اوهان جي مرضي باقي اوهان جي اها بيواجبي آهي۔۔۔ سنڌي قوم تي 11 مئي کانپو گار جي رئي آهي ڪو پنهنجو فلسفو پيش پيو ڪري ته ڪو قائد انقلاب جا قول پيش پيو ڪري پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌي قوم کان غلط ڪم ڪهڙو ٿيو آهي؟ جمهوريت پنهنجي پسنديدهه اڳواڻ کي اڳيان آڻڻ کي ئي چئبو آهي اگر سنڌي قوم پيپلز پارٽي کي پسند ٿي ڪري ته ان ۾ ان جو ڪهڙو قصور آهي ۔۔۔۔ يارو ڪجهه رحم ڪريو اهي پيرين اگهاڙا، غريب ۽ سادڙا سنڌي پنهنجو برو ڀلو ڄاڻن ٿا پنجابي، پنجابي حمايتين، پٺاڻن، مولوين کي ٿڏي اگر عوام پيپلزپارٽي کي ووٽ ڪيو آهي ته اهو ايڏو به ڪبيره گناهه ناهي جو اوهان اهڙو رويو رکي سنڌي قوم کي گهٽ وڌ ڳالهايو
بادشاهه ماڻهو آهيو سائين۔۔ پيپلز پارٽي کي سنڌ جي گهڻي ڀاڱي سيٽن تي ڪاميابي ملي آهي ڇا اهي لکين ووٽر بيوقوف آهن؟؟ ماڻهو پيپلز پارٽي مان هر حال ۾ خوش آهن ته پوءِ ڪنهن ٻي کي تڪليف ڇو آهي؟
سائين اهو ته مان چوڻ چاهيان ٿو ته گھڻي ڀاڱي عوام بيوقوف آهي۔ جنهن جي ڪري ٻين کي به پنج پنج سال لوڙنو پوي ٿو۔
عوام بيوقوف ناهي ۔۔۔۔۔ عوام صحيح فيصلا ٿو ڪري ۔۔۔۔ ڀلا هو ڪنهن کي ووٽ ڏئي؟؟؟ ٻن چئن سيٽن تي بيهندڙن کي ڪامياب ڪرڻ سان ڪهڙو انقلاب ايندو ۔۔۔۔ گدڙ ڊاک نه پڄي ٿو کٽا ...... اهو پهاڪو اڄ گهڻو پيو ياد اچي، قومپرستن ۾ ڪا اهليت ڪانهي جو ماڻهن کي گڏ کڻي هلن ... 100 ديڳڙيون ٺاهيون ويٺا آهن، انائون ڪونه ٿا ڇڏن .... پوء ماڻهن جي به مرضي آهي ته پ پ پ کي ووٽ ڏين. 1988ع ۾ ٺهيل سنڌ قومي اتحاد کي ياد ڪيو ۽ ان وقت جي ماڻهن پاران ڏنل موٽ کي به ... پر قومپرست پاڻ ۾ نه ٺهيا ۽ اهو اتحاد به ٽٽي ويو .... وري ساک بحال ڪرڻ سولي ناهي ..... ان کانپوء به ماڻهن کي گاريون ۔۔۔۔۔ فنڪشنل جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي اليڪشن وڙهندڙ 10 جماعتي اتحاد جيڪا قومپرستن جي اچي اليڪشن مهم هلائي ان جي به خبر آهي۔۔۔۔۔ اڄ فنڪشنل ڪرسي جي لالچ ۾ اچي نواز سان ڳالهيون ڪيون آهن؟ ڇا هنن قومپرستن کان پڇيو ؟؟؟؟ باقي اجتمائي خودڪشي سنڌين تڏهن ئي ڪئي هئي جڏهن هنن جي ايم سيد جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ٺاهڻ جي گهر ڪئي هئي ۔۔۔۔