اسلام عليڪم.. دوستو هتي ڪافي دوستن کي مدد ۽ صحيح سمجهاڻي جي ضرورت پوندي آهي ۽ انهن کي سمجھائڻ لاءِ سڀئي دوست بهترين ڪردار ادا ڪندا آهن پر پوءِ به ڪجھه ڳالهيون رهجي وينديون آهن،،،پر ڪو ويڊيو ڏسندا آهيون ته ڳالهه وڌيڪ واضح ٿي ويندي آهي،،، پوءِ ڇو نه هڪ سافٽويئر استعمال ڪجي ۽ سنڌي ۾ پنهنجي آواز ۾ ئي ويڊيو ٽٽوريل ٺاهجن ۽ انهن کي يوٽيوب تي اپلوڊ ڪجي،، جيئن سڀئي سنڌي دوست ان مان سهڻي نموني فائدو حاصل ڪن.......۽ يوٽيوب تي ڳولهڻ مهل ڪي سنڌي ۾ ٽٽوريئل به نظر اچن،، ۽ ڪافي دوستن کي شايد هن جي خبر نه هجي،،، پوءِ بس هي سافٽويئر Camstudio ڊائونلوڊ ڪريو، ويڊيو ٺاهيو، يوٽيوب تي اپلوڊ ڪريو ۽ شيئر ڪريو.... ڊائونلوڊ ڪريو وڌيڪ معلومات لاءِ هن لنڪ تي وڃو http://www.lupopensuite.com/index.htm
جواب: پنهنجا ويڊيو ٽٽوريئل ٺاهيو... لاجواب ونڊ آهي ادا هاڻي مون کي ياد پيو اچي ته سائين رحيم بخش به مون کان اهڙو سافٽ ويئر گهريو هو پر هل ڙي مصروفيت .... مهرباني ادا بهترين سافٽ ويئر آهي سدائين گڏ
جواب: پنهنجا ويڊيو ٽٽوريئل ٺاهيو... فقير سائين اها به اوهان جي مهرباني جو اڄ تائين به اوهان کي اسان جو عرض ياد ته آهي ۔ ادا زاهد پيارا اوهان جي مهرباني جو اوهان اسان جي ديرينه خواهش پوري ڪري ڇڏي۔
جواب: پنهنجا ويڊيو ٽٽوريئل ٺاهيو... السلام عليڪم ادا مهرباني ادا انشاءالله آئنده سنڌي ٽيوٽريل جو سلسلو جلد شروع ڪنداسين۔۔۔۔