ادا هڪڙو ڀيرو توهان پنهنجي پسند ٻڌايو ته ان مطابق لوگوز تيار ڪيان۔
توهان چيو هو ته لوگو .gif ۾ تيار ڪريان سو هي سڀئي لوگوز Gif ۾ ئي آهن۔
هنن ۾ سڀئي فونٽ به سنڌي وارا استعمال ڪيا اٿم۔
هاڻي توهان اهو ٻڌايو ته توهان جي پسند ڇا آهي۔
رنگ ڪهڙو هجي ؟
سائيز ڪيتري هجي ؟
جيئن مان توهان جي فرمائش تحت لوگوز تيار ڪري سگهان۔
پسند ڪرڻ لاءِ توهان جا لک لائق ۽ ڪروڙين قرب۔
ادا اصل ۾ ڇاهي جو سنڌ سلامت لاء مختلف ڪلر ن جي اسٽايلن تي ڪم هلي رهيو آهي ان ڪري هڪ قسم جو ڪلر في الحال نٿو ٻڌائي سگهجي پر بليو ڪلر مون ان ڪري ڇيو جو هو اڪثر ڪلرن سان ميچ ڪندو آهي ادا اوهان جيڪا منءر ڪشي لوگو نمبر 5 ۾ ڪئي آهي جيڪڏهن ساڳئي منظر ڪشي لوگو نمبر 3 ۾ ڪيو ته ان جو جواب ئي ناهي باقي لوگو جي سائيز width 985 ۽ height 143 ڪافي آهي ادا محنت ۽ توجه طلبي لا هڪ دفعو ٻيهر مهرباني
زبردست لوگو توهان ٺاهيا آهن ادا مگسي صاحب، توهان جي مهرباني جو توهان اسان جي سنڌي سائيٽ لاءِ اهو ڪم ڪيو۔ ۔ ۔ ۔
وڏي مهرباني
ساٿيو، انتهائي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ادا مگسي سنڌ سلامت لاءِ انتهائي ڪارآمد لوگو تيار ڪيا آهن، هن دوست ڪيتري محنت ڪئي هوندي سان مونکي ڀلي ريت خبر آهي، عظيم آهن اُهي ذهن جيڪي تخليق جي انتهائي بُلندين تي پهچن ٿا۔ مهرباني ادا مگسي۔
سائين بابا اوهان ته اصل asul matt asul matt سائين تمام پيارو لوگو ٺاهيو آهي اوهان shal judy hujeen
مونکي خبر نٿي پوي ته مٽ ڀڃڻ واري پهاڪي سان ڪنهن جي مٿي جي ڌُلائي ٿي رهي آهي، تخليق ڪار جي مٿي جي يا توهان واري سائين بابا جي، جڏهن مان پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏٺو ته يقين ڄاڻ مونکي يعني پنهنجي پاڻ ۽ جنهن گنجي جي کوپڙي تي ڏنڊن جو وسڪارو ٿي رهيو آهي ۾ ڪو فرق نظر نه آيو، هممممممممممممم وڏو زوراور آهين علي علي شاباسي ڏيڻ جي بهاني پنهنجو اُلو سِڌو ڪري ورتئي۔ بس حُڪم ڪر مان حاضر آهيان جهڙو مُنهنجو حال آ۔ هي مُنهنجو هڪڙو گنجو مٿو آهي ئي آهي پر جيڪڏهن هڪ هزار به مُنهنجا مٿا هُجن ها ته توهان کان ڪنڌ ڪڍائي ڪونه سگهان ها۔ الا (دنيا هزار ظلم ڪري اس ڪا غم نهين، مارا جو تو ني ڦول وه پٿر سي ڪم نهين)۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟!!!!!!۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
سائين اوهان اسان جي سر جا سائين آهيو اسان جا پرين پيارا آهيو اوهان کي ته اسان گل به اڇلي هڻڻ جي گستاخي جو نٿا سوچي سگهون پوء اوهان جي مٿي تي حيدري ڏنڊي جي وسڪاري جو ڪيئن ٿا سوچي سگهون؟ سائين اصل ۾ مٽ ڀڃي ڇڏيئي جي منظر ڪشي ادي مگسي ان طرح ڪئي آهي سائين ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوه آهي هونئن به سائين مون کي اوهان جي لوگو ۾ منظر ڪشي ايتري ته وڻي جو مون وٽ ٻيا لفظ ئي نه هئا يقين ڪيو ته ادو مگسي به اسان جو ڊيزاينر ضرور آهي پر جواب اوهان جو به ڪونهي سچ چوندا آهن ته پوڙهو اٺ به ٻه ڪنواٺ لهي سو سچ ۾ اوهان ته چار ڪنواٺ ٿا لهو سائين shal judy hujeen مولا اوهان کي آباد رکي اوهان کي به مولا مشڪل ڪشا جي زڃه خانه جو زوار بڻائي آمين
ادا مگسي صاحب ۽ سائين نثار احمد ناز صاحب توهان جا ٺاهيل لوگوز ڏسي ڪري اکين ۾ خوشي جا لڙڪ لهي آيا ۽ هاڻي اسو يقين ٿئي ويو ته اهو ڏينهن دور ناهي جو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي اها مڃتاض ملندي جنهن جا هو اصلي حقدار آهن
ادا مگسي صاحب ۽ سائين نثار احمد ناز صاحب توهان جا ٺاهيل لوگوز ڏسي ڪري اکين ۾ خوشي جا لڙڪ لهي آيا ۽ هاڻي اهو يقين ٿئي ويو ته اهو ڏينهن دور ناهي جو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي اها مڃتاضرور ملندي جنهن جا هو اصلي حقدار آهن