امدادي فوج جي عملدار چيو ته ملبي مان زنده نڪرندڙ عورت ريشما بيگم هڪ پائيپ جي مدد سان ملبي کي هٽائي رهي هئي۔۔ آواز ٻڌي جڏهن امدادي ڪارڪن ويجهو پهتا ته عورت هيڻي آواز ۾ چيو۔۔۔”سر منهنجي مدد ڪريو۔۔۔“ زنده بچي ويندڙ عورت ريشما بيگم چيو ته ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ جيڪي ساٿي مري چڪا هئا انهن جا بسڪٽ ۽ بارش جو پاڻي پي گذارو ڪيو هو۔۔ جڏهن ريشما کي ٻاهر ڪڍيو ويو اتي موجود ماڻهن ۽ امدادي ڪارڪنن جا خوشي ۾ ڳوڙها نڪري آيا۔۔۔ روزنامه ايڪسپريس جي ٿورن سان
اڃان مان ڇو نه چوان ته الله رحمان و رحيم آهي، ايئن سمجهو ته ڄڻ قبر ۾ 17 ڏينهن رهي اها عورت ٻاهر نڪتي هوندي۔۔۔