قيدي نمبر 650 ڊاڪٽر آفيه صديقي، پاڪستاني پي ايڇ ڊي هولڊر، جنهن کي دنيا جي مختلف ادارن مان نيورولاجي جون 144 اعزازي ڊگريون ۽ سرٽيفيڪٽس مليل آهن، دنيا جي واحد نيورولاجسٽ آهي جنهن کي هاروارڊ يونيورسٽي مان اعزازي پي ايڇ ڊي مليل آهي، ڊاڪٽر عافيه صديقي حافظِ قران، عالمه آهي. آمريڪا ته ڇا پر پوري دنيا ۾ هن جي تعليم جي مد مقابل ڪير به ناهي، اسان جي حڪومت جي مدد سان هن کيFBI وارن پنهنجي ٽن ٻارن سميت، القاعده سان تعلق هجڻ ڪري اغوا ڪيو. ۽ اسان جي حڪومت جي مهربانين جي ڪري هو هن وقت آمريڪي قيدي آهي. هن وقت ذهني، جسماني، غيراخلاقي ۽ جنسي تشدد جي ڪري پنهنجي ياداشت وڃائي ويٺي آهي، ڪٿي آهن دنيا جا مسلمان؟ ڪٿي آهن اسان جي ملڪ جا سياستدان؟ جيڪي هن بيگناهه ذهين ذهن جي مالڪياڻي کي درندن جي قيد مان ٻاهر ڪڍن.
جواب: قيدي نمبر 650 ادا حڪمران بيحس ۽ عوام بيوس هجي ته اهي مسلمان ڀيڻون ايئن ئي غيرن جي ظلم جو نشانو ٿينديون رهنديون۔۔۔