• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ادبي سنگت پاران 10 جنوري کان ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائڻ جو اعلان

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ سلطان
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

سلطان

سينيئر رڪن
ادبي سنگت پاران 10 جنوري کان ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائڻ جو اعلان​


سنڌي ادبي سنگت پاران 10 جنوري کان 21 فيبروري تائين ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته ”ساس“ پاران سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سال 2008ع ۾ آگسٽ مهيني ۾ مهم هلائي وئي، جنهن ۾ سنڌ اندر 50 کن ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون هيون، اُن کانپوءِ سال 2009ع ۾ 15 جنوري کان 21 فيبروري تائين مهم هلائي وئي، جنهن ۾ صدر آصف زرداري کي تقريبن هڪ لک پوسٽ ڪارڊ روانا ڪري مطالبو ڪيو ويو هو ته سنڌي، بلوچي، پشتون، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. يوسف سنڌي چيو ته 10 جنوري کان شروع ٿيندڙ جاڳرتا مهم ۾ سڄي سنڌ اندر ٻولي ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون. هن چيو ته اسان هڪ ڊرافٽ تيار ڪيو آهي، جنهن تي دستخطي مهم به هلائي ويندي، جيڪو بعد ۾ حڪمرانن کي موڪليو ويندو. اُن ۾ گهر ڪئي ويندي ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي قرار ڏنو وڃي. 12 هين درجي تائين سنڌيءَ کي لازمي سبجيڪٽ بڻايو وڃي. وفاقي سنڌي يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. يوسف سنڌي چيو ته مهم جي آخر ۾ 21 فيبروري تي حيدرآباد ۾ وڏي ريلي ڪڍي ويندي.

روزاني ڪاوش​
 
جواب: ادبي سنگت پاران 10 جنوري کان ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائڻ جو اعلان

اسانجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون، سنڌي ادبي سنگت وارن سان گڏ آهن ... ڌڻي سڳورو کين ان جدوجهد ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي ته ڪنهن منزل تي پهچي سگهن .... جيتوڻيڪ رڍن آڏو رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا آهن پر تنهن هوندي به۔۔۔ آسر م لاهيج سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو ...

دوستن کي گذارش آهي ته هو ان ڪم ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ ٻوليءَ جو قرض ادا ڪن ...
sindhsalamatsaathsal
 
جواب: ادبي سنگت پاران 10 جنوري کان ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائڻ جو اعلان

ادا اسان جو به ان مهم ۾ سنگت سان ساٿ رهندو۔
 
Back
Top