Mother Day

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    Mother Day
    ```````````````````
    سڄي دنيا ۾ مائرن جو عالمي ڏينهن (Mother Day) ملهايو ويو. اهو ڏينهن ان عظيم هستي جي محبت ۽ عقيدت ۾ کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ملهايو ويو. جيڪا قدرت طرفان ڪائنات جو عظيم تحفو آهي.
    ماءُ جي پيار ڀري رشتي کان سواءِ دنيا جا سمورا رشتا ناتا بي معنيٰ ۽ ڦڪا نظر اچن ٿا.
    ماءُ جنهن جي پيرن هيٺان جنت جي بشارت مليل آهي اها اولاد جي خاطر وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ کان نٿي گهٻرائي. هو پنهنجي سڄي حياتي اولاد لاءِ بنا ڪنهن غرض ۽ لالچ جي وقف ڪريو ڇڏي ٿي.
    جيڪر هن دنيا ۾ ماءُ جهڙو مقدس ۽ پيارو رشتو نه هجي. ها ته شايد هي دنيا پيار کان خالي هجي ها. ڇاڪاڻ ته ماءُ ئي لازوال قربانين جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. هن عظيم رشتي جي ڪنهن به رشتي سان Compare نٿو ڪري سگهجي ۽ انهيءَ جو اندازو ۽ احساس صرف اهي ئي ماڻهو ڪري سگهن ٿا جيڪي بدقسمتي سان ماءُ جي پيار، ممتا ۽ شفقت کان محروم رهيا آهن يا ماءُ جي جدائيءَ ۽ کوٽ جي ايذاءُ ۾ تڙپي رهيا آهن.
    ماءُ اها هستي آهي جيڪا اولاد جي تربيت ۽ پرورش خاطر پنهنجي هر خوشي راحت ۽ سڪون قربان ڪريو ٿي ڇڏي. اهڙي عظيم هستي جو مان ۽ مرتبو سڀ کان مٿانهون ڇو نه هجي؟ ٿورو سوچيو! توهان جي دل گواهي ڏيندي ته ماءُ جا اولاد تي وڏا حق ٿين ٿا ۽ انهن کي پورو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. ماءُ جي جيتري خدمت ڪجي گهٽ آهي. جارج واشنگٽن جو قول آهي ته:
    My mother was the most beautiful woman
    I ever saw, All I am I owe to my mother
    I attribute my success in life to moral Intellectual and physical education I received from her. (George Washington)
    ماءُ اها عظيم هستي آحي جنهن جي خدمت، ادب، محبت ۽ اطاعت ۾ دنيا ۽ آخرت جون نيڪيون سمايل آهن.
    هڪ دفعو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ماءُ سان سٺو سلوڪ اختيار ڪريو، سهڻي اخلاق سان پيش اچڻ سان سمورا گناهه معاف ٿي ويندا ۽ الله پاڪ جي خوشنودي ماءُ جي خوشنودي ۾ آهي.
    ماءُ جي خلوص، انهيءَ جي محبت، سچائي ۽ نيڪ جذبن ۽ بي انتها محبت ۽ شفقت ڀريل پيارن جذبات کي لفظن جي مالها ۾ نٿو پوئي سگهجي ۽ نه وري دنيا ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو اهڙو پئمانو يا ماپ تور جو اعشاري نظام Digital System معرض وجود ۾ آيو آهي جنهن سان ماءُ جي محبت کي تڪي توري سگهجي. افغان بادشاهه نادر شاهه دراني ماءُ جي عظمت جو اعتراف ڪندي چوي ٿو ته:
    ”مون کي ماءُ ۽ گل ۾ ڪوبه فرق نظر نٿو اچي“ (نادر شاهه)
    انگريز شاعر جان ملٽن چوي ٿو ته:
    آسمان ۽ زمين جو سڀني کان خوبصورت ترين تحفو ماءُ آهي ان جو دل سان قدر ڪريو. (جان ملٽن)
    ماءُ جي لفظ زبان تي ايندي ئي انسان جي پوري وجود ۾ هن جي محبت ڊوڙڻ لڳي ٿي ڇو ته هن کان وڌيڪ محبت ڪرڻ واري هستي دنيا ۾ پيدا نه ٿي سگهي آحي. وڄ ڪِري يا طوفان اچي هن جي محبت ۾ ڪڏهن به ڪا ڪمي نه آئي. پهرين ڏينهن جيان هن جي شرير/جسم مان محبت جون نديون سڄي عمر وهن ٿيون، هو تتيءَ ڪاڙهي ۽ آرهڙ جي اُس ۾ سمورو وقت ٻار/اولاد جي مٿان ڇپر ۽ ڇانورو بڻجي کيس گرمي جي تپش کان بچائيندي رهي ٿي. هن جي گرم گود/هنج سردي جو احساس ٿيڻ نٿي ڏي. خود بيشڪ ڪنڊن تي هلندي رهي پر اولاد کي هميشه گلن جي ڀري سيج ۽ نرم ملائم بستري تي سمهاريندي آهي.
    دنيا جهان جا ڏک ۽ سور هميشه پنهنجي سيني ۾ سانڍي چپن تي هميشه مرڪ جاري رکندي اچي ٿي. پنهنجي اولاد جي چهري تي خوشيون وکيرڻ لاءِ ڏينهن رات کيس پورهيو ڪرڻو پوي تڏهن به سندس چهري تي ٿڪ ۽ بيزاريءَ جي ڪابه گهنج نه ايندي آهي ۽ نه وري ڪڏهن به هو ڪنهن احسان کي جتائيندي آ. نه ور پنهنجي محبتن جو صلو گهري ٿي، بنا ڪنهن غرض جي مٿن محبت جا سرها گل وکيري ٿي.
    ماءُ هڪ دعا آهي جيڪا هر وقت خدا وند ڪريم اڳيان خير ۽ سلامتي جي جهولي ڊگهاري ٿي، ڪڏهن سر جو سجدو، ڪڏهن هٿ ڊگهاري، ڪڏهن هلندي ڦرندي اٿندي ويهندي ۽ سندس خاموشي ۾ به دعا آهي. جيڪا سندس اولاد کي ڏکين گهڙين ۽ مصيبتن کان بچائي ٿي.
    انسان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليو وڃي ماءُ جون دعائون پاڇي جيان سندس پيڇو ڪنديون. ماءُ اولاد جي خوشين لاءِ رب جي درٻار ۾ هر وقت واجهائيندي ۽ ٻاڏائيندي رهي ٿي. مغربي سماج سڌارڪ ”ڪيٿرين هوو“ چوي ٿي ته:
    “Of course mothers and daughters with strong personalities might see the world from every different point of wiew”. (Ka Therne howe)
    ماءُ جي دعائن سان وڏي کان وڏي مصيبت ٽريو وڃي ٿي. سندس بي قراري آسمان کي لوڏيو ڇڏي ٿي.
    اهي ماڻهو واقعي بدنصيت ٿين ٿا جيڪي ماءُ جو قدر نٿا ڪن، نه ڄاڻي ڇو کيس ناراض ڪريو ڇڏين؟ ڪيئي هن جي نافرماني ڪن ٿا؟ هن جي دل ڏکائي ڪيئن سک سان رهن ٿا؟ هڪ شخص پاڻ سڳورن کان پڇيو ته: يا رسول الله منهنجي حسن سلوڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪير مستحق آهي؟ فرمايائون ”تنهنجي ماءُ“ وري پڇيائين فرمايائون ته ”تنهنجي ماءُ“ ٽئي دفعي وري پڇيائين ته فرمايائون ”تنهنجي ماءُ“ چوٿين دفعي پڇڻ تي ارشاد فرمايو ته ”تنهنجو پيءُ“. ماءُ جي نافرماني کي تمام وڏو گناهه قرار ڏنو ويو آهي.
    ابو هريره کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن ماءُ کي صداقت ۽ خوبصورتي جو گلدستو قرار ڏنو آهي ۽ ماءُ سان نرمي ۽ پيار سان پيش اچڻ جي تلقين ڪئي آهي. ماءُ جي محبت ۾ خوشبو، گلن کان وڌيڪ هوندي آهي ۽ اهيو محبت جو انساني روپ آهي. انهيءَ لاءِ ماءُ جي عظمت جو اعتراف ڪندي مولانا محمد علي جوهر چيو آهي ته:
    ”ماءُ کانسواءِ گهر قبرستان آهي“
    ماءُ جي عظمت بابت مشتاق بخاري جون هي سٽون عقيدت وچان پيش آهن:
    مٺڙي، مٺري ماءُ جي جهولي،
    ننڊ ڪرائي، هن جي لولي
    ڪو اهڙي ٻولي ٻوليندو؟
    جي مان روئان، هي پرچائي
    چميون ڏئي سيني سان لائي
    ڪو هن کان بهتر ڀائيندو؟
    ميرو ٿيان جي پوءِ به ويهنجاري
    مشتاق وري ٿي سينگاري
    ڪو اهڙو ڌيان به ڌاريندو.
    دنيا جي سمورن مذهبن ۾ ماءُ جي عظمت کي ساراهيو ويو آهي. مغربي مڪتب فڪر (western School of thought) ۾ ماءُ کي مشعل راهه (Bright futurepath) قرار ڏنو ويو آهي. سابق آمريڪي صدر ابراهم لنڪن ماءُ لاءِ چوي ٿو:
    I remember my mothers prayers and they have always followed me they have clung me all my life. (Abraham Lincoin)
    مغربي مفڪر ارسطو ماءُ جي عظمت کي ساراهيندي چوي ٿو ته: ”ماءُ زندگيءَ جي انڌيري رستي ۾ روشني جو مينار آهي“ اهڙي طرح افلاطون چيو آهي ته: ”انسان سان گهڻو پيار ڪندڙ ماءُ آهي ان جو دل سان قدر ڪريو.“
    انگريزي شاعر ۽ ڊرامه نگار جارج برنارڊشا چيو آهي ته:
    ”ماءُ جي هنج انسان جي پهرين درسگاهه آهي“
    حضرت امام حسين عنه ماءُ جي لاءِ فرمايو ته جڏهن به وقت ملي پنهنجي ماءُ سان گڏ ويهندا ڪريو ڇو ته ماءُ سان گڏ گذاريل وقت قيامت جي ڏينهن دوزخ کان نجاب جو ذريعو بڻبو.
    “God know that a mother need fortitude and courage and tolerance and flexibility and firm ness and nearly every other brave aspect of the human. (Phyllis Me Ginley)
    ماءُ جي شفقت ڀري ڇپر ڇانوري ۾ ئي ڪائنات جي حقيقت رشنيون ۽ پراسرار رازن تان پردو هٽي ٿو ۽ زندگي گذارڻ جو صحيح مفهورم سمجهه ۾ اچي ٿو.
    دنيا ۾ اهي ماڻهو زياده خوش قسمت آهن جن کي ماءُ جي خدمت ۽ اطاعت ڪرڻ، هٿ پير چمڻ ۽ نيڪ ورتاءُ ڪرڻ جو موقعو مليو.
    ڪائنات جي سمورن رشتن کان ماءُ جو رشتو وڌيڪ منفرد ۽ اعليٰ آهي. هن جي شفقت اولاد لاءِ نور آهي ۽ هر مسئلي جو حل ماءُ جي نصيحت ۾ سمايل آهي.
    ماءُ محبت جو هڪ اهڙو سمنڊ آحي جيڪو ڪڏهن به خشڪ نه ٿو ٿئي. هو هميشه اياز جي انهن سٽن جيان دعاگو رهي ٿي ته:
    ”ڪڏهن به سنڌي جي سيند ميري نه ٿئي،
    ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن“
    علامه اقبال لنڊن ۾ پنهنجي ماءُ جي وفات تي ڏکارو ٿيندي ماءُ کي ياد ڪندي چوي ٿو ته:
    ڪس ڪو اب هوگا وطن مين آه! ميرا انتظار
    ڪون ميرا خط نه آني سي رهي گا بي قرار،
    خاڪ مرقد پر تيري لي ڪر يه فرياد آئون گا
    اب دعائي نيم شب مين ڪسي ڪو مين ياد آئون گا!
    تربيت سي تيري مين انجم ڪا پر قسمت هوا،
    گهر ميري اجداد ڪا سرمايه عزت هوا.
    مائرن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخ صدين کان پراڻي آهي تاريخ جي مختلف دورن ۾ ماءُ جي ڏينهن Mother Day کي ملهائڻ جون مختلف روايتون ملن ٿيون. جهڙوڪ: قديم يونان ۾ اهو ڏينهن ديوتائن جي ماءَ Rhea کي خراج تحسين ۽ عقيدت جا گل وکيرڻ لاءِ ملهايو ويندو هو.
    250 قبل مسيح ۾ Cybele نالي ديوين جي ماءُ کي پوڄيو ويندو هو.
    1872 ۾ Mother day ملهائڻ جي شروعات ٿي. انهن ڏينهن ۾Julia Ward Howe پاران آمريڪا ۾ امن جي قيام لاءِ مائرن جي خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي هڪ ڏينهن ملهائڻ جو اهتمام ڪيو جيڪو مائرن جي ڏينهن لاءِ تاريخ جو سنگ ميل ثابت ٿيو.
    ياد رهي ته دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ ماءُ جي ڪردار تاريخ ۾ هميشه positive ۽ يادگار رهيو آهي دنيا جي ڪنهن خطي، مذهب رنگ ۽ نسل ۽ قوميت سان تعلق رکندڙ ماءُ صدين کان امن جي قيام لاءِ واجهائيندي رهي آهي. هن هميشه جنگ کان نفرت ۽ امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي. 1907ع ۾ فلاڊيلفيا جي اسڪول ٽيچر Anna MJarvis پنهنجي ماءُ Maria Reevis Jarvis جي اعزاز ۾ ماءُ جو قومي ڏينهن ملهائڻ لاءِ هڪ تحريڪ شروع ڪئي. جنهن تي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سندس همت افزائي ڪئي، ان موقعي تي هن ماءُ کي پسنديده گل تحفي ۾ ڏنا. Anna M Jarvis جو خيال هو ته گل ماءُ جيان نرم، ملائم، خلوص، پيار ۽ پاٻوهه جي نمائندگي ڪن ٿا. Anna M Jarvis جي شروع ڪيل انهيءَ تحريڪ جو صلو ۽ انعام ان وقت مليو جڏهن ملڪ جي صدر وڊرو ولسن مئي جي ٻئي آچر تي مائرن جي احترام ۽ عقيدت ۾ قومي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هاڻ اهو ڏينهن آمريڪا ۾ خاص ڏينهن جي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. اڄ Anna M Jarvis دنيا ۾ موجود نه آهي. پر سندس ڪوششن سان ملهائجندڙ Mother Day پوري دنيا ۾ رائج ٿي چڪو آهي جيڪو سڄي دنيا جي مائرن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو هڪ نادر موقعو آهي. اچو ته ماءُ جو خيال رکون کيس ڪڏهن به ڏکيارو ٿيڻ نه ڏيون ۽ سندس دعائن سان فيضياب ٿيندا رهون.۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو