منزل اڃا اڳتي آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    منزل اڃا اڳتي آهي
    اثر امام
    پاڪستاني ماڻهن پنهنجا نمائندا چونڊڻ لاءِ مليل موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجي پنهنجي پسند جي پارٽين ۽ اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ۽ هاڻي اهي روايت موجب گهر وڃي پنجن سالن تائين آرام ڪرڻ چاهين ٿا، جيئن اهي سدائين ڪندا رهيا آهن ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن ٿا ته سندن ڪم بس ايترو آهي ته هو پنجين سال پولنگ اسٽيشن تي وڃن ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڪنهن نه ڪنهن کي ووٽ ڏئي اچن باقي اڳتي انهن چونڊيل نمائندن جو ذمو آهي ته عوام جي فائدي ۾ قانون سازي ڪن، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهن، امن امان قائم رکڻ لاءِ يقيني اپاءُ وٺڻ ۽ ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي معيار کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ وسان نه گهٽائيندا. جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته هن ملڪ جي چونڊيل نمائندن کي يا ته پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين جي خبر ئي ناهي يا وري انهن ڪنهن به دور ۾ پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين نڀائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. ان ڪري هن ڀيري به انهن جا مول متا ۽ منشور يقينن ان جي ابتڙ هوندا جيڪي انهن عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ چونڊن کان اڳ پڌرا ڪيا هئا. تڏهن مون عرض پئي ڪيو ته عوام جو ڪم ختم نه ٿيو آهي نه ئي کيس منزل ملي وئي آهي. بلڪ عوام جو حقيقي ڪم ته شروع ئي هاڻي ٿيو آهي. پنهنجي پسند جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي چونڊڻ ته بس شروعات ئي آهي.
    اميد ڪري سگهجي ٿي ته پاڪستان جا اصل حڪمران ماضيءَ جي تجربن منجهان ضرور ڪجهه نه ڪجهه سکيا هوندا ۽ هن ملڪ جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ جن قدمن کڻڻ جي سچ پچ ضرورت آهي ان طرف ڌيان ڏيندا ۽ سهڪاري رويو رکندا. اها ڳالهه بار بار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته هن ملڪ ۾ جمهوري نظام هلي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته هتان جا سياستدان بدعنوان ۽ نااهل آهن پر سوال هيءُ به آهي ته انهن کي بدعنوان ۽ نااهل نيٺ بڻايو ڪنهن آهي؟ سڀ ڪجهه ڄاڻندي به هر قسم جي بدعنوانيءَ جي ڇوٽ ڏيڻ اڄڪلهه ڏاڍو زبردست سامراجي هٿيار ٿي پيو آهي. توهان ڪنهن ملڪ تي فوجي حملو ڪري راتاهو هڻو يا ان ملڪ جي حڪمراني اهڙن بدعنوان ماڻهن جي حوالي ڪريو جنهن تمام ٿوري وقت ۾ ئي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏين ۽ پوءِ اهو ملڪ ٻاهرين امداد جي وينٽلٽو کانسواءِ هڪ پل به نه هلي سگهي ته منهنجي خيال ۾ پويون عمل وڌيڪ موثر ۽ گهٽ خطرناڪ هوندو. ٻاهريون قوتون ۽ انهن جا مقصد پنهنجي جاءِ تي پر اهڙن نااهل ۽ بدعنوان اڳواڻن کي اندروني طور سگهاري ڌر ڇو ٿي برداشت ڪري؟ بلڪه هٿ وٺي کين اڳتي آندو ٿو وڃي ڇو؟ ڇاڪاڻ ته جيئن ان اندروني طور سگهاري ڌر کي ڪٿان به ڪنهن منظم ۽ موثر مزاحمت جو خطرو نه رهي.
    سو چون ٿا ته هن ملڪ ۾ جيستائين سياستدان قابليت جو اظهار ڪن ان وقت تائين کين اقتداري ايوانن کان پري رکيو وڃي ۽ حڪومت وغيره پر ڇا هيءُ دور اهڙين اٽڪلبازين جي لاءِ موزون آهي؟ جيتوڻيڪ اهڙي امڪان کي مڪمل طور رد نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف دنيا ۾ صديون پراڻيون سرمائيدار جمهوريتون موجود آهن، دنيا اشتراڪي روس جو تجربو به ڪري چڪي آهي ته ٻئي پاسي وچ اوڀر جي عرب رياستن ۾ شهزادا به موجون ماڻي رهيا آهن، جن کان آمريڪا وقتن تي اڇي پني تي آڱوٺا هڻائيندو رهي ٿو اهو ئي سبب آهي جو اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي کان فلسطين سڙي رهيو آهي، عراق، ليبيا ۽ هاڻي شام ۾ سامراجي ڪاسائي ماڻهن کي ذبح ڪري رهيا آهن پر انهن شهزادن کي ٻيو ته ٺهيو قومي غيرت جي ڇهنڊڙي به نه ٿي لڳي، کين جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جي ڳڻتي آهي ته اهو انگور جو رس ۽ ڪنهن ريت شريعت جي ڪمزوري جو فائدو وٺندي پنهنجي پنهنجي حرم ۾ اضافو ڪرڻ جي ڳڻتي ئي آهي، سو هتي به جيڪڏهن عالمي سامراجي مفادن جي تحفظ جو سوال هجي ته ڪنهن نه ڪنهن ضياءَ الحق يا امير المومنين جي پٺي ٺپڻ ۾ شرم محسوس نه ڪيو ويندو البته اهڙي حڪمراني علائقي ۾ خود ملڪ لاءِ گهڻو عرصو برداشت جوڳي نه هوندي.
    ان ڪري اچو ته اميد رکون ته ملڪ جي سگهاري ترين قوت يعني فوج عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجو پاڻ کي سياست کان الڳ رکندي ۽ حڪمرانيءَ جو حق انهن کي ڏيندي جن کي عوام جي اڪثريت ان ڪم لاءِ چونڊيو آهي، گڏوگڏ سياستدانن ۾ به اميد رکون ته اهي پنهنجي بالغ نظري ۽ سياڻپ جو مظاهرو ڪندا. ڇاڪاڻ ته سندن اهڙو عمل ئي غير جمهوري ۽ عوام دشمن قوتن جي رستا روڪ جو سبب بڻبو، منهنجي ذاتي راءِ موجب پوئين ڀيري سياستدانن ڪافي حد تائين اهڙو اظهار ڪيو آهي، توهان ڏٺو ته ميان نواز شريف وارن پ پ ۽ سندس قيادت تي ڀرپور تنقيد ڪندي به خطرناڪ علائقي ۾ پير نه پئي پاتو، بلڪ جتي ضروري هئو ابتو حڪومت جي اڻ سڌي حمايت پئي ڪيائون، لاهور ۾ عمران خان جي زخمي ٿي پوڻ واري حادثي جتي عمران کي سياسي فائدو وٺڻ جو موقعو ڏنو اتي ميان صاحب به اٺين مئي تي چونڊ مهم روڪي خان صاحب سان همدردي جو اظهار ڪيو. اهڙيءَ ريت هن هڪ طرف سياسي حملي جي جواب ۾ سياسي بچاءَ وارو رستو اختيار ڪندي پنهنجي ووٽر کي همدرديءَ جي جذبي هيٺ عمران خان ڏانهن وڃڻ کان روڪي ورتو ته ٻئي پاسي اهو ان ڳالهه جو اظهار پڻ هئو ته سياسي مخالفت هوندي به اسين انسانيت کان ڪريل حرڪتن جو ورجاءُ نه ڪنداسين. هڪ ٻئي طرف اهڙي کڏ نه کوٽينداسين جنهن ۾ اسين پاڻ به وڃي ڪرون، اسين ماضيءَ جي انهن غلطين کي نه دهرائينداسين جن جي ڪري سموري راند ئي خراب ٿي وڃي ۽ نتيجي ۾ سڀني کي گهر وڃڻو پوي.
    بهرحال اميد ته پاڪستاني ماڻهن کي هن ڀيري اڳي جي ڀيٽ ۾ سٺي حڪمراني نصيب ٿيندي، هيءُ ملڪ گهٽ ۾ گهٽ 1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي آءِ ايم ايف جي پاليسين ۽ پروگرامن جي سڌي سنئين اثر هيٺ هلندو پيو رهي جنهن ڪري ئي هتي توانائيءَ جو ايڏو وڏو بحران آهي ۽ ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندو پيو وڃي پاڪستاني صنعت ۽ صنعت جون ڳيجهوٻيون پيداواري شاخون هر گذرندڙ گهڙيءَ سان گڏ تباهه ٿينديون پيون وڃن ۽ پاڪستاني معاشرو ڪجهه به پيدا ڪرڻ بدران رڳو واپرائيندڙ معاشرو بڻجندو ٿو وڃي، نتيجي ۾ پاڪستان رڳو ملان ۽ آپگهاتي بمبار ئي پيدا ڪري رهيو آهي، سو ان مذهبي انتهاپسنديءَ جو علاج ملڪ جي معاشي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ آهي ۽ معاشي ترقي وري پنڻ واري عادت کي ڇڏي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ۾ لڪل آهي، جنهن جي لاءِ سٺا ۽ اهليت وارا خوددار سياستدان گهربل آهن، جيڪي ملڪ کي اهڙي رخ ۾ وٺي وڃن جيڪو عوام ۽ ملڪ جي لاءِ بهتر آهي. ظاهر آهي ته اسان جن سياستدانن جي چونڊ ڪئي آهي انهن ۾ اهڙين خوبين وارا تمام گهٽ آهن ان ڪري رڳو سياستدانن، فوج يا عالمي قوتن جي ذمي ڇڏي نه ٿو سگهجي، بلڪه عوام کي مسلسل جاکوڙ ڪرڻي پوندي، وڌ ۾ وڌ معلومات حاصل ڪرڻي پوندي، اسان جا چونڊيل نمائندا ماڻهن جي سامهون ۽ ماڻهن جي پر پٺ ڇا آهن؟ اسيمبلين ۾ ۽ پارليامينٽ لاجز ۾ اهي ڇا ڇا ڪندا ٿا رهن؟ پارليامينٽ لاجز جي طعام گاهه ۾ کاڌو مهانگو آهي يا روڊن رستن جي ڀر ۾ ٺهيل گندن هوٽلن ۾؟ اهو سڀ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ اسان جو حق به آهي ته فرض به، جڏهن سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام آندو ٿو وڃي ته اسين ان کي زندگي ۽ موت جو مسئلو ته سمجهون ٿا پر جڏهن ان جي خلاف احتجاج لاءِ نڪرون ٿا ته اسان جو انگ مشڪل سان سون ۾ هجي ٿو، اهڙيءَ ريت سنڌ جي ٻيٽن جي وڪري واري معاملي تي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ائين ڇو آهي؟ ان جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ به اسان عوام جي ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته انهن فيصلن جا نتيجا به ته آخر ڪار اسان کي ئي ڀوڳڻا آهن، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪندڙ اياز سومري تي اسان جو دٻاءُ به هئو پر ٻي طرف کان پوندڙ دٻاءُ شايد وڌيڪ هئو جنهن ڪري فيصلو اسان جي خلاف آيو. اڳتي اسان کي اهو دٻاءُ نه رڳو برقرار رکڻو آهي پر ان ۾ لڳاتار واڌارو ڪرڻو آهي ته جيئن چونڊيل نمائندا ڪڏهن نه وسارين ته جن کين چونڊيو آهي، اهي ئي طاقتور آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو