• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مليو پائي ڀاڪر آ تَر جو وڏيرو، ا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
943665_10151398408738693_712033216_n.jpg


مليو پائي ڀاڪر آ تَر جو وڏيرو،
چيائين ڏجان ووٽ وري هڪڙو ڀيرو،
لٿو نيٺ ويگو تان ۽ هيٺ ويٺو
تڏو منهنجو آهي توڙي ڏاڍو ميرو.
مليو ايڏي چاهت ڪري هيل مون سان
لڳي پيو اسان کي آهي يار گهرو
پڙهي فاتحه پيو هُو منهنجي ابَي جي،
ابي دانهن ڪئي مان اڃان آهيان جيئرو،
ڪري ٿوڙي تقرير آخر چيائين
ڏيو ووٽ مون کي، آڻيندس سويرو،
ڏنو آسرو مون به ڏاڍو قسم سان،
ٻڌي آسرو مَس،، اٿيو پنج سيرو..
وٺي ووٽ ويندين، وري ڪينَ لڀندين
چيو مستَ لڀندو، نه تنهنجو ڪو پيرو،
 
Back
Top