اليڪشن 2013 اپڊيٽس.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2013۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ايم ڪيو ايم جي پراڻي پاپين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تقريبن سمورن پولنگ اسٽيشن تي پنهنجي پراڻي روش جاري رکي۔ ايتري قدر جو ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشن کي بند ڪري اتي عملي کي نه اچڻ ڏنو ويو ۽ ڪوڙا ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا۔ اليڪشن ڪميشن پڻ اعتراف ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي باري ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي مان 150 کان وڌيڪ شاهديون ۽ شڪايتون مليون آهن۔
    سڀ کان وڌيڪ ڌانڌلين جي شڪايت ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ملڻ جي ڪري ممڪن آهي ته اليڪشن ڪميشن هن ٻن شهرن جي سڀني سيٽن يا وري مخصوص سيٽن تي ٻيهر اليڪشن جو حڪم ڏئي ڇو ته ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي ايم ڪيو ايم جي ظاهر ظهور ڌانڌليءَ جي وڊيوز اچڻ اسان جي ادارن جي سڄي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي آهي۔ انهيءَ ساري عمل دوران فوج بيوس ڏسڻ ۾ آئي۔
    ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم کان علاوه سڀني پارٽين (پي پي پي، تحريڪِ انصاف، ايم ڊبيلو ايم، اي اين پي، جميعت علماءَ اسلام، سني اتحاد ڪائونسل ۽ ٻين) چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته اتي ٻيهر چونڊون ڪيون وينديون۔
    ايم ڪيو ايم جي نبيل گبول شڪست ڏسي لياري مان چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو۔
    شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ ٽرن آئوٽ وڌيڪ رهيو۔
    پي پي پي جي فردوس عاشق اعواڻ بنا ڪنهن شرط جي تحريڪِ انصاف جي حق ۾ هٿ کڻي ورتو۔
    ڪوئٽه ۾ جهوري وطن پارٽي سموري سيٽن تان اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو۔
    ڄامشورو ۾ پرامن ماحول ۾ چونڊون ٿيون۔
    ٽنڊو الهيار ۾ پي ايس 51 ۽ 52 تي پڻ جهيڙي جا اطلاع۔
    خيرپور ۾ هڪ نوجوان ووٽنگ جي قطار ۾ بيهڻ دوران دل جي دوري سبب فوت۔
    ٺري ميرواهه ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب ووٽنگ جو عمل متاثر۔
    گهوٽڪي ۽ اوٻاوڙو ۾ پڻ ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي ڇڪتاڻ

    نوابشاهه ۾ ميونسپل پولنگ اسٽيشن عملي کان بيلٽ پيپر ۽ نتيجن وارا بڪس ڦريا ويا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو