دوستو هي آهي مني آبدوز جنهن جو ڪمال اهو آهي ته هي ڏسڻ ۾ ته بلڪل ڪنهن ٻيڙي جهڙي آهي پر توهان کي سمنڊ جي اندر جا نظارا اهڙي طرح گهمائيندي جو توهان وار به آلو نه ٿيندو۔۔۔ ڏکڻ ڪوريا ۾ تيار ٿيل هي مني آبدوز جنهن جو نالو اي جي او 450 يا وري پينگوئين مٿان کان 2 خانن ۾ ورهايل آهي۔۔ جڏهن ته ان جي هيٺان هڪ ڪيبن آهي جيڪو پاڻي ۾ لڪي ويندو آهي۔۔ انهي ڪيبن ۾ صرف 2 ماڻهو ويهي سمنڊ جي اندر جو نظارو ڏسي لطف ماڻي سگهن ٿا۔۔۔