جو ئي آهيان سو ئي آهيان اصل نالو عبدالرزاق ڀٽي، سڃاڻپ رزاق عاصي، جهڏي شهر ۾ جنم ٿيو، هن وقت ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ رهان ٿو۔ شاعر آهيان، صحافي آهيان، سنڌي آهيان جو ئي آهيان، سوئي آهيان ”سنڌ سلامت“ ۾ منهنجو هي پهريون قدم آهي، معصوم سنڌي جي دلربائي ۽ انگل سان ”سنڌ سلامت“ کي ڏسڻ پڙهڻ جو موقعو مليو
محترم رزاق عاصي صاحب اوهان کي دل جي گهرائين سان هن خوش آمديد چئجي ٿو اوهان جو اچڻ اسان لاء باعث مسرت آهي ،اوهان جي قرب ،محبت ۾ هي فورم ۽ ان جا ساٿي ضرور لاڀ حاصل ڪندا ،اميد ته پنهجي هن درد وندي ڌرتي ٿيندڙ ستم کي وائکو ڪندا آهن پنهجي احساسن سان اسان کي به جاڳرتا عطا ڪندا جيئن اسان پنهجي زندگي کي ڪو دڳ ڏئي سگهون ، الله پاڪ اوهان کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکندو،اوهان دنيا و آخرت جي ڪاميابي ماڻيندو،انشاءالله
ادا عبدالرزاق دل جي گهرائين سان توهان کي هن سنڌ جي پياري اًّڱڻ تي ڀليڪار ڀليڪار ٿا ڪيون اُميد آهي ته توهان پنهنجي قيمتي وقت مان هن فورم لا ڪجهه وقت ڪڍي اسان تائين ڪي ڳالهيون شيئر ڪندا الله پاڪ اوهان کي هميشه سلامت آباد رکي الله جي امان ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
پيارا ڀاء رزاق عاصي اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي سچل ڳوٺ کان سليمان وساڻ جو سلام ۽ ڀليڪارسنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم، سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي ترقي لاء ڪوشان ۽ ساڳي ئي سٿ ۾ اوهان جي شامل ٿيڻ تي سرهائي ٿي۔اوهان لاء نيڪ خواهشون ۽ اها اميد ته اوهان پنهنجي احساسن، لکڻين ۽ خيالن کان واقف ڪندا رهندا۔ معصوم سنڌي جون مهربانيون جو دوستن کي اسان سان ملائيندو رهي ٿو۔
بيشڪ رزاق عاصي سائين : ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي مان جوئي آهيان سوئي آهيان ، توهان کي دل جي گهرائين سان سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ جو ڀيرو ڀرڻ تي ڀليڪار خوش آمديد اميد ته سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي پنهنجو سمجهندي پنهنجون لکڻيون ۽ پنهنجون صلاحيتون سنڌي قوم لاءِ هتان کان وقف ڪندا ۔
ادا رزاق عاصي اسلام عليڪم!توهانجي تعارف ڪرائڻ جو انداز ٻين سڀني نوان ميمبرن کان مختلف ۽ اوهان جي ذهن جي زرخيزي، پنهنجن لاء فڪر۽ لڳاء جو مڪمل اڀياس ظاهر ڪري ٿو۔ توهان جو تعلق شاعري ۽ادب سان آهي۔ شاعر ؤ اديب پنهنجي اندر جا احساسات مختلف ڪهاڻين ۽ شاعري جي روپ ۾ هن دنيا جي ڪينئوس تي ظاهر ڪندا آهن ۔جن کي پڙهڻيندڙ هر ذي شعور انسان ان ليک ۽ شاعري ۾ پنهنجو عڪس ڏسندو آهي۔توهان جو هن اڱڻ جو ڀاتي ٿيڻ تي اسان سڀ ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا
محترم رزاق عاصي صاحب اوهان کي دل جي گهرائين سان هن خوش آمديد چئجي ٿو هن اڱڻ جو ڀاتي ٿيڻ تي اسان سڀ ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون