• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرد به مظلوم کائي مار ٿو ...

نثارابڙو

نائب منتظم
img.php

سعودي عرب جي شهر جده ۾ هر مهيني لڳ ڀڳ 145 زالون پنهنجن مڙسن کي مار ڏينديون آهن. اِها ڳالهه سعودي عرب جي اخبار عرب نيوز جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻائي وئي آهي.​
رپورٽ ۾ جده پوليس پاران ڏنل انگن اکرن جو حوالو پيش ڪيو ويو آهي. سعودي هيومن رائٽس ڪميشن جي ميمبر فتايه القريش عرب نيوز کي ٻڌايو ته اهڙين عورتن جو انگ وڌندو پيو وڃي جيڪي پنهنجن مڙسن کي مار ڏينديون آهن. هن ٻڌايو ته هر معاملي ۾ ائين ناهي ٿيندو پر هن جا ڪيترا ئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.​
هي ليک ارپيان ٿو سنڌ سلامت جي مظلوم دوستن کي؛​
 
هاهاهاها ۔۔۔ يار عربن وٽ به اهو ٿئي پيو ۔۔۔۔

سائين نثار جي نظر به بهترين خبرن تي رهندي آهي۔
 
چاچا ڪريم چانڊيو کي تنظيم جي نئين سر جوڙ جڪ ڪرڻي پئجي وئي۔ هاڻي اها انٽرنيشنل ٿي وئي۔ عرب سڳورا به انهي جا ميمبر ٿيندا۔
 
مظلوم مردن جي نانءُ
هٿ ۾ کڻي هٿيار قلم جا
گلڙن جھڙا هي معصوم۔۔
هڪ آواز جڏهن ٿي ويندا
دنيا کي ٿيندو معلوم۔۔۔۔
پورو ٿيندو منهنجو خواب۔۔
آڻيندا هي انقلاب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
يا الله مظلوم مردن تي رحم فرماء
 
زال کي چماٽ هڻندي مڙس چيو۔۔۔: ”ماڻهون ان کي ماريندو آهي۔۔۔ جنهن سان پيار ڪندو آهي۔۔۔“
اهو ٻڌي زال۔۔۔ مڙس کي ٻه چماٽون، چار لتون ۽ ڏهه ٻارنهن مڪون هڻندي چيو۔۔۔ :”تون ڇا ٿو سمجهين ۔۔۔۔ مان توسان پيار نه ٿي ڪريان۔۔۔؟؟“ ;)
 
Back
Top