دنيا جي وڏي عمارت دنيا جي سڀ کان وڏي عمارت برج دبئي جنهن جو افتتاح اڄ ٿي چڪو آهي جيڪا اها عمارت دبئي ۾ آهي
جواب: دنيا جي وڏي عمارت ادا گل اوهان جي معلومات جي مهرباني ادا برج دبئي به ڪڏنهن ڏسندا سي ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ٽي وي ۾“ دعا ڪيو
جواب: دنيا جي وڏي عمارت ادا ڪنهن وٽ ان پل جي تصوير هجي ته هن معلومات واري ٿريڊ ۾ ڳنڍي ڇڏي ته معلومات ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿيندو ادا ڪنگ کي اپيل آهي ته يا پُل کڻي هن ۾ رکي جيڪڏهن اهو ممڪن نه ٿئي ته ڪم از ڪم تصوير ته رکي ۔
جواب: دنيا جي وڏي عمارت ادا ٽي وي تي ڇو اسان توهان کي اها افتتاحي سيريمني سنڌ سلامت تي ڏيکاريون۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=ZYott-nICtU
جواب: دنيا جي وڏي عمارت دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته برج دبئي کي برج خليفه پڻ سڏيو ويندو آهي ۔۔۔ هي دنيا جي بلند ترين عمارت آهي جنهنجي ڪم جو آغاز 21 سيپٽمبر 2004 تي ٿيو ۽ اختتام 01 آڪٽوبر 2009 ۾ ٿيو جڏهن ته هن عمارت جو افتتاح ڪالهه رات يعني 4 جنوري 2010 تي ڪيو ويو آهي۔۔۔ هن جي اوچائي 828 ميٽر جيڪا 2717 فٽن جي برابر ٿئي ٿي۔۔۔ وڌيڪ معلومات لاءِ برج دبئي جي آفيشل سائيٽ هتي ڪلڪ ڪري حاصل ڪري وٺو۔۔۔
جواب: دنيا جي وڏي عمارت ادا رحيم بخش اها برجِ نه پر برجُ اٿئي ... ٺاهڻ وارن کي الله حياتي ڏي ڪي اربين ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ اربين ڊالرن جو منافعو ڪمائي .... هاڻ سڪون جي ننڊ ڪري رهيا آهن ... مون دوستن کي پهريان به چيو هو ته دنيا جون قومون ... ستارن تي ڪمند وجهي قومي ڳاٽ اوچو ڪندا وڃن ۽ اسانجي ملڪ جو قصو اهو ئي .... ڪيترا مئا ... ڪيترا زخمي ٿيا ۽ ڪيترو نقصان ٿيو .... هاڻ ته ٻڌي ٻڌي پنجن ڏهن جي مرڻ تي شڪر ڪريون ٿا ته الله خئير ڪيو انگ ڪجهه گهٽ آهي ... واه ڙي رنگي تنهنجا رنگ .... sindhsalamatsaathsal
برج دبئي، جنهن جو نئون نالو ”برج خليفه“ رکيو ويو آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته جڏهن دبئي ۾ بحران پيدا ٿيو ته ابو ظبي جي شيخ 10 بلين جي مدد ڪئي، جنهن ڪري کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس نالي تي هن عمارت جو نالو ’برج دبئي‘ مان مٽائي ’برج خليفه‘ رکيو ويو. برج دبئي / برج خليفه جو افتتاح ٿي چڪو آهي. دوستن لاءِ هتي ڪجهه افتتاحي ويڊيو شيئر ڪريان ٿو. http://www.youtube.com/watch?v=3OZxOT61buo http://www.youtube.com/watch?v=Yuk8bU-B5y4 http://www.youtube.com/watch?v=Al5iNnOo5MA