ماءُ جا نيڻ تون پڙهي ڏسجان،

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ماءُ جا نيڻ تون پڙهي ڏسجان،
    عطيه دائود
    اسان جي نسل گذريل صديءَ کان موجوده صدي تائين زندگيءَ جي سفر ۾ ڇا ڇا نه ڏٺو ۽ سَٺو آهي، ننڍي کنڊ جو ورهاڱو، جنگيون، ون يونٽ، مارشلائون، ملڪ جو ورهاڱو، چونڊيل وزيراعظم کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ، ملڪ تي ڊگهي عرصي تائين آمريت جو ڇانئيل رهڻ، اڌوري جمهوريت جا ڏُک، ٻوڏون، قتل غارت، ”ڌرتيءَ تي جڏهن به ڏکن جي فضا ڇانيل هوندي آهي ته ادب تي بهار ايندي آهي.“ خيرالنساءِ جعفري هڪڙي هنڌ لکيو هو هر دور جي اديبن شاهڪار ادب تخليق ڪيو آهي، سرڪاري انگ اکرن ۽ مرتب ڪيل تاريخ کان وڌيڪ ويساهه جوڳي تاريخ اها ئي آهي جيڪا ادب ۽ آرٽ ذريعي لکجي رهي آهي. امر پيرزادو جنهن دور ۾ جي رهيو آهي اها صدي ڪنهن حد تائين گذريل صديءَ کان به وڌيڪ اذيت ناڪ آهي. دنيا ۾ تيزيءَ سان هٿيارن جو ڦهلاءُ وڌيو آهي. غربت پنهنجي مقرر ڪيل ليڪَ کان به وڌيڪ هيٺ اچي وئي آهي، انتهاپسندي ۽ مذهبي جنون انسانيت جا ليڪا لتاڙي چڪا آهن. هن ٽهيءَ وٽ ته اهڙو ڪو خواب به نه بچيو آهي جهڙو خواب گذريل صدي جي اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين وٽ ڪميونسٽ ۽ سوشل سماج جي تعمير لاءِ هو. امر نوجوان نسل جي نمائندگي ڪندي دل کي لوڏيندڙ سوال ڪري ٿو:
    ”ڇا ديس جي سُکن جو امڪان ڪونه آ؟
    ان خوف کان وڏو ڪو نقصان ڪونه آ.
    اڄ جا ٻارڙا گُڏين سان، مٽيءَ سان ٺهيل ڏاند گاڏين سان نه پر هوبهو اصلي لڳندڙ روالور ۽ مشين گنن سان راند روند کيڏندي هڪ ٻئي تي حملا ڪندا آهن، امر جي عُمر جا نوجوان بنا سائلنسر جي اسڪوٽرن تي ويهي شهر جي رستن تي دهشت ڦهلائيندا آهن ۽ گن پوائنٽ تي وچ رستي تي ماڻهن جا کيسا خالي ڪري موت جو ٽيلر Tailor ڏيکاري هليا ويندا آهن. امر به روڊن رستن تي زندگيءَ کي مٺ مان واريءَ جيان کسڪندي محسوس ڪيو آهي. هن سائنسي دور ۾ به جڏهن چنڊ ۽ تارا انسان جي قدمن ۾ آهن، ان دور جي انسان جي هيءَ ٽريجڊي آهي.
    ”گهر کان آفيس
    آفيس کان گهر پهچڻ
    ڪنهن وڏي فتح کان گهٽ ناهي“
    امر هڪ ٻي نظم ۾ چئي ٿو:
    هن شهر ۾
    گهر کان نڪرندي ئي
    موت جي منهن ۾ هليو وڃبو آ“
    دنيا ۾ ناگاساڪي ۽ هيروشيما جي تباهي کي عبرت جو سبق سمجهيو ويندو آهي. پر اسان وٽ ته قسطن ۾ هيرو شيما ۽ ناگاساڪي هلي رهيو آهي. عباس ٽائون هجي يا بادامي باغ هجي يا پروين رحمٰن جو موت هڪڙا ڳوڙها سُڪن ڪونه ٿا ته ٻيهر بَمُ ڦاٽي ٿو ۽ گولي هلي ٿي. امر جي شاعري اهڙن واقعن بابت ڳوڙهن سان کليل رپورٽ آهي ۽ فوٽو گرافي آهي. عباس ٽائون ۾ مٽيءَ جي ڍير تي هڪ عورت ڪڇ ۾ پيل ٻار کي کنيون پنهنجي ٻي ٻار جي تلاش ۾ اکيون کُپائي بيٺي هئي، هن جي اکين ۾ نه لڙڪ هئا نه اظهارڻ لاءِ وٽس لفظ هئا. ان جي اکين ۾ مون نهاريو ته امر جون هي سٽون ذهن تي تري آيون:
    اي پکي! تون به وڃ لڪي ڪاٿي،
    شهر شمشان ٿي ويو آهي،
    ماءُ جا نيڻ تون پڙهي ڏسجان،
    ڪيڏو نقصان ٿي ويو آهي.
    ان واقعي بابت ٽيلي ويزن تي Live transmission ڏسڻ جي باوجود، امر جي انهن سٽن جهڙي طرح اهو منظر محسوس ڪرايو ان طرح ٽي وي يا اخبار جي رپورٽ محسوس نه ڪرائي سگهن ها، حالانڪه امر جون اهي سٽون هن واقعي کان گهڻو اڳي جون لکيل آهن. اها شاعر جي روح جي سچائي آهي اهو آرٽ آهي جو اها تخليق ڪنهن منظر جي رپورٽ ۽ فوٽو گرافي بڻجي وڃي ٿي. اهڙي طرح سان امر جون هي سٽون بادامي باغ واري سانحي کان اڳ جون لکيل آهن ته:
    لاشن جا قالين وڇائي،
    ڏندَ ڪڍي هو کلندو هوندو،
    جنهن جو ڀاتي مرندو هوندو،
    ان گهر ۾ ڇا بچندو هوندو.
    فيس بڪ تي شيئر ٿيندڙ انسان جي شڪل ۾ وحشي مرد جڏهن بيگناهه وستي ۾ باهه لڳائي، انسانن کي جلائي ڏند ڪڍي کلي رهيو هو تڏهن امر جو اهي سٽون ذهن تي تري آيون.
    جنسي مت ڀيد تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪرڻ، مزاحمت ڪرڻ صرف انهن جو ڪم ناهي جيڪي فيمينزم جي نظريي کي مڃيندي انهن جي حمايت ڪن ٿيون. اصل ۾ ته فيمينزم صرف نظريوني نه پر دل سان ناانصافيءَ کي محسوس ڪرڻ جو جذبو آهي. امر پيرزادو جنهن ڪڏهن ذاتي طور تي جنسي متڀيد جو عذاب ته ظاهر آهي نه ڀوڳيو هوندو پر جهڙي طرح سان هو انسان ذات تي ٿيندڙ ظلم ڏک ۽ عذاب محسوس ڪري سگهي ٿو ان ڪري هو عورت جو به ظلم محسوس ڪندي لکي ٿو ته:
    جڏهن اهو طئي ٿي وڃي
    توکي ڇا ڪرڻو آهي؟
    ڪيئن رهڻو آ
    ڪيئن کلڻو آ
    ڪيئن روئڻو آ
    ڪيئن جيئڻو آ
    ڪيئن مرڻو آ
    پاڻ کي عورت تصور ڪجان.
    ان کان سواءِ به امر عورت جي حقن بابت ٻيا به ڪجهه نظم کيس آهن سوات ۾ عورت کي ڦٽڪا هڻندي ڏيکاريل وڊيو تي نظم لکيو آهي ۽ ٻيو نظم آهي هن جو ”هوءَ ڇوڪري“ جيڪا ميڪا ڪاري ٿيڻ کان بچي ٿي وڃي ۽ مڙس جي ساٿ سان شهر ۾ وڃي ورڪنگ وومن ۽ ايڪٽيوسٽ بڻجي پاڻ تي کڄندڙ ڪهاڙين کي روڪڻ جو حوصلو رکي ٿي.
    امر جي شهري مجموعي جو نالو عشق آهي دراصل سندس سموري شاعري جو محور تي عشق آهي. انسان ذات، مظلوم طبقا به سندس عشق جي دائري ۾ شامل آهن ان کانسواءِ به جڏهن هو عشق مجازي جي ڳالهه ڪري ٿو اتي به سندس شخصيت جهلڪي ٿي. امر پيرزادو جيڪو حساس دل ۽ سيڪيولر خيال رکندڙ آهي عشق ۾ مٿس اهي خيال حاوي آهن عشق ۾ هو جنسي مٿڀرائپ جو شڪار نه ٿو ٿئي هو محبوبا جي اختيار کي مڃيندي خوبصورتيءَ سان چئي ٿو.
    توکي جاڏي هلڻو آ هلُ
    تولئه دل جي ٻيڙي ڪاهيان
    امر پنهنجي سمورين سچائين سان، ڪميٽمنٽ سان پنهنجي شاعري ۾ پاڻ ئي موجود آهي.
    `````````````````````````````````````````````````````````````````````````````````````````
    (انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي طرفان امر پيرزادي جي ڪتاب ”عشق“ جي مهورتي تقريب تي پڙهيل)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو