منهنجو موهه مٽي سان نالو آهي انور، موهن دڙي جي ڀرسان ڳوٺ شير محمد جوڻيجي ۾ ڄائس ، ڪل ٻه ڀائر آهيون سنڌ سان عشق ڪرڻ منهنجو محبوب مشغلو آهي، لکڻ پڙهڻ سان چاهه آهي، هن وقت ڪراچي ۾ رهان ٿو، ورڪنگ جرنلسٽ آهيان، مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي ڪم ڪري چڪو آهيان ۽ ڪريان ٿو ”سنڌ سلامت“ ۾ منهنجي هي پهرين وک آهي، معصوم سنڌي جي اصرار تي ”سنڌ سلامت“ ويب جي وزٽ ڪئي، هي ويب معياري لڳو، سنڌ جي نالي ۽ سنڌ جي سلامتي جو سنيهو ڏيندڙ هي ويب ادارو لڳو، اميد ته شعور جو سفر جاري رهندو،
انوکو تعارف توهان کي سنڌ سلامت تي دل سان ڀليڪار چئجي ٿو اميد ته سنڌ سلام تي ساٿ سلامت رهندو 2609 اٽيچمينٽ ڏسو
محترم دوست انور جوڻيجو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم، سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي ترقي لاء ڪوشان ۽ ساڳي ئي سٿ ۾ اوهان جي شامل ٿيڻ تي سرهائي ٿي۔ انوکو ۽ سهڻي انداز سان ڪرايل تعارف اهو محسوس ڪرائي رهيو آهي ته اوهان ادبي ۽ شاعرانه شوق رکو ٿا۔ اسان کي خوشي ٿي آهي ته اوهان اسان سنڌين جي گڏيل فورم سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل آهيو۔ اوهان لاء نيڪ خواهشون ۽ اها اميد ته اوهان پنهنجي احساسن، لکڻين ۽ خيالن کان واقف ڪندا رهندا۔ معصوم سنڌي جون مهربانيون جو دوستن کي اسان سان ملائيندو رهي ٿو۔