سنڌ جي قومپرستن هر ڏک سک ۾ سنڌي ماڻهن جو ساٿ ڏنو ، چاهي ڊيم هجي يا ٻٽو نظام هجي ، مطلب ته هر ڳاله ۾ قومپرست سنڌين سان گڏ رهيا ، جيلون ڪاٽيون سختيون سٺيئون ، پر جڏهن اڄ انهن جي قرض لاهڻ جو ڏينهن آيو ته سنڌي عوام انهن کي ڇا ڏنو؟ هيل به وري پ پ پ کي ووٽ ڏئي سنڌي عوام اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هو سنڌ جي ترقي ، خوشحالي ۽ آزاد ڏسڻ ئي نه ٿا چاهين . منهنجو قوپرست دوستن کي عرض آهي ته توهان ڇو ٿا سنڌين جي پلائي جو سوچيو ،چو ٿا سنڌين جي ڪري ٿا تڪليوفون برداش ڪيو ، ڀلي ايم ڪيو ايم ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري چڏي ، ڀلي ڪالاباغ ڊيم ٺهي . توهان سنڌين کي چڏي ڏيو......
سنڌي سٻاجهڙا سادا آهن ، بيوقوف آهن ، چريا آهن ، کريا آهن ، پر پوءَ به پنهنجا آهن ، سڄڻ رُٺا ئي رَهن پر هجن شال حياتي مين ادا خدا جي واسطي هن لاءِ ڪجهه سوچو ، سوچو پر ڪنهن انداز سان ، اُن ۾ سنڌي ماڻهن جي پسند جو بي خيال رکيو وڃي
جيڪو اها سوچ رکندو اهو شايد سنڌي ناهي ،،،،، اوهان سائين جي ايم سيد کي پڙهو ته اوهان کي احساس ٿيندو ته هو ڪيئن نه پنهنجي قوم سان عشق ڪندو هو۔ ايڏا جذباتي نه ٿيو ۔۔۔۔ پهريان ووٽ جي سياست ڪندڙ قومپرستن کي سکڻ ڏيو ته ووٽ ڪيئن وٺبو آهي۔
ادا عبدالعزيز۔۔توهان جي ڏُک کي هر سنڌي ماڻهو محسوس ڪندو۔۔ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ کي حق تيستائين نه ملندا جيستائين هتان جا اصل نمائيندا ايوانن ۾ نه پهچندا۔۔پر ڇا اسان اهو سوچيو آهي ته قوم پرست هميشه ڇو هارائن ٿا۔۔۔؟ قوم پرستن کي گهرجي تي هو انهن سببن کي ڄاڻين جن جي ڪري اهي عام سنڌي جي دلين ۾ گهر نه ڪري سگهيا آهن۔ اهي ڪهڙيون خاميون آهن جيڪي کين عام ماڻهن کان ڏور ڪن ٿيون۔۔پري وڃڻ جي ضرورت ناهي۔ پنهنجي آس پاس رهندڙ ڪنهن به سنڌي کان سنڌي قوم پرستن جو رايو وٺو۔ توهان کي اندازو ٿي ويندو ته اهي اليڪشن ۾ ڇو کٽي نه سگهيا آهن۔۔توهان سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ هليا وڃو۔۔اتي جي ڪنهن به مزدور، دڪاندار، رڪشا ڊرائيور يا ڪنهن روڊ تي بيٺل فروٽ، ڀاڄي وڪڻندڙ کان قوم پرستن بابت رايو وٺو۔۔صحيح حقيقت توهان آڏو ظاهر ٿي ويندي۔۔۔!!
آئون معافي ٿو وٺان انهن دوستن کان جن دوستن کي منهنجي ان ڳالھ کان ڏک پهتو هجي ، منهنجو هر گز اهو مطلب نه هو ته آئون سنڌين کي ڳالهيان ڇاڪاڻ ته آئون پاڻ به سنڌي آهيان۔ البته مونکي ان ڏينهن واقعي ۾ ڏک پهتو هو جڏهن خبر پئي ته ڪنهن به قومپرست کٽيو ناهي، پو شايد مون پنهنجي ڏک جو اظهار ڪرڻ ۾ غلطي ڪئي هجي۔۔۔ سائين سليمان منهنجي سوچ ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خلاف ناهي رهي ، بيشڪ سائين جي ايم سيد پنهنجي سموري زندگي سنڌين لا وقف ڪري ڇڏي ۔ سائين توهان ائين نه چئو ته مان سنڌي ناهيان ۔ سائين مان سنڌي آهيان آهيان آهيان وري به معافي ٿو گهران معاف ڪجو ۔۔۔
سوشل ميڊيا تي اهڙو ئي هڪ اسٽيٽس ڦلجي اسٽيشن سان تعلق رکندڙ اسان جي دوست عارف جهتيال لکيو آهي: ان جي جواب ۾ مون لکيو آهي: امتياز سمون لکي ٿو: 2013 جي اليڪشن جي رزلٽ کان پوءِ ھڪ بحث خاص ڪري سوشل ميڊيا تي تمام زور سان ھلي رھيو آھي ته قومپرستن کي شڪست ملي آھي ھي سنڌي قوم ڪھڙي قوم آھي جيڪا ٽپي کي کٽائي ٿي شرجيل ، اياز سومرو، ڄا۾ خان شورو ، جھرن کي ووٽ ڏئي ٿي پر اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽررجب علي ميمڻ ، جلال محمود شاھ، ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ ٻين قومپرست ڪارڪنن کي ايترين قربانين جي باوجود ووٽ نٿي ڏي، ان سان گڏ سنڌي قوم بابت عجيب غريب ڪمنٽس ڪيا پيا وڃن منھنجي خيال ۾ سنڌي قوم سان پيار ڪندڙ کي قومپرست چئجي ته غلط نه ٿيندو، قومپرستن جي قوم محبوبه ھوندي آھي جيڪا ڪيترو به غلط ڪري، ڪيترا ناز نخرا ڪري پر وري به پياري ھوندي آھي، تنھن ڪري قومپرستن کي نه ڪا مايوسي ھوندي نه وري اھي اھو برداشت ڪندا ته ان جي محبوبه جي باري ۾ غلط ڳالھايو وڃي. باقي جيتري قومپرستن جي اليڪشن حوالي سان ناڪام ٿيڻ جي ڳالھ آھي ان بابت پھريون اھو ته قومپرست ھن ڀيري اليڪشن ۾ جيڪو ووٽ حاصل ڪيو آھي اھو به گھٽ ناھي اياز لطيف سورنھن ھزار ، ڊاڪٽر رجب ميمڻ ارڙھن ھزار ، جلال محمود شاھ پنجاھ ھزارن جي لڳ ڀڳ ووٽ حاصل ڪيا . اھي ووٽ ڏيندڙ ماڻھن جو وڏو انگ آھي ھي اھي ماڻھو آھن جن قومپرستن کي موٽ ڏني آھي . ان ڪري ھن اليڪشن ۾ قوم جي ھڪ حصي قومپرستن کي موٽ ڏني آھي، ھاڻي جيتري قدر قومپرستن جي اليڪشن جي حوالي سان ناڪامي جي ڳالھ آھي ان سلسلي ۾ منھنجي خيال ۾ ھٺيان سبب آھن: *قومپرستن وٽ مظبوط تنظيمي نيٽ ورڪ نه ھجڻ۔ *اليڪشني مھم کي صحيح نموني ھلائي نه سگھڻ۔ *مالي طور ڪمزور ھجڻ۔ *اليڪشن واري ڏينھن مڪمل رٿابندي ڪري پولنگون نه سنڀالڻ۔ *ماڻھن سان مرڻي پرڻي ۾ نه بيھڻ۔ جيڪڏھن قومپرست ھاڻي ھن تجربي مان سکي اڳتي تياري ڪن ته آئون يقين سان چوان ٿو ته قومپرست سنڌ ۾ سٺي انگ ۾سيٽون کٽي سگھن ٿا۔
سائين جي ايم سيد فرمايو آهي ته۔۔ سنڌي قوم ڦرڻي گرڻي محبوبه جيان آهي۔ ۽ ان جي ان عادت مونکي ان جو عاشق بڻائي وڌوآ هي۔۔
پنهنجي قوم کي جاهل ،سست،ڄٽ چوڻ وارن ووٽ جي ذريعي اسيمبلي جي ڳاڙهي ڪرسي تي ويهڻ وارن ڪوڙن قومپرستن منهنجي محبوب قوم لئه انتهائي ڪريل ٻولي ڳالهائي آهي۔۔ قوم کي توهان جي لڇڻن جي خبر هئي ته انهن جي منزل به اقتدار آهي،تنهن ڪري توهان کي ووٽ نه مليو۔۔ توهان کي سٽ نه ملي ء توهان قوم کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو۔۔ سنڌي قوم لئه زندگي جا 33 سال نظر بندين،جيلن،گهاڻن ۾ گذاريندڙ سائين جي ايم سيد کي جڏهن چوندا هئا ته هن قوم لئه جدوجهد نه ڪر ڇو ته هيء قوم غلامي ۾ خوش آهي۔۔ته قوم جو عاشق چوندو هو،،۔۔ جيها سي تيها مون مارو مڃيا۔۔۔۔۔۔ پنهنجا ٻه ڪونڌر سنڌ تي قربان ڪندڙ شهيد مظفر ڀٽو جي ماء به ڪڏهن ايئن نه چيو ته هي قوم بي بيوقوف آهي منهنجي پٽ جي شهادت تي اٿي ڪونه۔۔ قادر،اياز ۽ جلال شاهه ته اڃان رڳو عشق جي دعوا پيا ڪن۔۔عشق جيون سختيون ۽ عشق جي منزل ۽ قومي عشق جي انتها توهان جي ايم سيد کان سکو۔۔ ڳاڙهين ڪرسين جا شوقين۔۔۔۔۔
قوم پرستن جي نان۔۔۔ هم ڪيسي جيت جاتي تيري عشق ڪا اليڪشن۔۔!!ڌانڌلي عُروج پي ٿي سو هم نا اهل ٺِهري۔۔!