ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
مِرگي (Seizures, Epilepsy) هڪ خطرناڪ پر قابلِ علاج مرض آهي۔ هي هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ مريض کي بار بار اوچتا جهٽڪا ايندا آهن۔هي مرض عام طرح سان 5 کان 20 سالن جي وچ ۾ ٿيندو آهي پر اهو لازمي نه آهي۔ مِرگي جا جهٽڪا ڪنهن به عمر ۾ ٿا سگهن ٿا۔هن بيماري جون علامتون هن ريت آهن۔
- هوش حواس جو گهٽجي وڃڻ۔
- وات مان گهِگهه وهڻ۔
- اکيون هڪ جاء تي بيهي وڃڻ۔
- هٿن پيرن ۾ ڏڪڻي يا اوچتا جهٽڪا۔
- پيشاب يا پاخاني جو خودبخود نڪري اچڻ۔
- ڊگهي مدت تائين بيهوشي۔
عام صحتمند انسان جو دماغ ڪيترن ئي پاڻ ۾ جُڙيل نيورانس (Neurons) جو ٺهيل ٿئي ٿو۔ جن ۾ هر وقت ڪرنٽ وانگر سگنل سفر ڪندا رهن ٿا۔ انهن سگنلس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء الله تعاليٰ ڪيترائي سسٽمس (Systems) رکيا آهن۔ مِرگي ٿيڻ جو سبب انهن سسٽمس ۾ گڙٻڙ يا خرابي ٿيڻ آهي۔ اِها خرابي ڪيترن ئي سببن جي ڪري ٿي سگهي ٿي۔ ڪجهه اهم سبب هي آهن۔
- جينز (Genes) ۾ خرابي۔
- دماغ جا انفيڪشن (Encephalitis, Meningitis)۔
- مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ۔
- دماغ کي رت جي سپلاء گهٽجي وڃڻ۔
- جسم مان گهڻو رت وهڻ۔
- دماغ ۾ هڪ يا وڌيڪ ڳوڙهيون (Tumors) هجڻ۔
- دماغ ۾ پاڻي يا گند (Puss) ڀرجي وڃڻ۔
- دماغ جي ٽي بي (Tuberculosis)۔
- جسم ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي ٿي وڃڻ۔
- جسم مان گلوڪوز گهٽجي وڃڻ۔
هلندڙ۔۔۔۔۔