1۔ ڇا اهو ممڪن آهي ته لئپٽاپ يا موبائيل جي ڪئميرا ڊيسڪٽاپ پي سي لاءِ استعمال ڪجي؟ مطلب ته اسڪائيپ وغيره لاءِ ڊيسڪٽاپ استعمال ڪندي موبائيل يا لئپٽاپ جي ڪئميرا کي استعمال ڪندي وڊيو ڳالهه ٻولهه ڪجي؟ 2۔ فائر فاڪس ۾ ويبسائيٽ تي ايندڙ گف اميجز وارا اشتهار ڪيئن بند ڪجن؟ جڏهن ته اهو پيج به کولڻ لازمي هُجي ۽ اڻ وڻندڙ اشتهار به نه ڏِسڻا هُجن؟ پر ڪنهن هڪ خاص ويبسائيٽ لاءِ۔ هونئن ته ٽولز ۾ آپشن ۾ وڃي هيٺ ڏيکاريل باڪس ۾ اهو آپشن ان چيڪ ڪرڻ سان مسئلو حل ٿئي ٿو پر سڀني ويبسائيٽ لاءِ۔ پر کپي مخصوص ويبسائيٽ لاءِ۔ مثال طور ايڪسٽرا ٽورينٽ وغيره۔ 2610 اٽيچمينٽ ڏسو
جيئن ته جمع جي نماز جو وقت ويجهو ٿي ويو آهي ان ڪري توهان جي پهرئين سوال جو جواب بعد ۾ تفصيل سان ڏيندس۔۔ في الحال ٻئي نسبتن آسان سوال جو جواب ڏجي ٿو۔۔۔ جي ها توهان ڪنهن خاص سائيٽ لاءِ اميجز بلاڪ ڪري سگهو ٿا۔۔ ان لاءِ سڀ کان پهريان فائرفاڪس بٽڻ تي ڪلڪ ڪري آپشن يا وري ٽولز مينو تي ڪلڪ ڪري آپشن ونڊوز کوليو۔۔۔ جتان Content ٽيب کوليو هتان Load images automatically تي چيڪ لڳايو۔۔۔ هاڻي سامهون موجود بٽڻ Exceptions تي ڪلڪ ڪريو۔۔ کلندڙ ونڊزو منجهان جنهن سائيٽ جا اميجز بلاڪ ڪرڻان آهن ان جو يو آر ايل لکي بلاڪ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
توهان جي پهرين سوال بابت جواب ڏيندي ڪافي سوال ذهن ۾ اچن ٿا۔۔ خير جيتري قدر توهان جي موبائيل ڪيمرا کي ويب طور استعمال ڪرڻ جو تعلق آهي ته اهو ممڪن آهي۔۔ ڪافي موبائيل آپريٽنگ سسٽم ان ڳالهه جي اجازت ڏيندا آهن۔۔ ۽ موبائيل کي جڏهن ڪمپيوٽر سان منسلڪ ڪبو آهي ته ان وقت توهان کان پڇيو ويندو آهي ته ڇا توهان ڪيمرا کي ويب ڪيم طور استعمال ڪرڻ گهرو ٿا۔۔ اوڪي ڪرڻ سان توهان موبائيل ڪيمرا کي ويب ڪيم طور استعمال ڪندا۔۔۔ وڌيڪ تفصيلي جواب ڏيڻ لاءِ توهان کي پنهنجي موبائيل جو ماڊل ٻڌائڻو پوندو۔۔۔ ليپٽاپ جي ويب ڪيم استعمال ڪرڻ لاءِ توهان ڪو اهڙو نظام ٺاهڻو پوندو جنهن ذريعي ٻنهي ڪمپيوٽرس جو پاڻ رابطو ٿي سگهي۔۔۔ ان جو بهتر طريقو لين ڪنيڪٽوٽي آهي۔۔ ٻي صورت ۾ ٻنهي ڪمپيوٽرس جو انٽرنيٽ تي هجڻ ضروري آهي۔۔ ان کانپوءِ توهان ونڊوز جي بلٽ ان سافٽويئر يوٽيليٽي ۔۔۔ ريموٽ ڊيسڪٽاپ ڪنيڪشن استعمال ڪندي ليپٽاپ کي مڪمل طور استعمال ڪري سگهو ٿا جنهن ۾ ويب ڪيم کان وٺي سمورا سافٽويئر۔۔۔ ان لاء اوهان گلوبلي ڪهڙي به جاءِ تي هجو۔۔ خاص طور آفيس ۾ ويهي پنهنجي گهر جي ليپٽاپ جي ويب ڪيم ذريعي توهان گهر ۾ ٿيندڙ ايڪٽوٽيز کي پڻ ڏسي سگهو ٿا۔۔ جي توهان وٽ ڪجهه وقت هجي ته وڌيڪ تفصيل لاءِ هنن ٻن دوستن جا ڊگها حوال وڊيو جي صورت ۾ ڏسو۔۔۔ جيڪڏهن ڳالهه وري به سمجهه ۾ نه اچي ته مارڪيٽ مان ويب ڪيم وٺي اچو جيڪا ايتري مهانگي به ناهي رڳو 500 روپين ۾ ئي ٺاهوڪي مليو وڃي۔۔۔ ۽ جي اهي پيسا خرچ ڪرڻ فضول لڳن ته ادا عرس پريو سان رابطو ڪريو۔۔۔ ان وٽ کوڙ شيون فضول پيون هونديون آهن۔۔