Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
هر ٻار مختلف رفتار سان واڌ ڪري ٿو۔ ڪي ٻار جلد وڏا ٿيندا آهن ته ڪي وري دير سان، اهو هڪ قدرتي عمل آهي۔ پر اسان کي ٻار جي واڌ بابت بنيادي معلومات حاصل ڪرڻ بيحد ضروري آهي ته جيئن ٻار جي بيماري يا خوراڪ جي گهٽتائي کي وقت سر سمجهي سگهون ۽ تُرت علاج ڪري پنهنجي ٻار کي نه صرف ذهني يا جسماني نقص کان بچائي سگهون پران جي صحت ۽ نشونما کي به برقرار رکي سگهون۔
ٻار جي نشونما ۾ ماء جي ٿڃ جو اهم ڪردار آهي۔ خاص طور تي شروعاتي 6 مهينا تمام اهم آهن۔
ماء جي ٿڃ ٻار لاء سڀ کان بهترين خوراڪ آهي۔ انڪري اها ڏينهن ۽ رات ۾ ٻار جيگهرجمطابق ڏيڻ بيحد ضروري آهي۔ ماء جي ٿڃ 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڀيرا ڏيڻ گهرجي۔
نهايت ئي مفيد معلومات ونڊ ڪئي آهي ۔ خاص طور تي اسان جي ڳوٺن ۾ ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ ڇوڪرين کي اهڙي معلومات مهيا ڪرڻ گهرجي ته جئين پنهنجي ٻارڙن جي بهترين نشو نما ڪري سگهن، پر افسوس جو اهڙو ڪو ادارو نه هجڻ جي برابر آهي جيڪا ٻهراڙي ۾ وڃي عورتن کي اهڙي مفيد معلومات بابت آگاهي ڏني وڃي۔
هن عمر ۾ ٻار جو نارمل وزن 10 ڪلو کان 12 ڪلوتائين هئڻ گهرجي۔
ٻار جي هلڻ ۾ وڌيڪ اعتماد ۽ مضبوطي اچي رهي آهي۔ هاڻ توهان جو ٻار ڊوڙي به سگهي ٿو، ڏاڪڻون چڙهڻ ۽ لهڻ سان گڏوگڏ بال کي ڪِڪ به لڳائي سگهي ٿو۔
18 مهينن جي عمر تائين ٻار ڪيترائي لفظ ڳالهائڻ جي قابل ٿيو وڃي۔
24 مهينن ۾ ٻار ننڍا ننڍا جُملا پڻ ڳالهائڻ جي قابل ٿي ويندو آهي۔
ٻار پنهنجي ٻولي جا ڪيترائي لفظ تمام جلد سکي رهيو آهي۔ هو ٻن مخالف سمتن ۾ هلڻ جي قابل به ٿي ويو آهي۔ مثال طور کيس هدايت ڏبي ته سامهون رکيل ڪتاب کڻي اچ ته هو فورن اهو ڪم ڪري سگهي ٿو۔
هن عمر ۾ ٻار کي رنگن جي سڃاڻپ به ٿي رهي آهي۔
هر ڪم پاڻ ڪرڻ جو شوق هن عمر کان شروع ٿيي ٿو۔مثال طور هو غذا پاڻ کائيندو، ڪپڙا پاڻ پائڻ جي ڪوشش ڪندو۔
هن عمر ۾ ٻار کي ٽوائيليٽ وڃڻ ۽ اتي پاخانو ڪرڻ جي عادت سيکارجي۔
ما پي جو ڪردار
ٻار سان سوال جواب ڪندي کيس ٻولي سکڻ جو شوق ڏياريو۔
ٻار کي پارڪ ۽ چڙياگهر ۾ مختلف جانور ڏيکاريو ۽ انهن جا نالا ٻُڌايو۔
ٻار کي اهڙا رانديڪا وٺي ڏيو جيڪي ذهن جي استعمال سان کيڏي سگهجن۔
هيٺيون علامتون نوٽ ڪريو، اگر هڪ به علامت موجود هجي ته فورن ڊاڪٽر سان رجوع ڪندا۔
18 مهينن جي عمر تائين به توهان جو ٻار هلي، ڦري نه سگهي۔
روزانو استعمال ٿيندڙ شيون به سمجهڻ کان قاصر هجي۔
18 مهينن تائين گهٽ ۾ گهٽ 6 لفظ نه ڳالهائي سگهي ۽ 24 مهينن تائين ٻن لفظن وارا جملا نه ڳالهائي سگهي۔
توهان جي ڪنهن به فرمائش تي ڪو عملي قدم نه کڻي سگهي ايتري تائين جو تمام سادي هدايت به پوري نه ڪري سگهي۔