ملاح جيڪي اميرالبحر به سڏيا وڃن ٿا، تن جي ئي قبيلي جوهڪ ناکئو اڄ کان پنج سال پهرين سمنڊ ۾ معصوم ٻارڙن ۽ ونيءَ لاءِ روزي ڪمائڻ ويو هو پر اڄ ڏينهن تائين معصوم ٻارڙا سندس راهه تڪين پيا. ٻيڙيائتي عظيم جي ماءُ ملوڪان پٽ جي اوسيئڙي ۾ نير وهائي وهائي اکين جو نور وڃائي چڪي آهي ۽ معصوم جذبا رکڻ واري زينت اڄ به پنهنجي وڻجاري جي انتطار ۾ راهون تڪي پئي. ڪڏهن سندس جدائي ۾ روئي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ڏڍ ڏئي ٿي ته عظيم هڪ ڏينهن ضرور موٽندو. سندس وئي کانپوءِ آيل ڪيئي سيارا ۽ بهارون هن جون انتظار ۾ گذريون آهن. عظيم جيڪو کيس پنج ٻار جهوليءَ ۾ ڏئي ويو آهي تن جي پالنا پڻ اڄ زينت جي ذميواري آهي. ملاڪاتيار واري بند جي ڪڇ ۾ غريب آباد جي نالي سان غريبن جي هيءَ وسندي 2011ع جي طوفاني برساتن ڊاهي پٽ ڪري وڌي، هڪ طرف ور جي وڇوڙي جو درد ۽ ٻئي طرف کلي آسمان هيٺ گذرندڙ زندگي زينت ڪيئن پئي گذاري سو هڪ درد ڀريو داستان آهي. ملوڪان جي آهوبقا ۽ درديليون دانهون پاڙيوارن کي هر وقت ڪنن ۾ ٻرن ٿيون. تڙ نهاريان تي، منهنجا بندر وئڙا جي، مان سڙهه سڃاڻان سڄڻين اڀي اوسهه پائيان، ڪارڻ وڻجاري گهڻو اڪنڊي آهيان، پرين پنهنجي کي. اڄ به وڻجاري جي ماءُ هر وقت لطيف جو مٿيون شعر جهونگاري پئي پر وڻجارو سڏ اونائي ڪون ٿو، جڏهن ته امڙ اڄ به سندس درد ۾ دانهون ڪندي ڪندي پنهنجو هوش پڻ وڃائي ويٺي آهي. برساتن جي تباهي کانپوءِ دردن جي ماريل زينت هڪ ڪکائين جهوپڙي ٺاهي پنهنجي معصوم ٻارڙن جي مٿي ڇانو ڪئي هئي جنهن ۾ کيس هر وقت اها ئي تار ۽ تمنا آهي ته متان ڪو منهنجو وڻجارو اچي ۽ آئون به ڏهاڳڻ مان سهاڳڻ بڻجان. غريب جي گهر ۾ هوندو به ڇا آهي، هڪڙي ڇڳل کٽ، ٻه ٽي پليٽون، ٻه ٽي پراڻيون رليون ۽ ٻه ٽي ديڳڙا. زماني جي ملڪيت مال و زر ته صرف زينت وٽ ايترو ئي آهي پر اصل ملڪيت جيڪا وڻجارو کيس ٻارڙن جي روپ ۾ ڏئي ويو آهي تنهن ملڪيت کي سنڀالڻ لاءِ ڪمزور ۽ ناتوان عورت زينت ڀرسان وهندڙ درياهه بادشاهه جنهن جو پيٽ به خود سڪو پيو آهي جنهن ۾ صرف اڄ هڪ ننڍڙي شاخ وهي پئي تنهن مان ڪڏهن ڪڏهن ڪا مڇي ٿي ماري يا وري درياهه جي سڪل پيٽ ۾ ڦٽل ديوي مان ڪاٺيون وڍي يا وري ڀروارن زميندارن جي ٻنين ۾ مزدوري ڪري پنهنجو ۽ معصوم ٻارڙن جو پيٽ پالي ٿي. 2011ع جون بارشون هن مصيبت جي ماريل گهراڻي مٿان قهر بڻجي ڪڙڪيون ۽ سندن رهيل سهل ست نپوڙي ورتو. اڄ زينت، ٻڍڙي ملوڪان ۽ معصوم ٻار هينڊز ۽ Ukaid طرفان هڪ ڪمري واري گهر لاءِ مليل مدد مان جڏهن گهر جوڙين ٿا ته کانئن مزدوري ٿي ڇڏائجي وڃي، جي مزدوري ٿا ڪن ته گهر جو ڪم رهجي ٿو وڃي، وٽن ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ نلڪو به ناهي جو هو ان مان پاڻي پيئن پر کين پاڻي ڀرڻ لاءِ به ڪنهن ٻي در جي چائنٺ ٽپڻي ٿي پوي. اهڙا معصوم ڪردار جن سان وقت وڏو ويل وهايو آهي سي ڪنهن در ڏين دانهڙي؟ پر ٻئي طرف سندن همٿ، جذبو ۽ حالتن سان جنگ جوٽڻ وارو عمل اسان سڀني لاءِ اتساهيندڙ پڻ آهي. هڪ ناتوان ۽ ڪمزور ناري جنهن جي ور کي خبر ناهي ته سمنڊ ڳڙڪائي ويو يا انڊين ميرين جي هٿان کنڀجي هندستان جي ڪنهن جيل ۾ قيد آهي. تنهنجي خبر ناهي. اڄ به معصوم ٻار ۽ ملوڪان ٻه واٽي تي بيٺل آهن ڪڏهن سندن دل ۾ اميد جاڳي ٿي ته هڪ دفعو وري وڻجارو ايندو ۽ سانگ رچندا ۽ خوشيون ٿينديون ته ڪڏهن ڪڏهن دل اها گواهي ڏئي ٿي ته جيڪڏهن هو جيئرو هجي ها ته پنجن سالن ۾ هو ڪا چٺي، ڪو نياپو ضرور موڪلي ها. ماءُ جو لاڏلو پٽ عزيز عام زندگي ۾ ڪڏهن به اهڙو لاپرواهه نه رهيو هو جو هن ائين ڏينهن جا ڏينهن ماءُ کي انتظار ڪرايو هجي. هاڻ خبر ناهي ته قضا جو قهري ڪانُ کيس جهٽي ويو آهي يا سرحدون ورهائيندڙ ڌرتي جا رکوالا کيس کڻي ويا آهن. هڪ طرف هي داستان آه وبقا، سسڪين، دردن ۽ ڏکن سان ڀريل آهي ته ٻئي طرف اورچائي، همٿ، محنت، زندگي سان مهاڏو اٽڪائڻ وارو روشن مثال پڻ آهي. زينت جو درد ٻڌجي ٿو ته هانو ۾ جهير پون ٿا، هينئون نپوڙجي ٿو ۽ ٻئي طرف سندس اکين ۾ سمايل اجرا خواب ۽ خيال آهن جيڪڏهن اهي ڏسجن ٿا ته همٿ، جذبي جو اڻ کٽ درياهه روان دوان نظرجي ٿو. اڄ زينت روزي ڪمائڻ سان گڏوگڏ پاڻ پنهنجي ڪمزور ۽ نٻل هٿڙن سان پنهنجي نسل جي بقا لاءِ اجهو تعمير ڪري رهي آهي، سندس ڪاريگر هٿن جو ڪمال آهي جو هوءَ لئيءَ ۽ بانٺ مان پنهنجو گهرڙو سوبه محفوظ گهرڙو ٺاهي رهي آهي. پنهنجي جوان جذبن واري ڪمزور ۽ ناتوان جسم سان مٽي کي ڳوهي منجهس ڇيڻو ۽ بهه ملائي ان بانٺ وارين ديوارن کي ڇنڀ هڻي ٿي ته ان جي اکين جي جوت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. پيڙاهه ۽ اميد جي ٻه واٽي تي ٽنگيل هي زندگي هڪ طرف هڪ ڊگهي انتظار جي اذيت کي ڀوڳي پئي ته ٻئي طرف عزيز جي ڏنل معصوم تحفن کي پالڻ جو ذمو به ادا ڪري پئي، سندس خواهش آهي ته هي معصوم ٻارڙا جن جو پيءُ هڪ اهڙي ڊگهي ۽ نه کٽندڙ مسافري تي ويو آهي جتان سندس ڪو به ڏس ۽ پتو نه پيو اچي سي ٻارڙا اجهي ۽ لٽي سان گڏوگڏ علم جي روشني پڻ حاصل ڪن جيئن سندن ايندڙ زندگي زينت ۽ ملوڪان وانگي مشڪلاتن جو شڪار نه هجي. ڏٺي ڏياري، سڄڻ سفر هلئا، پايو پاند ڳچيءَ ۾، زور ڪريان زاري ڪانءُ هڻي ڪاري، وئو وڻجارو اوهري. عبدالرزاق عمراڻي