوڻ جي بدران چيم ”شاعري آهي ضرور پڙهجو پر اڪيلائي ۾ ٻي ڪنهن کي به نه پڙهائجو ”. هو پريشان ٿي ويئي منهنجا لفظ ٻڌي ڪهڙي شاعري آ جو اڪيلائي ۾ پڙهائڻ جو چئي ويو آ؟............. ان وقت منهنجو ساهه مٺ ۾ هجي ۽ پريشان ٿي ويس ، هڪ ته زندگي ۾ پهريون دفعو ڪنهن ڇوڪري سان پيار جو اظهار جو خط ڏنو هئم تڏهن ته ويتر پريشان هئس. واپس آيس ته مرڪ مرڪي پيئي آئون خوش ٿيس ۽ سمجهي ويس ته هن منهنجي پيار جو اظهار جي آجيان ڪئي آهي ۽ اها مرڪ ڪا ٻئي هوندي جنهنجي باري ۾ بابر درندي ائين چيو پئي ، پوءِ هن مونکي ڪمري ۾ اندر اچڻ جو چيو ۽ آئون ويس مونکي هن ننڍڙو خط ڏنو جيڪو وٺي ٻاهر وڃي پڙهيم ، هن لکيو ته هو بابر نالي ڪنهن ڇوڪري کي نٿي سڃاڻي، هو ڪنهن اڻڄاڻ ڇوڪري سان پيار ڪري پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي بدنام ڪرڻ نٿي چاهي ۽ هن کي هن جي مائٽن آزادي ڏني آهي صرف پڙهڻ لاءِ گهمڻ لاءِ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ نڪي ڪنهن ڇوڪري سان عشق يا پيار ڪرڻ لاءِ... آئون هن جا اهي خيال ٻڌي خوش ٿيس ۽ سوچيم ته مرڪ واقعي پنهنجي خاندان جي عزت سلامت رکڻ واري ڇوڪري آهي، ڪاش سنڌ جي هر ڇوڪري اهڙي هجي ته ڪر سنڌ جنت مثئل بڻجي وڃي! ڪاش سنڌ جي هر ڇوڪري مرڪ جهڙا بهترين خيال رکي ۽ پنهنجي پراوي، سچي ۽ ڪوڙي پيار جي پرک ڪري سگهي ته سنڌ ڌرتي تي ڪو به ظالم ، لٽيرو ۽ اوباش يا لوفر ۽ سنڌ جي نياڻين سان زندگي کيڏندڙ پيدا ٿيڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو! 2608 اٽيچمينٽ ڏسو پوءِ مون هن وٽ وڃي پنهنجي زبان سان خوفزده ٿيندي پيار جو اظهار ڪندي چيم” آئي لو يو مرڪ سو مڄ اينڊ ڊو يو لو مي؟“ پر هن ڪو جواب ته نه ڏنو پر هن جي شرمائڻ واري انداز مان لڳو پئي ته هن منهنجي پيار جي اظهار جي شرمائندي آجيان ڪئي آهي. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هن مونکي مسيج ڪيو ته آئون هن سان ڪيئن پيار ڪيان ٿو ، ڇا آئون هن جي خاندان جي عزت برقرار رکي سگهندم؟ هن کي جيڪا پڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ مائٽن طرفان آزادي ملي آ اها قائم رکي سگهندم؟ ۽ هو ڪئين سمجهي ته منهنجو هن سان سچو پيار آ؟ اهڙا ۽ اهڙي قسم جي خيالن جا سوال ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيس ته ڪيڏا نه عظيم خيال رکندڙ ڇوڪري ملي مونکي! مان ورندي ڏيندي چيم ته “ جيڪو آزمائڻو هجي آزمايو ، آئون توسان چند ڏينهن جو رشتو رکي دوکو ڪري زندگي برباد ڪرڻ نٿو چاهيان ساري زندگي تنههنجي ئي نالي ڪرڻ چاهيان ٿو. مرڪ آئون ڪنهن عام ڇوڪري وانگرناهيان منهنجي نس نس ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان پيار آ، آئون سمجهان ٿو توکي منهنجي پاران ٻه پيار ملندا هڪ سنڌياڻي هجڻ جو ۽ ٻيو منهنجي زندگي جي ڪل ڪائنات هجڻ جو، آئون منهنجي شاهه لطيف جي ڌرتي سنڌ جي سنڌياڻي سان دوکو ڪري آئون سنڌ ۽ سنڌ واسين جي نظرن ۾ بدڪردار نٿو بڻجڻ چاهيان. مرڪ پنهنجو اهڙو عظيم پيار هوندو جيڪو سنڌ جي ايندڙ نسل لاءِ قائم مثال هوندو، هن پيار ۾ سنڌين لاءِ اهڙو يادگار مثال ڇڏي وينداسين جو پوري سنڌ ۾ صرف اهڙي سچي پيار جي گونجار هوندي ، ڪوڙا ۽ دوکيابازي تي ٻڌل پيار هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا ، ڪوڙي ۽ دغا واري پيار جي سنڌ ڌرتي تي هوا به گهلي نه سگهبي. مرڪ آئون ته توسان شادي ڪرڻ لاءِ به تيارآهيان ۽ شادي کان اڳ اهڙو ڪم ئي نه ڪنداسين جنهن سان توهان يا توهان جو خاندان داغدار ٿئي ۽ مرڪ اها ئي منهنجي سچي پيار جي پرک آ، مرڪ هاڻ ٻڌاءِ ته ڇا اهو پيار قبول ڪري سگهين ٿي؟“ ”ها توسان ئي پيار آ، ۽ جڏهن توهان مونکي چيو هو ڊو يو لو مي؟ ته ان وقت ها ڪرڻ جي گهڻي دل چيم پر شرمائجي ويئي هئس ۽ اگر توسان پيار ڪرڻ نه چاهيان ها، يا ٻي ڪنهن سان پيار هجي ها ته توهان کي خط ۾ئي لکي ڏيان ها “ اهو حيرت انگيز هن مونکي ميسج ڪيو. هن جا هي عظيم لفظ ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو هئس شايد ڪڏهن پوري زندگي ۾ آئون ايترو خوش نه ٿيو هئس ۽ پوءِ وري هن منهنجي ڳالهه سان مطمئن ٿيندي چيو”ها پاڻ هن پيار کي مثالي بڻائينداسين “۽ مون به هن جي ڳالهه کي وڌائيندي جواب ڏنو ” ها مرڪ پاڻ هن پيار کي مثالي بڻائينداسين، هزارين پريمي هن پيار جي فڪر سان هڪ ٿيندا، پاڻ جو پيار ٻين بازاري پيارن کان بلڪل مختلف هوندو“.... ائين ئي اسان جو سنڌو جهڙو پاڪ پويتر پيار هلندو رهيو ، فلسفي ، ادب ، سياست محبت ۽ زندگي جي ٻين معاملن تي الاهي بحث ڪندا هئاسين. پر ڪجهه وقت کانپوءِ هن مونکي عجيب و غريب ميسج ڪرڻ شروع ڪيا... هن چيو ته آخر مون هن(مرڪ) ۾ ڇا ڏٺو آهي ، خدا جا واسطا ڏنئي ته آئون هن جو پيڇو ڇڏي ڏيان. آئون ڏاڍو حيرت ۾ پئجي ويس مون چيس ”يار مرڪ اوچتو توکي ڇا ٿي ويو آ.“.... هن ڪجهه نه ٻڌو ويتر اهو چيائين ”نمبر ڊليٽ ڪر ۽ ميسج نه ڪجان مونکي هاڻ“ آئون اداس ٿي ويو هئس ۽ سوچيم ته مرڪ کي ڪير منهنجي خلاف ڀڙڪائي ته نه پيو؟.... پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري چيائين ته ” يار پيار نٿا ڪري سگهون پنهنجي هاڻ صرف دوستي هوندي ۽ هي به ته ڪا عمر آ پيار ڪرڻ جي اڃان زندگي جام آ پوءِ به پيار ڪري سگهون ٿا“. مون مطمئن ٿيندي چيو ”جيئن توهان يار چوندا ائين ئي ٿيندو... بس توهان خوش رهو“ ...اهي ڳالهيون هلنديون رهيون... هڪ ڏينهن وري هن کي الاهي ڇا ٿي ويو وري عجيب و غريب ڳالهيون ڪرڻ لڳي . ” ڀلا آئون توهان سان هيئنر ئي جهيڙو ڪيان ٿي اگر توهان سان شادي ٿي ته مونکي پوءِ توهان ڪيئن برداشت ڪندا“ هن چيو ”پوءِ به توسان ئي زندگي گذاريندس ، هڪ پاسي تنهنجي جهيڙا ۽ ڪاوڙ هوندي ٻي پاسي منهنجي محبت جا جلوا ، منهنجي محبت توهان جي ڪاوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ائين آهي جيئن باهه کي وسائڻ لاءِ پاڻي، ۽ جيئن هيئر محبت آ، منهنجي محبت جو مزاج ساڳي برقرار رهندو ۽ توهان کي اڳ به چئي چڪو آهيان آئون ٻين عام ڇوڪرن وانگر ناهيان “ مون جواب ڏنو.......... پر الاهي ڇو هن عجيب و غريب مون کان سوال پڇييا جيڪي ٻڌي حيران ٿي ويو هئس... مون چيم ته ”پياري ڇا ٿي ويو جو عجيب ڳالهيون پيا ڪيو...“؟ ”هاڻ توهان کي پيار ي چوڻ جو ڪو به حق ناهي“ هن جو جواب آيو.. وري مون چيم ته ”يار پياري ڀلا ڇو نه چوان تون ئي ته منهنجي زندگي جي دوست آهين، توکي پياري نه چوان ته پوءِ ڪنهن کي چوان؟“ ”پياري چوڻ جو حق هاڻ ٻي ڪنهن جو آ توهان جو نه“ هن منهنجي دل کي ڌڪ هڻدي جواب ڏنو، ۽ منهنجي دل اهي هن جا لفظ ٻڌي ٽڪرا ٿيڻ شروع ڪيو .. ”ڀلا هو خوشنصيب ڪير آ جو اڄڪلهه توهان کي وڌيڪ پيارو ٿي ويو آ، ۽ آئون نظرانداز ٿيندو پيو وڃان“ مون وري ٽٽندڙ دل کي هٿ رکندي چيم.... ”بس ڪو آهي ، توهان کان وڌيڪ اخلاق وار و آهي“ هن جو وري جواب آيو.... ” ها يار صيحيح آ تو کي هو مونکان وڌيڪ سٺو ، اخلاق وارو لڳي ٿو ته ڀلين پيار ڪيو مون کي اعتراض ناهي پر هن جا باري ۾ ته ڪجهه ٻڌا ڪير آ، ڪٿي هو دوکو ته نه ڪندو توهان سان، ٻيو ته يار اڄڪلهه سڄي دنيا دوکي سان ڀري پيئي آ“ مان وري ڀرندڙ دل کي ڀور ڀور ٿيندي چيو...... ”مننتظر منهنجي زندگي آ، ۽ ٻيو ته هاڻ توهان کي يار چوڻ جو به ڪو حق ناهي“ ... هن وري منهنجي دل جهوريندي چيو........... ”يار منهنجي به هڪ ڳالهه ٻڌي وڃو يار تون نه ملئين ته آئون مري ويندس ، ۽ منهنجو تون ئي زندگي آهين ،تون منهنجو پهريون پيار آهين ۽ توکان پوءِ ٻي ڪا ڇوڪري منهنجي خيالن ۾ به نه آئي آهي، يار پليز مرڪ مونکي ڇڏي نه وڃ ، منهنجي مجبوري کي ڏس يار آئون توسان سڄِي زندگي گهارڻ چاهان ٿو“ مون منٿون ۽ ايلاز ڪندي هن کي چيو........... پر هن مهنجي هڪ به نه ٻڌي... ” پر منتظر منهنجي زندگي آهي، تنهنجو رشتو مونکي هرگز قبول نه هوندو، تنهنجي رشتو ڪرڻ کان بهتر آ ته مري وڃان اگر تون منهنجي زندگي ۾ زوري هليو آئين ته آئون پاڻ کي ماري ڇڏينديس آئون توسان نفرت ڪيان ٿي نفرت ، نفرت.........نفرت“. هن منهنجي دل کي ڀڪا ڀڪا ڪندي چيو. ” يار پليز ڪجهه رحم ڪر، تون مونکي ڇڏي هلي ويندئين ته مان دهشتگرد ٿيندس، ڌاڙيل ٿي ويندس، ۽ هن سماج۾ بغاوت پکڙي ويندي، مونکي پيار ۽ محبت کان به نفرت ٿي ويندي، پليز يار مرڪ ائين نه ڪيو ، منهنجي زندگي جو ٻرندڙ ڏيئو اجهائي نه وڃو“. مون وري به منٿ ڪندي هن کي چيم... پر پوءِ به هو مونکي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هئي ۽ هو سّخت نفرت ڪرڻ لڳي مونسان، هو هاڻ منهنجي سامهون دشمني وارو رويو اختيار ڪرڻ لڳي هئي. آخر ۾ هي ميسج ڪري هلي وئي، ” وڃي ڇا به ٿيو ، جيئو يا مرو پر منهنجو تو سان هاڻ ڪو به واسطو ناهي پر منهنجي زندگي مان همييشه لاءِ نڪري وڃو ۽ تون منهنجي زندگي ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ آهين ، هيڏي نفرت آ مونسان پوءِ به مونسان محبت ٿو ڪرين نڪري وڃ منهنجي زندگي مان“ . هن جا اها ڳالهه ٻڌي منهنجي مٿي ته ڄڻ ته بم ڪري پيو هو، ان وقت منهنجو بلڊ پريشر به لو ٿي ويو هو۽ اکين مان لڙڪ تارو تار وهي رهيا هئا ۽ لڳاتار پنج ڏينهن ۽ راتيون مون سڏڪندي ۽ لڙڪ وهائيندين گذاريون. ... مونکي هو هن تنهائي جي سفر ۾ اڪيلو ڇڏي هلي ويئي........... هومنهنجي هزارين خواهشن، خوابن، جذبن جو سرعام قتل ڪري هلي ويئي، هو منهنجي دل کي تير هڻي هزار ٽڪرا ڪري هلي ويئي............ مڃان ٿو ته هن مونکي ڏاڍو رلايو، ڏاڍا ڏک ۽ صدما ڏنا، هن مون سان آخري ڏينهن ۾ اهڙو رويو رکيو ته جيئن آئون هن سان نفرت ڪيان پر مون نفرت نه ڪئي مجبوري ۾ هن مونسان نفرت جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ هي وڇوڙي جو وڏو صدمو ڏيئي هلي ويئي.... پوءِ به الاهي ڇو منهنجي هن سان نفرت نٿي ٿئي، منهنجي دل ۾ هن لاءِ پيار ختم نٿو ٿئي. مرڪ مون کي يقين آهي تون َضرور مون کي ڳولڻ لاءِ محنت ڪندئين مون وٽ ضرور واپس ايندئين، ڇو ته هيئر ته منهنجي پيار جو تو وٽ قدر ناهي پر جڏهن توکي دوکا ملندا تنهنجي پيار ۾ تڏهن توکي منهنجي پيار جو قدر ٿيندو.... ۽ تون مون وٽ نه چاهيندي به ضرور واپس ايندئين تڏهن ته منهنجي دل تنهنجي لاءِ نفرت بدران محبت جا جهول ڀري توکي نڇاور پئي ڪري.... ۽ مرڪ هاڻ مون وٽ ڪجهه به ناهي بچيو، تون هئين سا به هلي وئين ، هاڻ رهجي ويون آهن ته صرف تنهنجو يادون ........سڏڪندڙ يادون سڏڪندڙ............... سڏڪي سڏڪي ، ڀٽائي، اياز ، استاد ۽ حسن درس جي شاعري ۽ ٻيا فلسفا پڙهي تنهنجي ياد کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهيان پوءِ به نٿي وسرين ۽ حسن درس جو هي سٽون هر هر منهنجي خيالن کي مست ڪري وري به تنهنجي ياد ڏيارين ٿيون... لڳي آ لاڙ سان لانئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون، اسانکي عشق سارين جيان، ڇنڊي، ڦوڪي، ڇڻي ٿو پيو، اوهين مرڪي ۽ پوءِ..... هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن، اسان جي ڳل تان ڳوڙهو، اڃان تائين ڳڙي ٿو پيو......... ..........
هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن، اسان جي ڳل تان ڳوڙهو، اڃان تائين ڳڙي ٿو پيو......... بس ادا عشق ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ۔۔۔