• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏنا ووٽ ڏاڍا، اسان کي مليو ڇا؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سکيو ۽ ستابو ڪو سنڌي ٿيو ڇا؟
ڏنا ووٽ ڏاڍا، اسان کي مليو ڇا؟

گذاريا اسان سال پنج آسرن تي،
ڀلا خيال ڪنهن کي اسان جو ٿيو ڇا؟

ڌڪن ۽ ٿڏن ۾، اميرن جي آهيون
ڪو دستور سائين، اسان لاءِ مٽيو ڇا؟

بجٽ پاس هر هر ٿي روڊن جي خاطر
مگر روڊ رستو هتي ڪو ٺهيو ڇا؟

بکن ۽ ڏکن تي هريل هاڻي آهيون
اسان لاءِ ڀاڳن جو در ڪو کليو ڇا؟

وٺي ووٽ غائب ٿي ويو ايئن وڏيرو!
گم ٿي وڃڻ جو، ڪو جادو هُيو ڇا؟

ٻڌئي مست هاڻي، ڪيا ڪنهن هي سڏڙا
وري ووٽ خاطر، وڏيرو ڀُليو ڇا؟
 
سکيو ۽ ستابو ڪو سنڌي ٿيو ڇا؟​
ڏنا ووٽ ڏاڍا، اسان کي مليو ڇا؟​
گذاريا اسان سال پنج آسرن تي،​
ڀلا خيال ڪنهن کي اسان جو ٿيو ڇا؟​
مست جو آواز اسان سڀني سنڌين جو آواز ۔۔۔ مست جا سوال ۽ احساس اسان سڀني جي دلين جي نمائندگي ٿا ڪن ۔۔۔​
 
شاعري اها ئي دِل ۾ گهر ڪندي آ جيڪا حقيقت جي قريب تر هجي، احساسن کي نمايان ڪري ۽ عام انسان جي اندر جي صحيح ترجماني ڪري۔۔۔
ادا مست۔۔توهان جي شاعري ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن۔۔۔تمام بهترين لکيو اٿوَ۔۔۔ماشاالله۔۔
اڄ هڪ دفعو ٻيهر دوکي ۽ فريب سان اٻوجهه سنڌين کي جنت جا باغ ڏيکاري يا ڊيڄاري، ڌمڪائي ۽ پيسي جي جهلڪ ڏيکاري ووٽ جي دڪانداري ڪئي پئي وڃي۔۔
هر چمڪندڙ شي سون ناهي هوندي۔۔افسوس اسان جا معصوم ماروئڙا انهن سياسي فنڪارن جي جادوگري ۾ اچي ٻيهر پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ لا تيار ويٺا آهن۔۔۔:(o_O:confused:
 
ادا مست جي شاعري بلڪل حقيقت جي عڪاسي ئي ڪندي آھي، سندن جي شاعري الاھي عرصي کان بعد پڙھي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاندار مست شاندار
 
نا اميد نه ٿيو حقيقت ۾ هي ئي وقت آهي جنهن ۾ اسان ڏسون پيا ته وڏيرو ٽٽي ٿو پيو يقينن هڪ ڌڪ سان ته هي ٿلهو متارو وڻ نه ڪرندو پر جي اسان پنهنجي حق جو استعمال ڪندا رهيا سين ته يقينن هي وڻ ڪري پوندو ۔
وسلام
 
Back
Top