مِرگي (Seizures, Epilepsy) هڪ خطرناڪ پر قابلِ علاج مرض آهي۔ هي هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ مريض کي بار بار اوچتا جهٽڪا ايندا آهن۔هي مرض عام طرح سان 5 کان 20 سالن جي وچ ۾ ٿيندو آهي پر اهو لازمي نه آهي۔ مِرگي جا جهٽڪا ڪنهن به عمر ۾ ٿا سگهن ٿا۔هن بيماري جون علامتون هن ريت آهن۔
هوش حواس جو گهٽجي وڃڻ۔
وات مان گهِگهه وهڻ۔
اکيون هڪ جاء تي بيهي وڃڻ۔
هٿن پيرن ۾ ڏڪڻي يا اوچتا جهٽڪا۔
پيشاب يا پاخاني جو خودبخود نڪري اچڻ۔
ڊگهي مدت تائين بيهوشي۔
مِرگي ڇو ٿيندي آهي۔۔؟ عام صحتمند انسان جو دماغ ڪيترن ئي پاڻ ۾ جُڙيل نيورانس (Neurons) جو ٺهيل ٿئي ٿو۔ جن ۾ هر وقت ڪرنٽ وانگر سگنل سفر ڪندا رهن ٿا۔ انهن سگنلس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء الله تعاليٰ ڪيترائي سسٽمس (Systems) رکيا آهن۔ مِرگي ٿيڻ جو سبب انهن سسٽمس ۾ گڙٻڙ يا خرابي ٿيڻ آهي۔ اِها خرابي ڪيترن ئي سببن جي ڪري ٿي سگهي ٿي۔ ڪجهه اهم سبب هي آهن۔
جينز (Genes) ۾ خرابي۔
دماغ جا انفيڪشن (Encephalitis, Meningitis)۔
مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ۔
دماغ کي رت جي سپلاء گهٽجي وڃڻ۔
جسم مان گهڻو رت وهڻ۔
دماغ ۾ هڪ يا وڌيڪ ڳوڙهيون (Tumors) هجڻ۔
دماغ ۾ پاڻي يا گند (Puss) ڀرجي وڃڻ۔
دماغ جي ٽي بي (Tuberculosis)۔
جسم ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي ٿي وڃڻ۔
جسم مان گلوڪوز گهٽجي وڃڻ۔
مختلف دائون به مِرگي جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿيون۔ خاص طور تي ننڊ ڏياريندڙ گوريون، ٽي بي جون دوائون، مختلف اينٽي بايوٽڪس (پينسلين، ڪوئينولون گروپ) وغيره۔ دستن ۾ استعمال ٿيندڙ عام دوا "فليجل"به مرگي جو مرض ڏئي سگهي ٿي يا وڌائي سگهي ٿي۔ اسان وٽ اڄ ڪلهه ڪافي دوائون پنهنجي مرضي سان يا ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر جي مرضي کانسواء استعمال ٿي رهيون آهن۔ اِهو استعمال ڪڏهن ڪڏهن گهڻو خطرناڪ به ٿي سگهي ٿو۔ ان کان علاوه شراب جو گهڻو استعمال به مِرگي جو هڪ اهم ڪارڻ آهي۔
هلندڙ۔۔۔۔۔
مرگي جا قسم:
مرگي جا ڪيترائي قسم آهن پر عام طرح هن کي ٻن اهم قسمن ۾ ورهايو وڃي ٿو. 1. پارشل سيزر (Partial Seizure)
هن ۾ دماغ جي ڪنهن ننڍي حصي ۾ خرابي ٿي ويندي آهي۔ دورا جسم جي ڪنهن هڪ حصي ۾ ٿيندا آهن۔۔مثال طور هڪ هٿ، هڪ پير يا جسم جو صرف هڪ پاسو۔ 2۔جنرلائيزڊ سيزر (Generalized Seizure)
هن ۾ دماغ جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ حصا خراب ٿي ويندا آهن۔مرگي جا دورا سڄي جسم ۾ پوندا آهن۔ دورا ڪڏهن پوندا آهن۔۔؟
مريض ۾ دورا پوڻ جا امڪان هيٺين ڳالهين جي ڪري وڌي ويندا آهن۔
اگر جهٽڪا 5 منٽن کان وڌيڪ پون ته مريض کي فورن ويجهي ميڊيڪل ايمرجنسي سينٽر تي کڻي وڃڻ گهرجي۔
مريض جي زبان ڏندن جي وچ ۾ اچڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪجي۔ ان جي لاء ڪو ڪپڙي جو ٽڪرو، رومال وغيره وات ۾ وجهي ڇڏجي۔
اگر ڪمرو بند آهي يا ٻوسٽ آهي ته مريض کي کُلي هوا ۾ ليٽائيجي۔
پرهيز:
جيستائين دورن تي سٺو ڪنٽرول نه ٿي وڃي مريض کي زمين کان مٿاهين جاين، خطرناڪ مشينن ۽ باهه وارن ڪمن ڪارين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔
مريض جي وهنجڻ لاء پاڻي نه گهڻو گرم هجي ۽ نه گهڻو ٿڌو۔ ان کان علاوه مريض کي وهنجڻ دوران دروازو لاڪ ڪرڻ نه گهرجي۔
سائيڪل هلائڻ يا ترڻ کان مريض کي مڪمل پرهيز ڪرڻ گهرجي۔ ان وقت تائين جڏهن 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو بنا ڪنهن اٽيڪ جي گذري ويو هجي۔ ان کان علاوه مريض اڪيلو اهي ڪم نه ڪري۔
مريض لا هر اهو ڪم جنهن ۾ هوش حواس وڃڻ جي صورت ۾ نقصان پهچي سگهي ٿو سخت منع آهي۔
مرگي جي بيماري مريض ۽ سندس عزيزن کي وضاحت سان سمجهائجي ته جيئن اهي هر ممڪن طرقي سان هن بيماري جي دورن کان ۽ اگر دورو پوي ته ان جي نقصانن کان بچي سگهن۔ ڪيترائي ماڻهو مِرگي واري مريض کي احساس ڪمتري محسوس ڪرائيندا آهن۔ اهو هڪ غير اخلاقي عمل آهي۔ هي هڪ قابل علاج مرض آهي۔ درست دوائون وٺڻ سان هن بيماري تي 80% يا ان کان به وڌيڪ سٺو ۽ مڪمل ڪنٽرول ڪاميابي سان ڪري سگهجي ٿو۔