ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازش...!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2013۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سنڌي ماڻهن جهڙي طرح هن اليڪشن ۾ حصو ورتو۔ اهو سڀني جي سامهون آهي۔سڄي ملڪ ۾ عوام سياسي شعور جو مظاهروڪيو ۽ قوم پرستي ڏيکاري۔ پنجاب ۾ پنجاب پرستي جو مظاهرو ڪيو ويو، خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان ۾ به قومپرستي جي بنياد تي ووٽ ڏنا ويا۔ پر افسوس صد افسوس اسان جي قوم اڄ به گهري ننڊ ۾ آهي۔۔هن ڀيري به قوم پرستن کي تمام بُري شڪست ملي آهي۔۔۔:(
    گُذريل پنجن سالن ۾ جن ماڻهن ڪا به ڪارڪردگي نه ڏيکاري، سنڌ ڌرتي جي مفادن جو سودو ڪيو، ان جا ٻيٽ وڪيا، پنهنجوپيٽ ڀريو، ڪرپشن جا نوان ريڪارڊ قائم ڪيا۔ انهن ئي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جي بيوقوفي صرف سنڌي قوم ئي ڪري سگهي ٿي۔۔ هاڻ ڌارين کي ڪهڙو ڏوهه ڏيون۔۔اڄ الطاف حسين جو هي بيان به سڀني سنڌي ماڻهن کي مُبارڪ هجي۔۔۔ّخاص طور تي انهن سنڌي ماڻهن کي جيڪي ايم ڪيو ايم ۾ شامل آهن۔۔!!!


    [​IMG]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سائين ايم ڪيو ايم وارن پنهنجي روايت کي برقرا رکيو آهي۔
    پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سڀني کي خبر هوندي به انهن جي خلاف ڪير به نه ٿو ڳالهائي

    بزدل قوم جا بزدل ماڻهون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون کي ته لڳي ٿو ته اها ڳالهه هاڻي سچ پئي ٿئي ته ”سنڌين ڪراچيءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي۔۔۔“
    هن وقت ڪهڙي به پوزيشن ۾ ڪراچي سنڌ ۾ نه ٿي ليکي وڃي۔۔۔ خود ڪڏهن ڪڏهن اسان جا سنڌي ئي اهو چيو وڃن۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اسان سنڌي ماڻهو پاڻ ۾ ئي ڪو نه ٺهون ته ٻين سان ڪيئن مُقابلو ڪري سگهنداسين۔۔۔اسان کي ذاتين، قبيلن ۽ علائقن جي بنياد تي ورهايو ويو آهي۔۔:(
    تعجب جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان کي ٺهندي اڌ صدي گذري وئي آهي پر اسان جا شهر زندگي گُذارڻ جي بنيادي ضرورتن کان اڄ به محروم آهن۔ شهرن ۾ صاف پاڻي مهيا ناهي، صحت جون سهولتون ميسر ناهن، تعليم جو نظام ڄاڻي واڻي ستياناس ڪيو ويوآهي۔ روزگار جا موقعا نه هئڻ برابر آهن۔ ترقي ٿيي ته ڪيئن ٿيي۔۔؟
    انهن سڀني مصيبتن جا ذميوار اسان پاڻ آهيون۔۔۔ڌارين جو ڪهڙو ڏوهه۔۔
    اڄ اسان ذهني توڙي جسماني طور تي غلام بنجي ويا آهيون۔ اسان کي آزادي جي ئي خبر ناهي۔۔۔وٺڻ جي ڳالهه ته بعد ۾ ٿي اچي۔۔۔!!
    اسان ڪڏهن اهو نه سوچيو آ، ته جن نمائندن کي اسان چونڊيون ٿا اهي اسان جا مسئلا ڄاڻين به ٿا يا نه۔۔۔اسان جا گهڻا سنڌي ته پنهنجن حقن کان ئي اڻڄاڻ آهن۔۔۔۔اگر اسان جا اهي نمائنده سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ سنجيده نه هجن ته پو ڇا ڪرڻ گهرجي۔۔؟
    ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ سنڌ تمام گهڻي پستي تي پهچي چڪي آهي۔۔عام ماڻهو ذاتي مفادن کي قومي مفادن کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳا آهن۔۔۔ڪنهن ۾ اها جُرات ناهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نمائندن کان اهو پُڇي سگهي ته انهن گذريل پنجن سالن ۾ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا۔۔۔ڪهڙا روڊ، رستا ٺهرايا، صحت، تعليم ڏانهن ڪيتروڌيان ڏنو۔۔؟
    جيستائين اسان پنهنجي ذهني ليول کي نه وڌائينداسين تيستائين اهي ئي خانداني سياسي واپاري پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪندا رهندا۔۔!!
    اچو ته پنهنجو پاڻ کان پُڇون ته سنڌ ۾ گذريل پنجن سالن ۾ ڪيتري ۽ ڪهڙي تبديلي آئي۔۔۔؟
    عام ماڻهو جي رهڻي ڪهڻي ۾ ڪهڙو فرق پيو۔۔؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو