رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڪُفر جا ڪم جي عشق سيکاري ته پوءِ ڇا ڪريان ؟
مندر ۽ ڪليسا ۾ ويهاري ته پوءِ ڇا ڪريان ؟
بيشڪ شراب پيئڻ حد کان حرام آهي ، پر جي
ڪو حَسِين پنهنجي هٿن سان پياري ته پوءِ ڇا ڪريان ؟
بد نظر سان بخاري گهُوري ڏسڻ آهي گناهُ
پر جي ڪو اچي نماڻو نهاري ته پوءِ ڇا ڪريان ؟
استاد بخاري