11 مئي اياز لطيف پليجو جي جيت سموري سنڌي قوم جي جيت هوندي فيصلو قاسم آباد جي عوام تي آ۔۔۔۔!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2013۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    11 مئي اياز لطيف پليجو جي جيت سموري سنڌي قوم جي جيت هوندي فيصلو قاسم آباد جي عوام تي آ۔۔۔۔!


    سنڌ مان ڪارونجهر کان ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر ڪشمور تائين سنڌ جي حقن لا هن شينهن جون گجگوڙون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن
    سنڌ جي محبت جو آواز کڻي هن سنڌ جي حقن لا اسلام آباد ۾ به ڌرڻا هنيا۔
    ڪراچي ۾ محبت سنڌ ريلي ۾ گولين جي برسات ۾اڳيان اڳيان هلندو رهيو، صحافين ۽ پارٽي ڪارڪنن گهڻيون منٿون ڪيون ته سائين ريلي کي هاڻ ختم ڪريو توهان جي زندگي کي خطرو آهي۔ هن شينهن هڪ ئي جواب ڏنوته ” زندگي ۾ ايئن مرڻ کان چًگو آهي ته ڌرتي خاطر شهيد ٿي مرون پر پو ڪارڪنن کيس گهيري ۾ به آندو پر هي جوان هلندو رهيو نيٺ ريلي پڄاڻي ته پهچائي دم ورتو۔ پر هن کي پو به جپ ڪان آئي هن سنڌ جي ضدي جوان وري 15 جولا تي شهيدن جو چاليهي جو جلسو قلم 144 هئڻ باوجود لياري ۾ فوج ۽ پوليس جون رنڊڪون ٽوڙي لياري جي جلسي گاه پهچي ويو۔۔۔۽ جلسو ڪامياب ڪري ڏيکاريو۔۔
    اسان ڪنهن ٻي پارٽي جا نه بلڪ هڪ نيوٽل سنڌي جي حيثيت ۾ اياز پليجو جي شخصيت تي نطر وجهنداسين ته هي شفاف نظر ايندو۔۔۔
    اياز پليجو پنهنجي عظيم پي رسول بخش پليجو ۽ عظيم ما ( جنهن کي اسان سڀ سنڌي جيجي سڏيون ٿا) جيجي زرينه بلوچ جو عظيم پٽ آهي۔
    رسول بخش پليجو جي شخصيت ڪنهن به سنڌي کان ڳجهي ناهي، هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خاطر ۽ ضيا مارشلا لا خلاف 7 سال ڪوٽ لکپت ۽ ٻين جيلن ۾گهاريا۔۽ سنڌي ادب کي ڪيترائي شاهڪار ڪتاب ڏنا ۔سنڌ ۾ جيجي زرينه بلوچ ۽ اياز لطيف جي ڀيڻ اختر بلوچ اهي عظيم عورتون هيون جيڪي سڀ کان پهرين عورت جي حيثيت ۾ سنڌ جي حقن لا روڊن تي نڪتيون۔۔
    اسان جو قومي فرض بنجي ٿو ته هن سنڌ جي ذهين ۽ دلير آواز کي ووٽ جي طاقت سان اسيمبلي ۾پهچايون، هونئن اسان سڀ چونداسين ته اسان جو دعائون اياز سان گڏ آهن ته ڪامياب ٿي ايندو، هر سنڌي اياز جي ڪاميابي جي خواهش رکي ٿو، پر اها صرف چپن تائين محدود هوندي آهي ۔دعائن کان بهتر اهو ناهي ته اسان هن مهم ۾ اياز جو هٿ ونڊايون ورڪ ڪيون۔

    اگر توهان چاهيو ٿا هن جو گجگوڙون ايوان ۾ مستي سان گونجن ، هن جي گجگوڙن کان ڪراچي جا لساني سنڌ دشمن گدڙ سنڌين جو رت چوسيندڙ هن جي گجگوڙن جي دهشت ڏسي بند ڪمرن تائين محدود ٿي ويندا ۔ ۽ سنڌ جي وارث کي ايوان ۾ ڏسي ڪا به سنڌ دشمن ڳالهه ڪرڻ کان به 100 دفعا سوچيندا۔۔۔اسان ديشي ڀائرن جو منشور ڀلين اليڪشن لڙڻ ناهي پر اهي ڀلي آزادي وارو مورچو سنڀالين پر هي مورچو به سنڌ جي اصل وارثن کان خالي نه رهڻ کپي اسان جا باشعور ڀائر سمجهن ٿا ته پ پ جا غدار اسان شهيدن ته ٺهيو پر شهيد بينظير جي خون سان به انصاف ڪري نه سگهيان آهن صرف هي جوان اسان جي شهيدن بشير خان قريشي، مظفر ڀٽو، رپلو چولياڻي، قربان کهاوڙ مرتضي ڀٽو ، غزاله بتول صديقي، ستار انڙ، شهادت جروار ، مالڪ نوحاڻي ٻين شهيدن جي خون جو حساب وٺڻ لا ٻيو ڪجهه نه به سهي پر ايوانن ۾ آواز اٿاري سگهي ٿو۔

    آر_بي جوڻيجو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!



    2614 اٽيچمينٽ ڏسو 2615 اٽيچمينٽ ڏسو 2616 اٽيچمينٽ ڏسو 2617 اٽيچمينٽ ڏسو 2618 اٽيچمينٽ ڏسو 2619 اٽيچمينٽ ڏسو 2620 اٽيچمينٽ ڏسو 2621 اٽيچمينٽ ڏسو 2622 اٽيچمينٽ ڏسو 2623 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اسان جي خواهش آهي ته اياز لطيف پليجو اقدار جي ايونن ۾ پهچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    قومي عوامي تحريڪ ۽ ننگر پارڪر جي ماضي ۾ ٿيل اليڪشن ۾ پوزيشن
    2001 جي بلدياتي اليڪشن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان تعلقي ننگرپارڪر مان ٻه يوسيز ننگرپارڪر ۽ پيٿاپور ۾ پ پ ۽ ارباب گروپ جي ڪروڙ پتي وڏيرن کي شڪست ڏيئي ننگر جا اصل وارث جهوپڙين ۾ رهندڙ ڪولهي ۽ ميگهواڙ يوسي ناظم بڻيا بعد انهن ئي وڏيرن انهن ناظمن کي خريد ڪري ورتو۔
    2002 وارن عام چونڊن ۾ عوامي تحريڪ اليڪشن ۾ حصو نه ورتو۔۔
    2005 جي اليڪشن ۾ به ساڳييون ٻه يوسيز کٽيون ۽ پنهنجا ناظم بڻايا 2005 واري اليڪشن ۾ يوسي هاڙهو، ستيڏيرا، تگوسر مان به عوامي تحريڪ جا ڪجهه ڪائونسلر چونڊجي آيا جنهن ڪري عوامي تحريڪ تعلقي ننگر ۾ سيڪنڊ قوت طور اڀري آئي انهي ۾ بئي نمبر تي اچڻ ڪري عوامي تحريڪ جو مگهن لال ڪولهي تعلقي جو نائب ناظم بڻيو بعد ۾وري به نائب ناظم کي تر جي وڏيرن خريد ڪري پنهنجي پاسي ڪري ورتو۔۔
    2008 جي عام چونڊن ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ اي پي ڊي ايم جي اتحاد مشرف جي نگارني ۾ ٿيندڙ اليڪشن جو بائڪاٽ ڪيو۔۔
    2013 واري اليڪشن جو نتيجو ننگرپارڪر جو عوام سڀاڻي ڏيندو پهريون دفعو قومي عوامي تحريڪ عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آ وسند ٿري اميداوار آهي جنهن جا ڪاميابي لا سمورو ٿر پرعزم آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    سموري سنڌ جون نظرون “پي ايس 47” قاسم آباد تڪ تي کتل، اياز لطيف پليجو ميدان ۾ ـ
    رائيزنگ سنڌ اليڪشن الرٽ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو