انسان ئي انسان جو دشمن ڇو؟ وليم جيمس چيو ”انسان سڀني درندن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، شايد ئي اهڙو ڪو درندو هجي جو پاڻ پنهنجي جنس وارن کي چيريندو ڦاڙيندو هجي.“ چون ٿا ته ڪو دور هو جڏهن انسان گڏجي درندن سان وڙهندا، جانورن جو شڪار ڪندا هئا، هڪٻئي سان نه وڙهندا هئا. پر جڏهن سماج ۾ ٻه طبقا پيدا ٿيا ته هڪٻئي سان ويڙهه ٿي. اهو به چون ٿا طبقا تڏهن پيدا ٿيا جڏهن هڪ گروهه ٻيائي واري سوچ ڪري ٻين جي محنت جو ڦل پنهنجي قبضي ۾ ڪري سڀاڻي ڪم اچڻ لاءِ رکيو. سوچ جو هڪ لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ ڪڙي ڪڙيءَ سان ملي ڪيترائي لاڙا پيدا ٿيندا رهيا. مختلف علم پيدا ٿيندا ويا، هن وقت تائين انسان گهڻو ڪجهه ڪري چڪو پر اڃان تائين پنهنجو پاڻ کي مڪمل انسان ثابت نه ڪري سگهيو، انسان ۾ قدرتي قانونن کي نفي ڪندڙ جيڪي شيون هيون اهي رهنديون آيو.. انهن کي هو پاڻ مان ڪڍي نه سگهيو. مطلب ته انسان ۾ وحشي پهلو پڻ شروع کان رهندو آيو. بلڪ ان ۾ اڃان به هن ترقي ڪئي ان ۾ گهٽتائي نه آڻي سگهيو. مختلف وقتن کي خوني تاريخ پاڻ کي دهرائيندي آئي بلڪ وڌندي وئي، بادشاهن ڪٿي ڪٿي پاڻ سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ نسل جو نسل ڪهرائي ڇڏيو. ڪٿي شهرن جا شهر تباهه ڪرايا ڪٿي ملڪن ۾ ڪهرام مچايو ويو. ڪٿي سازشن سان برايون ڦهلايون ويون، مذهبن جي تاريخ پيدا ٿي انهن ۾ به ڪنهن طرح سازشون ڪاهي پيون، جيتوڻيڪ مذهب انسان پنهنجي سڌاري لاءِ جوڙيا. ڪتابن لکڻ وارن اها ڪوشش ڪئي ته انسان کي ڪتابن رستي محبت ۽ ڀائيچاري جو رستو ڏيکارجي ۽ ان تي هلڻ لاءِ منجهس اتساهه پيدا ڪجي، مطلب ته گهڻا حربا آخمائجي چڪا پر انسان ۾ اڃا سڌاري جي گنجائش وڌندي رهي. جانور واري رشتي کان ڪٽجي نه سگهيو. درد جي رشتي سان ڳنڍجي نه سگهيو. نظرين سان پارٽيون ٺهيون گڏجي زندگي گذارڻ ۾ پيچيدگيج ي ڪري ڻظرين ۾ به کوٽ ٽوٽ ٿيندي رهي. ڏاڍائي وڏيرائپ سرمائيداري جي ڌڙن کي وڌيڪ پاڻي مليو. انهن ڌڙن ڪٿي ملي ڪٿي ڌار ڌار انساني گهنائيءَ کان قربانيون گهريون. انسان جو رت واهن جا واهه ٿي ارهو جيتوڻيڪ انسان ۾ انفرادي خوبيون وڏيون وڏيون هيون، پر انسانيم قصدن کي انفرادي خوبيون تيستائين ڪجهه نٿيون ڏئي سگهن جيستائين پاڻ ۾ ٻڌي ڪري انفردي خوبين کي ڳنڍي مجموعي بڻائي انسان جو مجموعي عمل انسان ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو يعني انسان کي انسان بڻائي سگهي ٿو ۽ ڇڙوڇڙ انسان ايئن آهي جيئن جانور ڇڙوڇڙ پنهنجي شڪار مرڻ کان پوءِ سڪون ۾ اچي ويندو آهي مجموعي انسان جي عمل جا مجعوزا تمام وڏا آهن جيئن روس جي ماڻهن ڪري ڏيکاريو. ويٽنيام ۾ انقلاب آيو صرف ٻڌيءَ جي ڪري ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته پراڻي تاريخ يا ويجهي تاريخ ۾ انسان ڪيترو به ڏاڍ يا ظلم ڪيو هجي تڏهن به قدرت جي قهرن ۽ اهڃاڻن جيڪا تباهي ۽ برباديءَ جي باهه مچائي اها ان کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه سورنهن آنا سچ ثابت ٿي به وڃي تڏهن به انسان جي مٿي تان بار نٿو لهي اڃا به ڊيوٽي سخت ٿيڻ جو سبق ٿو ملي. جيئن اقبال جو شعر آهي ته: انسان جڏهن ڪنهن قابل هوندو ته قدرتي قهرن زلزلن طوفانن ۽ سيلابن سان منهن ڏئي سگهندو پر ويتر پاڻ ئي انسان يعني پنهنجو پاڻ لاءِ هاڃيڪار هوندو ته مصيبتن سان وڙهڻ جو ست ڪيئن ساريندو.ان انا کي گهٽ ڪرڻ ۾ جانور پڻي کي گهٽ ڪرڻ جي فڪر ۾ ڪن مفڪرن چيو ته هي جهان فاني آهي ٻين لفظن ۾ دنيا جو حرص بي معنيٰ آهي، مذهبن خدا يا خدائن جو تصور ڏنو ته اهي گناهن جو حساب وٺندڙ آهن. جزا ۽ سزا جا قانون ساز آهن اهي گناهه جي سزا يا نيڪيءَ جو انعام ڏين ٿا ڪنهن حد تائين اهي خيال صحيح ثابت ٿين ٿا. شراب، تماڪ يا ٻيون نشي واريون شيون پنهنجو پاڻ ۾ واپرائيندڙ جي تباهيءَ جو عمل رکن ٿيون، يعني واپرائڻ ڏوهه ۽ ان جو ردعمل ان جي سزا آهي جيڪو قدرتي قانون آهي جنهن ۾ ذري جي تبديلي نٿي ٿي سگهي، هونئن به خدا طرفان ڏوهه جي سڌي يا مڪمل سزا طور حادثا ته هڪ وهمي ۽ خيالي ڳالهه آهي پر اسان کي مقدر طور جيڪو جهان مليل آهي ان ۾ انساني توڙي قدرتي ڏچن کان بچاءُ اسان جي ئي کاتي ۾ اچي ٿو. ڪن مذهبن وٽ ٻيو جهان آهي يعني عمل لاءِ هلندڙ ۽ سزا لاءِ تصوراتي جهان آهي ان ۾ جن سان هن جهان ۾ ناانصافي ٿي هوندي انهن سان انصاف ڪيو ويندو. پر پراڻي انجيل ۾ ته هينئن به آهي ته قدرتي جي قهر انصاف توڙي بي انصافيءَ تي برابر وسي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ هن دنيا جو منظر ته اهڙو ئي آهي ٻين لفظن ۾ اهو جملو هن دنيا لاءِئي چيل آهي. بهرحال مذهبي نظرين جو اثر انسان ذاتي تي تمام گهرو پيو جن ۾ انسان کي سندس منزل جو تصور نظر اچڻ لڳو. مُهڙ کان وٺي پيغمبرن جو رواج پيو ۽ دنيا جا ڪيئي وڏا مفڪر پاڻ کي خدا جو نبي چورائڻ لڳا ۽ پوءِ ان سلسلي ۾ نبي سڳورن کيڪ ڏهن ڪاميابي ڪڏهن ناڪامي به نصيب ٿي، اهڙو قافلو ڊگهو سفر ڪندو رهيو ايتري تائين جو حضرت محمد صه جن آخري نبي هئڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ ايئن ان سلسلي کي ختم ڪري ڇڏيو. پر انسان جي انسان ٿيڻ آڏو اڃا سوال جي نشاني نه هٽجي سگهي. هڪ سڄاڻ جي لفظن ۾ بيشڪ انسان ذات شاهوڪار وجود رکي ٿي امن پسند، انسان دوست ماڻهن جو وڌندڙ تعداد، فطري ۽ انساني خوبصورتي، جوان جذبا، حق پسنديءَ ڏانهن وڌندڙ لاڙا ۽ ميڊيا تي انهن جو اظهار توڙي سائنسي ترقي اهو سڄو هڪ شاهوڪار عالمي تهذيب جو ثبوت آهي. تهذيب جنهن لقاءَ جو نالو آهي، سو خاص طور اڄ ڪلهه جي دور ۾ ڪنهن معصوم نينگر وانگر ٺپجي رهيو آهي پر ان سان گڏ دنيا ۾ ظلم جي حاڪميت روان دوان آهي. اهو ظلم ڄڻ ڪو خونخوار، سخت پوڙهو آهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته نه مري ٿو نه منجو ٿو ڇڏي، ان ظلم جي حڪمرانيءَ سان لڙڻ لاءِ انسان ذات کي جنهن سگهه يا قيادت جي ضرورت آهي سا وٽس ناهي ۽ اها پيدا نه ٿي ٿي سگهي، جيستائين ڪردار جي صفائي وارو نظريو نٿو دريافت ڪجي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته بندوقون بيڪار نه ٿي وڃن ها. خاص طور ملڪن يا گروهن جي هڪ ٻئي سان لڙائي عام طور مدي خارج ٿي چڪي آهي. ايٽم بم جي ايجاد دنيا لاءِ هي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جهنگلين وانگر وڙهڻ جو انجام هر ڌر جو موت آهي. سو هاڻي اها لڙائي گهرجي جنهن ۾ دليل ۽ عقلمندي هٿيار هجن. مائوءَ جي هي سوچ وڌ ۾ وڌ سندس دور ۽ سندس ملڪ ۾ قبولجي سپئي سگهي ته انقلاب بندوق جي نالي سان ايندو آهي، ”هاڻي نه انقلاب بندوق جي نالي سان ايندو نه وري حق پسندن سان شڪس ڏئي سگهجي ٿي. امريڪا جا هٿيار به ته نه ويٽنام کي شڪست ڏئي سگهيا نه عراق کي، ان بدران امريڪا هار کائي ويو البته اها وقتي شڪست آهي انسان دشمنن ۽ باطل پرستن کي ظلم کان روڪڻ توڙي کين وڏي شڪست ڏيڻ لاءِ واجد جا ديودلي حساس ماڻهو کين ديرن جهڙي دل ڪيئن ٿيندي. ان لاءِ رڳو شخصي ڪردار نه پر ڪردار پسند نظرئي جي به ضرورت آهي. سماجري چرخي ۾ ڪيترائين ظريا به گردش ڪن ٿا. غلط ڪردار وارو شخص ڪنهن نظرئي يا عقيدي کي انڌي وارو بک هڻي سمهي ٿو ته سڀ ڪجهه اهو آهي. ”ڪردار پسند نظرئي جي دريافت جو مطلب ان نظرئي کي ڳولي لهڻ آهي جيڪو آفاقي حق جو منشور رکندڙ هجي يعني هي ته هر انسان برابر حقدار آهي ان کان سواءِ ڪردار پسندين ٿي ٿي سگهي يا ڪردار شخص سڀ کان وڌيڪ فائدو ڏئي سگهي ٿو. انسان ذات کي باڪردار اجتماع جي ضرورت آهي جيڪو درپيش چيلينج کي منهن ڏئي سگهي ٿو. سا چيلينج اها آهي ته انسان دشمن ۽ سندن نظريا اڄ ڪري رهيا آهن. اچو ته گڏجي ان آفاقي سچ جو باغيانه آواز اٿاريون. قربان علي پنهور