ترقي يافته ملڪن ۾ عورت جو ڪردار

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2013۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    دنيا جا ڪجهه اهڙا ملڪ جيڪي اهڙي بنياد تي ٻڌل آهن،جنهن جي زور تي انهن ملڪن معاشري جي بهتري آڻي پنهنجن ملڪن کي خوشحال بڻايو آهي،ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي،ته جيڪو انسان جي دل ۾ نفرت آهي،هڪٻئي جي لاءِ ان کي پيار ۽ ڀائيچاري ۾ تبديل ڪيو آهي،ڇاڪاڻ ته اڄ دنيا جا ڪجهه اهڙا به ملڪ آهن،جنهن جي اندر انصاف موجود آهي،۽ هر انسان کي انصاف فراهم ڪري امير ۽ غريب کي برابر سمجهيو وڃي ٿو،ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن ۾ عورتن جو تمام گهڻو ڪردار آهي،جنهن به ملڪ اندر ڪو به انسان اڪيلو ڪم ڪري ٿو ته اهو اڪيلو ڪامياب نٿو ٿي سگهي،ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪجهه ماڻهن کان صلاح وٺڻ جي به ضرورت هوندي آهي،اهڙي ئي ريت دنيا جي اندر اهڙيون به عورتون آهن،جنهن جي اندر ڪجهه اهڙيون صلاحيتون موجود آهن،جنهن سان ملڪ اندر خوشحالي اچي سگهي ٿي،۽ وري ڪجهه اهڙا به ملڪ آهن،جتي عورتن جي حڪومت پڻ قائم آهي،۽ ان ملڪ جا قانون به عورتن جي حوالي ٿيل آهن، جڏهن ته ڪجهه ملڪ اهڙا آهن،جنهن جي اڪثر علائقن ۾ عورتن جي سرگرمين تي پابندي لڳائي ويندي آهي،۽ انهن کي پنهنجن گهرن تائين محدود ڪيو ويندو آهي،ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته اڄ جي هن معاشري ۾ تعليم جو نه هجڻ آهي،۽ هميشه اڪثر ڪري ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ يا وري نيوز چينلن ۾ پڻ اهي سوال ڪيا ويندا آهن،ته عورت مرد کان اڳتي ڇو آهي؟ان جو ڪارڻ اهو آهي،عورت جي اندر جيڪا به صلاحيتون آهن،اهي سچائي ايماندار ۽ ملڪ جي فائدن واريون صلاحيتون آهن،جيڪي پنهنجي جوش ۽ جذبي تحت ملڪي استحڪام لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جون صلاحيتون رکن ٿيون،ڇاڪاڻ ته ڪامياب اهو انسان ٿيندو آهي،جنهن جي اندر بهتر سوچ ۽ جذبو هجي،۽ اهو ئي جذبو ملڪ جي 50 فيصد عورتن جي اندر آهي،جيڪي پنهنجي سياسي توڙي سماجي ڪمن کي پنهنجو فرض سمهجندي نڀائي رهيون آهن،وري ڪجهه اهڙيون عورتون جيڪي تعليمي معيار ۾ بنا ڪنهن ڪاپي ڪلچر جي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري رهيون آهن، افسوس ان ڳالهه جو آهي،ته هن معاشري اندر عورت جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڇو پئي ڪئي وڃي؟۽ انهن جي صلاحيتن جو مزاق اڏائي انهن کي گهرن تائين محدود ڇو پيو ڪيو وڃي؟اڄ ملڪ اندر ڪيتريون ئي مظلوم ۽ بيوس عورتون جنسي ڏاڍاين جو نشانو بڻجي رهيون آهن،جنهن جي ڪري اڄ جي هن معاشري ۾ ڪيتريون ئي مظلوم عورتون انصاف جي لاءِ منتظر آهن،پر تنهن هوندي به انهن کي انصاف فراهم نه پيو ڪيو وڃي،جڏهن ته ڪيترائي اسيمبلين ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ انهن جي تحفظ لاءِ بل قرار دادون پاس ڪيون ويون،پر اهي قرار دادون ڪاغذي ڪاروائي جي حد تائين ئي رهجي ويون آهن،جنهن جي ڪري ملڪ اندر ڪيتريون ئي عورتون ظلم،جنسي ڏاڍاين،۽ نظر انداز جو شڪار ٿي رهيون آهن،پر اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ باوجود انصاف فراهم ڪندڙ ادارا رڳو خاموش تماشائي بڻيل آهن، اڄ دنيا جي هر ملڪ اندر ڪيتريون ئي عورتون آهن،جيڪي مختلف شعبن ۾ پنهنجي ملڪ خاطر پنهنجي صلاحيت ذريعي بهتر ڪارناما سرانجام ڏئي ملڪ جي ترقي لاءِ جاکوڙي رهيون آهن،جنهن جو نالو ملڪ جي اهم شخصيتن ۾ پڻ شامل آهي،پر وري ڪٿي عورتن جي سرگرمين کي گهرن جي حدن تائين محدود ڪيو ويو آهي،ته جيئن هو اڳتي نه وڌي سگهن،پر انهن جي انهيءَ سوچ کي ڪيترين ئي بهادر عورتن رد ڪندي پنهنجي سرگرمين کي تيز ڪري ڇڏيو آهي،ڇاڪاڻ ته ايڪي ڪرڻ سان ڪنهن به اهڙي قوت ۾ همت نه هوندي ته هو ڪنهن ايڪي کي ٽوڙي پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب ٿئي، ڪو وقت هيو جڏهن عورتن جي هر سرگرمي تي پابندي لڳائي ويندي هئي،۽ اها ئي روايت هن وقت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ جاري آهي،جتي عورتن کي گهرن کان ٻاهر نه پيو ڪڍيو وڃي،۽ اها اهو انسان سوچ رکي سگهي ٿو،جيڪو تعليم يافته نه هوندو يا وري اهو ماڻهو جيڪو ڪنهن سردار،جاگيردار ۽ وڏيري جي چوڻ تي عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائي انهن کي گهرن جي چئو ديواري ۾ قيد ڪري ڇڏيندو،اڄ جيڪڏهن معاشري جي تباهي جو ذميوار آهي،ته اهو صرف ۽ صرف وڏيرا شاهي آهي،جنهن ڪارو ڪاري وارو قانون،ننڍي عمر ۾ نياڻين کي سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ قبائلي جهيڙن جي ٻرندڙ ٽانڊن کي هوا ڏيڻ جهڙا قانون لاڳو ڪري ڇڏيا آهن،۽ انهن جي اهڙي سوچ جي ڪري ڪيترائي اسڪول انهن جا ٿاڻا،ڀاڻا ۽ اوطاقون بڻيل آهن،جنهن جي ڪري تعليم تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي،۽ ان ڪري معاشري جي بهتري نه هجڻ جي ڪري ۽ ماڻهن اندر شعور نه هجڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن،۽ ان ئي سوچ کي برقرار رکندي پنهنجن نياڻين کي پڻ تعليم نه ڏياري رهيا آهن،۽ انهن جي اهڙي سوچ جي ڪري عورتن تي ڏينهون ڏينهن تشدد وارا واقعا ۽ انهن کي تذليل جو نشانو بڻائڻ جهڙن واقعن ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي،پر اڃان تائين اهو ڪو اثرائتو فيصلو نه ڪيو ويو آهي،جو جنهن سان عورتن جو تحفظ ڪري سگهجي،۽ انهن کي هر اها آزادي ڏني وڃي جنهن جي هو خواهش رکن ٿيون،پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهڙي آزادي جيڪا معاشري کي بربادي ڏانهن وٺي وڃي بلڪي اهڙي آزادي جنهن جي جاکوڙ سان معاشري اندر بهتري اچي بربادي ڏانهن ويندڙ معاشري ۾ پڻ تبديل اچي سگهي، ڪٿي وري ملڪ اندر اهڙيون به عورتون آهن،جنهن ظلم واري منزل کي پار ڪندي اڄ اهم منزل تي اچي پهتيون آهن،جيڪي هن وقت عورتن جي حقن لاءِ جوجهد ڪري رهيون آهن،۽ جيڪو عورتن جي آواز کي دٻايو پيو وڃي ۽ انهن جو پڻ مقابلو ڪري عورتن کي پنهنجا حق وٺڻ ۽ جيئڻ حوصلو ڏئي رهيون آهن،پر تنهن هوندي انهن ساڳين عورتن جو ڪنهن شعبي سان تعلق هجڻ جي ڪري انهن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي،ته جيئن انهن جي اندر جيڪا به صلاحيتون آهن،عورتن جي آواز کي بلند ڪرڻ جون ۽ انهن جي اندر شعور پيدا ڪرڻ جون سو انهن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن هو اڳتي نه اچي سگهن، عورتون نه صرف گهرن جي حد تائين آهن،بلڪي عورت اڄ جي هن سماج ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائض آهي،جنهن ۾ سياست،صحافت،ليڪچرار،سماجي ورڪ،ڊاڪٽر،سميت اهم عهدن تي عورتن جو اهم ڪردار رهيو آهي،پر تنهن هوندي به هميشه ملڪي استحڪام ۽ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ سوچيندڙ عورتن کي پوئتي ڌڪي انهن جي سوچ جو مزاق اڏايو ويو آهي،۽ وري ڪٿي ڪٿي انهن جي سرگرمين کي نظر انداز ڪري انهن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي،پر تنهن هوندي به اها سوچ ملڪ اندر اهو ماڻهو رکي سگهي ٿو جيڪو جو سڄڻ نه ر دشمن هوندو،جڏهن ته ملڪ اندر عورتن سان ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي تذليل جو نشانو بڻائڻ وارن واقعن کان پوءِ دنيا جي ٻين ملڪ اندر هن ملڪ جو وقار گهٽ ٿي رهيو آهي، ملڪ اندر جيترا حق مردن کي ملي رهيا آهن،۽ اوترن .ي حقن جي مالڪ عورت پڻ آهي،جيڪا هن دنيا اندر مرد کان پوءِ عورت جي روپ ۾ آئي آهي،۽ اها به پنهنجا حق وٺڻ جي صلاحيت رکي ٿي،اڄ جي هن معاشري ۾ اها عورت پنهنجا حق وٺي سگهي ٿي،جنهن جي سوچ بهتر هوندي ء۽ پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ جيتري صلاحيت پڻ هوندي نه پوءِ غريب ۽ مظلوم عورت ڪڏهن به پنهنجا حق حاصل نه ڪري سگهندي،ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن ملڪ سميت دنيا اندر جيڪي به شهري پڙهيل لکيل عورتون آهن،انهن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو،جيڪڏهن ڳوٺن جي ڳالهه ڪجي ته اتي اڻ پڙهيل ۽ گهٽ سوچ رکندڙ مرد پنهنجن عورتن کي گهرن تائين محدود ڪري رهيا آهن،جنهن جي ڪري هن وقت تائين دنيا اندر ڪيتريون ئي عورتون آهن،جيڪي پنهنجي حقن کان محروم آهن، بهرحال ملڪ اندر تبديلي جي ضرورت آهي،۽ اها تبديل تڏهن ايندي جڏهن هن ملڪ اندر رهندڙ عورتن کي انصاف مهيا ڪري انهن جو تحفظ ڪيو ويندو،۽ ملڪ اندر انصاف کي ايترو پختو ڪيو ويندو ته جيئن ڪو به غلط سوچ رکندڙ ماڻهو ان پختي کي ٽوڙي نه سگهندو،۽ ان سان گڏوگڏ ملڪ اندر امير ۽ غريب ۾ ڪو به فرق نه ڪيو ويندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍاين جي شڪار ٿيل عورتن جي ظلمن جو ازالو ڪري انهن جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ته پوءِ تبديلي ممڪن ناهي ڇاڪاڻ ته اڃ جي معاشري ۾ تبديلي جي سوچ صرف عورتن جي اندر ئي آهي،پر انهن عورتن کي وري پنهنجي حد تائين محدود ڪري انهن جي آواز کي دٻايو پيو وڃي،جنهن جو ڪارڻ ملڪ اندر قانون ۽ انصاف نه هجڻ آهي،
    بي بي سي سنڌي تان ورتل
    ليکڪ:سجاد علي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو