• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي نالي سان غلط طريقي سان اشو ٿيل اي وي او بند ڪرائڻيون آهن اهي ڪيئن بند ڪرايان؟

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم ساٿيو!
جيئن ته 8 ڊسمبر 2011 تي مون گلشن حديد مان يوفون جي نيٽ واري يو ايس بي خريد ڪئي۔ جنهن مون سان اهو طع ڪيو ته هي منهنجو موبائيل نمبر آهي جيڪر توهان وٽ صحيح ڪم ڪري ته هن نمبر تي پنهنجو سي اين آئي سي نمبر ايس ايم ايس ڪجو۔ توهان جي نالي سان رجسٽر ڪرائي ڇڏيندس۔ جيڪر ڪم نه ٿي ڪري ته سڀاڻي توهان پنهنجي پيمينٽ يوايس بي ڏئي واپس وٺي وڃجو۔ يوايس بي ڪم صحيح ڪري رهي هئي مون ٻڌايل ڊيٽا ايس ايم ايس ڪئي۔ يوفون جي يوايس بي ته رجسٽر ٿي وئي گڏوگڏ هڪ ٻئي مسئلي به جنم ورتو جنهن جي مون کي اڄ خبر پئي پي ٽي سي ايل اسلام آباد کان مون وٽ ڪال آئي اي وي او ڪئين ڪم ڪري ٿي ڪا شڪايت وغيرۡه کين مون ٻڌايو ته مون وٽ ته اي وي او آهي ئي ناهي آئون استعمال ئي ناهيان ڪندو۔ تڏهن مون کي ٻڌايو ويو ته توهان جي نالي تي 8 اي وي او اشو ٿيل آهي جن مان 4 پريپيڊ ته 4 پوسٽ پيڊ۔
دوستو ساٿيو هاڻي مون کي اهي بند ڪرائڻيون آهن انهن کي ڪيئن بند ڪرائبو يا ڪٿان ٿينديون انهي لا جيڪر توهان سنڌ سلامت جي ساٿين مان ڪنهن وٽ معلومات هجي ته مون سان شئير ڪري۔
ڇو جو اڄ ڪلهه وقت تمام خراب آهي ائين نه ٿئي ڪير غلط استعمال ڪري سزا مون کي ڀوڳڻي پوي۔ منهنجي پي ٽي سي ايل جتان ڪال آئي انهن کان پڇيو انهن ٻڌايو ته اسان جي سروس سينٽر تي اورجنل اين آئي سي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ڪمپلين ڪرڻي پوندي۔ شهر ۾ اي وي او جا سروس سينٽر ڪٿي واقع آهن انهن جي باري ۾ ڪنهن دوست وٽ معلومات هجي ته منهنجي مدد ڪجو۔
آئون اڄ گلشن حديد جي ان شاپ تي ويس پر اهو شاپ بند ٿي ويو آهي۔
 
مهرباني ڪري اوهان پي ٽي سي ايل جي ون اسٽاپ تي وڃو ۽ انهن کي لکت ۾ درخواست ڪيو ته منهنجي استعمال ۾ ڪابه ايوو ناهي۔ سڀ ڪنيڪشن بند ڪيا وڃن۔ ياد رکو ته لکت ۾ ڏنل درخواست جي ڪاپي ٺپي سان گڏ رسيو ضرور ڪرائجو۔
 
مهرباني ڪري اوهان پي ٽي سي ايل جي ون اسٽاپ تي وڃو ۽ انهن کي لکت ۾ درخواست ڪيو ته منهنجي استعمال ۾ ڪابه ايوو ناهي۔ سڀ ڪنيڪشن بند ڪيا وڃن۔ ياد رکو ته لکت ۾ ڏنل درخواست جي ڪاپي ٺپي سان گڏ رسيو ضرور ڪرائجو۔
مهرباني سائين وساڻ صاحب۔
ڪنهن دوست به ٻڌايو ته ڪالوني گيٽ جي سامهون ئي برابر ۾ ايوو جو سروس سينٽر آهي توهان اتي وڃي معلومات وٺو۔ مون درخواست به لکي آهي سڀاڻي ئي پهرين اهو ڪم ڪيو ويندو۔ انشا الله توهان دوستن سان حال احوال ضرور ڪبو۔ يقين ڪريو سنڌ سلامت واحد ذريعو آهي جنهن جي مدد سان مون جهڙن ساٿين کي پنهنجا پرنسنل اهم مسئلن ۾ توهان کي تڪليف کي ڏجي ٿي پر انهن جي حل جو طريقيڪار جي خبر پوي ٿي۔ اميد ته سنڌ سلامت جا سڀئي ساٿي انهي جوش ۽ جذبي سان سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن ۾ هڪ ٻئي جي ساٿ ڏيڻ سدائين اڳ ڀرا هوندا۔
 
سائين جنهن نمبر تان اوهان وٽ ڪال آئي اهو نمبر عام هو يا موبيلنڪ وانگر 300 وغيره هو اگر عام هو ته هتي شيئر ڪندا ته جيئن ٻيا دوست به معلومات حاصل ڪري سگهن ايوو جي رپورٽ درج ڪرائڻ لا ون اسٽاپ شاپ سان رجوع ڪيو انشآء الله ڪم ٿي ويندو
 
سائين جنهن نمبر تان اوهان وٽ ڪال آئي اهو نمبر عام هو يا موبيلنڪ وانگر 300 وغيره هو اگر عام هو ته هتي شيئر ڪندا ته جيئن ٻيا دوست به معلومات حاصل ڪري سگهن ايوو جي رپورٽ درج ڪرائڻ لا ون اسٽاپ شاپ سان رجوع ڪيو انشآء الله ڪم ٿي ويندو
1236 پي ٽي سي ايل وارن جو نمبر هو۔ مون ون اسٽاف شاپ تي ڪمپلين ڪئي، انهن به تصديق ڪري ٻڌايو ته توهان جي نالي سان باقاعدي 8 ايوو اشو آهن۔ درخواست جمع ڪرائي۔ ڪاپي رسيو ڪرائي ورتي۔ ان فرنچائيز جو به ٻڌايو ويو جنهن اهو غلط ڪم ڪيو، گلشن حديد واري فرنچائيز واري ڪيو۔ هفتي جو ٽائيم ڏنو آهي۔ باقاعده بند ڪيون وينديون، ان فرنچائيز واري جي خلاف ايڪشن به کنيو ويندو۔
مون کي هي نمبر ڏنا ويا توهان هنن تي رابطو ڪجو۔
021111465465
080080800
02134591131
 
Back
Top