تاريخ جي ڪهاڻي پوپٽيءَ جي زباني: نئين سنڌ اڏيندڙ ڀائي پرتاب ڏيئلداس سنڌ جدا ٿي: سنڌي مسلمان گهڻي ڀاڱي سٻاجها سٺا ۽ اٻوجهه هئا پر ڪي مذهبي ڪٽرتا وس اڳواڻ کين گمراهه ڪري غلط راه هتي وٺي ويندا هئا، جنهن ڪري هندو مسلم فساد پيا ٿيندا هئا. سنڌ ۾ ٻه سنسٿائون مسلم ليگ ۽ هندو مهاسڀا زور هيون. مسلم ليگ جو اڳواڻ جي ايم سيد هو جنهن اهو پرچار ڪيو ته سنڌ بمبئي سان گڏيل هئڻ ڪري بمبئي پريزيڊنسي ٿي سڏجي جنهن ڪري سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن جيڪي گهڻائيءَ ۾ آهن، انهن کي سياسي عهدا نه ٿا ملي سگهن. ان ڪري سنڌ ممبئي کان جدا صوبو بڻائجي. ان ويچار کي سنڌي ڪانگريسي اڳواڻن به سيڪيولر هئڻ جو ڍونگه ڪري مڃي ورتو! ڪي سنڌي ڪميونسٽ پڻ انهن ٻنهي سان ان ويچار ۾ شامل ٿيا هئا. سنڌي ڪانگريسي اڳواڻن مان ڪي ته پهرين هندو سڀا جا مکيه ميمبر هئا ۽ سنڌي ڪميونسٽن مان پهرين ڪي ڪانگريسي هئا. (پهرين ڪانگريسي هئڻ سبب اڄ ڪي پاڻ کي سوتنترتا سئناني مڃي ۽ سڏي سرڪاري الائونس وٺندا آهن.)ووٽن وٺندي هڪ ئي ويٽو ووٽ تي سنڌ ممبئيءَ کان جدا ٿي وئي. جنهن ڪري سنڌ صوبو مسلم گهڻائيءَ وارو صوبو بڻجي ويو! اهو ويٽو ووٽ هڪ ڪانگريسيءَ ئي ڏنو هو! ان ئي گهڻائيءَ سبب پاڪستان کي برپا ڪرڻ ۾ انگريزن کي پنهنجي مراد حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿي. ايئن نه ٿئي ها ته جيڪر پاڪستان ئي نه ٺهي ها! مذهبي ڪٽرتا وارا مسلمان ڪنور ڀڳت کي خون ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ويا ۽ قوميت يعنيٰ نئشنل ويچارن وارن مسلمانن، جهڙول الله بخش سومري کي پڻ قتل ڪرڻ ۾ اهي ڪٽر مذهبي ڪامياب ٿيا. سنڌي ڪانگريسي اڳواڻن ۾ هڪ کان مٿي ڌريون هيون. هڪ ڌر ۾ نارائڻداس ملڪاڻي، ڀائي پرتاپ ۽ ڪي ٻيا هندو ۽ سنڌي مسلمان هئا ۽ ٻيءَ ڌر ۾ جئر امداس دولترام، پروفيسر گهنشيام شوداساڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي وغيره هئا، ٽينءَ ڌر ۾ جيٺي سپاهيملاڻيءَ جهڙا هئا ۽ ڪي ٻيا آچاريه ڪرپالاڻيءَ جهڙا پاڻ کي سنڌي، نه پر نئشنل اڳواڻ سمجهي سنڌ جي سياست کان ٻاهر ئي رهندا هئا. ڀائي پرتاپ سياسي چالن کان ٻاهر هو. بس هو سمجهندو هو ته ديش ڀڳتيءَ سبب سڀئي پاڻ ۾ ڀائر ڀينر ٿياسين. ان ڪري سندس جهوني گهر ۾ توڙي نئين گهر مئتري ڀون ۾ سڀ ڪنهن خيال جا ڪانگريسي اچي رهندا هئا، سندس خرچ تي سهوليتون يعني هوائي جهازن جا ڀاڙا ڀتا حاصل ڪندا هئا، ميتنگون ڪندا هئا ۽ کانئس سڀ ڪنهن قسم جي مدد وٺندا هئا. سنڌ جدا ٿي ته سنڌي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ لاءِ ڀائي پرتاپ ديش جي اڳواڻن کان ٽڪيٽ وٺي آيو، پر سندس ٽڪيٽ رد ڪرڻ لاءِ سنڌي اڳواڻ ڀارتيه (نيشنل) اڳواڻن وٽ اچي وشنو شرما لاءِ ٽڪيٽ وٺي آيا ۽ هنن ڀائي پرتاپ جو واپاري هئڻ جو بهانو ڏئي هن جي ٽڪيٽ رد ڪرائي ڇڏي! سنڌ ڪڻڪ جي گهڻي پيداوار ڪندڙ ايراضي هئي. ڀائي پرتاپ ممبئي ۾ ڪڻڪ موڪلي ڪمائيندو هو. ان واپاري فائدي ۾ ٻيا اڳواڻ پڻ ڪنهن نه ڪنهن نموني شامل هوندا هئا يعنيٰ ڪمائيندا هئا پر سياسي چال ۾ هوشيار هئڻ ڪري هنن ڀائي پرتاپ کي ڪٿي به عهدو نه ڏياريو! ڀائيءَ جو من ڪشادو هو. هو ڪنهن کان به وير ڪين وٺندو هو. تن ڏينهن ۾ ۽ اڄ به، هڪ استري ۽ هڪ پُرش، دوست نه مڃيا ويندا آهن. پر ڄيٺي سپاهيملاڻي ۽ ڀائي ڀرتاپ پاڻ ۾ گهرا دوست هئا ۽ سندن دوستي سچي گيهه جهڙي نج ئي رهي. ٻئي کلندا کائيندا گڏ هئا. ٻنهي جي وچ ۾ تمام عجيب و غريب مگر تندرست، پاڪ ۽ اپوتر تا کان پري دوستي هئي. ورهاڱواسان جي ملڪ جو ڀارت جو ورهاڱو هڪ اتهاسڪ ڪم نصبيءَ واري چڪ هئي! ورهاڱي کان پوءِ مان ماءُ ۽ ڀيڻ سيمت پهرين جوڌپور ۽ پوءِ بڙودي ۾ ڊسمبر 1947 ۾ پهتس. جنوريءَ ۾ ڀائي پرتاپ جي ڀاءُ هرڪشن جو سئزرلينڊ ۾ رهندو هو ۽ جو ملڪ جي روهاڱي بابت ٻڌي بمبئيءَ ۾ آيو هو تنهن ڏٺو ته ڀائيءَ جي ڌيءُ منجري من ۽ تن ڪري تندرستي نه ٿي ماڻي سگهي ته ايم ڏيئلداس ۾ هڪ ڪم ڪندڙ کي مون وٽ بڙودي ۾ ڏياري موڪليو ۽ عرض ڪيو ته ممبئيءَ ۾ منجريءَ کي اچي ساٿ ڏي. مان ائين به ممبئيءَ ۾ اچي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ويٺي هيس، سو ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي بڙودي ۾ ڇڏي مان ممبئيءَ ۾ ڀائيءَ جي گهر پام ڪورٽ ۾ اچي رهيس. ڀائيءَ جو ڀاءُ هرڪشن تمام سهڻو ڊگهو، عقل وارو، خوش مزاج هو. هن سئزر لينڊ جي هڪ سندر ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ ايم ڏيئلداس فرم کي ڇڏي، ان جي مالي فائدي تان هٿ کڻي آفريڪا ۾ پنهنجي فرم کولي ۽ اتي بادشاهه فاروق سان دوستي رکي گهڻيئي لائسنس هٿ ڪري ڏاڍو ڪمايو هو. هو ڪڇ ۽ سنڌ مان آرسين ڀريل ٽڪرن مان ڇئون، ٽپائي ڪورس ٺهرائي اميريڪا وڪڻندو هو ۽ سوپاري ڀڃڻ واري پتل جي ٺهيل اوزار هردوار مان ان کي بدلي ، اکروٽ ڀڃڻ وارو سونو اوزار ٺهرائي فاروق کي سوکڙي ڏيئي، لائسنس وٺي وري پتل جا اهڙا اوزار ٺهرائي تمام مهانگا بڻائي افريڪا ۾ وڪڻندو هو. ( اهو ئي سنڌ ورقين جو گڻ ۽ هنر هو !) انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته هر سڦل مرد جي پٺيان هڪ استري هوندي آهي پر حقيقت ۾ مرد جي سڦلتا پٺيان زال جي قرباني ئي ڪم ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته سڦل مرد کي نه وقت هوندو آهي ۽ نه ايتري پرواهه جو پنهنجي زال کي وقت ڏئي جو ان کي پرچائي يا هن جي خاموشيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. گهڻي ڀاڱي ٻاهرينءَ دنيا ۾ گهڻو ڪم ڪندڙ مرد زال ( پنهنجي ڌرمپتني) جي نازڪ ڀاونا مرادن يا چاهنائن کان صفا بي خبر هوندو آهي. ڇا جواهر لعل جوانيءَ ۾ زال کي وقت ڏيئي سگهيو ؟ ڀائي پرتاپ جي ڳالهه ته صفا ٻي هئي. ڀائي تمام سهڻو، ڊگهو، عقل وارو، پڙهيل ڄاڻو، ڪن ڳالهين ۾ ودوان، ديش ڀڳت، هندستاني سنگيت ۽ نرتيه جو ڄاڻو، ڏيا ميا وارو، حشمت رکندڙ، حڪم هلائيندڙ مرد هو پر سندس زال لڪشمي تمام ٿورو پڙهيل، ٻالي، ڀولي، زنانين چالاڪين ۽ اٽڪلن کان صفا اڻ ڄاڻ زال هئي. ڀائيءَ کي پٽ حاصل ڪرڻ جي گهڻي تمنا هئي پر سندس پتنيءَ کي چار ڌيئون ئي ڄايون! هندستان جي سماج ۾ جنهن زال مٿان مڙس جو پيار ڀريو هٿ هوندو آهي سا راڻي بڻجي سڀ تي حڪم هلائيندي آهي ۽ کيس گهرو ڳالهين ۾ مالڪي هوندي آهي. نه ته هن جي حالت قياس جوڳي بڻجي ويندي آهي. لڪشمي رڌڻ ۾ تمام هوشيار هئي. ڀائيءَ وٽ ولائت مان انجينئر ۽ آرچٽيڪٽ ايندا هئا ته ڀائي لڪشميءَ کي چوندو هو اڄ ڊنر تي ٻنهي نمونن جون شيون رکج ته هوءَ جدا جدا قسمن جون ڊشز ٺاهي ويندي هئي. پر ڌرمپتنيءَ کي جيڪا عزت ۽ جيڪو پيار ملڻ کپي اهو لڪشميءَ کي نه مليو ! ان ڪري گهر ۾ پڻ کيس ڪنهن به ڪنڊ مان عزت ۽ پيار نه مليو. سندس ٻه وڏيون ڌيئون، ڌيءُ جو فرض پالڻ کان صفا پري هيون. ٻه ننڍڙيون ڌيئون ماءُ کي پيار ۽ عزت جهجهو ئي ڏينديون هيون پر ٽنهي کي وهنواري طرح گهڻن قسمن جا اڌڪار مليل نه هئا. اهي وڏيون ٿيون ته ڇا ٿيون، اها مون کي خبر نه آهي ڇاڪاڻ ته ڇهه مهنا ڪين گذريا هئا ته مون پنهنجي گهر جي ڀاتين کي ممبئيءَ گهرائي ورتو ۽ انڌيريءَ واري پنهنهجي گهر هلي ويس. ورهاڱي بعد اڃا هڪ سال ئي نه گذريو هو ته جي ايم سيد جو سپنو ٽٽي پيو ! هن پهريون سمجهيو هو ته سنڌ الڳ ٿيڻ ڪري سنڌي مسلمانن کي گهڻا حق ملندا، آسودگي ملندي ۽ اهي گهڻي ترقي ڪندا پر محمد علي جناح جي صفا ٻي مراد هئڻ ڪر سنڌي مسلمانن کي مليو ته ڪجهه به ڪين پر پاڻ انهن کان گهڻو ڪجهه کسجي ويو ! نشي ٽٽڻ بعد جي ايم سيد لڪل ويس ڌاري ڀائيءَ جي گهر ( بمبئيءَ واري پام ڪورٽ ۾ – جو اوول ميدان جي سامهون آهي ) فرسٽ فلور واري فليٽ ۾ اچي رهيو. ( ان وقت مان ان گهر ۾ نه رهي پنهنجي انڌيريءَ واري گهر ۾ رهندي هيس پر سنڌ ماڊل اسڪول ۾ ماستري ڪندي پام ڪورٽ ۾ ڪڏهين ڪڏهين ايندي ويندي هيس) شام جي وقت هو هيٺ لهي سامهون وار بئنڊ اسٽئنڊ تي ٺهيل باغ ۾ بينچ تي هوا کائڻ لاءِ ويهندو هو. اتي مون کائنس ٻه ٽي دفعا ڪي سوال پڇيا هئا. پهرين ته مان کيس سڃاڻي نه سگهيس. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾هو هڪ ڊگهي ۽ ڪاري ٽوپي ۽ گهڻن گهنجن واري سلوار ۽ مسلماني ڊگهو ڪڙتو جنهن جو هيٺيون حصو گولائيءَ سان سبيل هوندو آهي،پائيندو هو ۽ سنڌي پتلون ۽ مٿو اگهاڙو ڪري ويهندو هو. ڀائي جي گهر ۾ هئڻ ڪري هڪ ٻه دفعو رات جي مانيءَ تي ڀائي پرتاپ، جي ايم سيد، ڄيٺي سپاهيملاڻي ۽ آچاريه ڪرپالاڻيءَ کي ٽيبل تي پاڻ ۾ بحث ڪندو پڻ ڏٺو هوم. اهي ڇا ڳالهائيندا هئا ۽ ڪهڙا ڪهڙا پاڻ ۾ شامل هئا يا مخالف پئي ڪيائون، هڪ ٻئي جي راءِ اهي ڳالهيون مون کي معلوم ٿي نه سگهنديون هيون ڇاڪاڻ ته انهن چئن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ساڻن گڏ ميز تي ويهڻ جي موڪل هرگز ڪين هوندي هئي، تنهن خاص وقت. پوءِ هڪ دفعو ڊاڪٽر چوئٿرام پڻ ڀائيءَ جي گهر اچي ٽڪيو هو. اهو جڏهن ايندو هو تڏهن ٻيو ڪو به اڳواڻ اتي نه هوندو هو. (ان جو مطلب اوهين پاڻ ئي سمجهي وڃو) ان وقت ڀائي ۽ ڊاڪٽر ٽرڪون ڀرائي ( ڪپڙن، بصرن پٽاٽن، سبڻ جي مشنين وغيره سان ) ڪرلابا ٻين رفيوجي ڪئمپن ۾ ويندا هئا. رات جي وقت هي ٻئي انسان دکي ٿيل سنڌين جي قطارن ۾ دک سور پيا ٻڌندا هئا. اهي سنڌي پام ڪورٽ جي هال کان ٻاهر ڪاريڊار ۽ ڏاڪڻ ۽ رستي تائين لائين ۾ بيٺل هوندا هئا. ڀائي صاحب منجري ۽ مون تي ڪم رکندو هو ته هڪ هڪ پاپڙ پاڻي ۽ چانهه ڏيون.چانهه جي ڪوپن کي ڌوئي ڏيڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته ڀائي پاڻ رنڌڻي ۾ اچي پاڻ ڪوپ پليٽون ڌوئيندو هو يا سنڌين جي مدد ڪرڻ لاءِ ڀائي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين جا ڪٻٽ کولي ان مان هئنگرس مان ڪپڙا لاهي کڻندو هو ۽ چوندو هون ته هيترا ڪپڙا ڇو ٿا ٺهرايو ؟ جڏهين اسان جا سنڌي ڀائر ڪپڙن لاءِ پيا سڪن؟ نئين سنڌ جو ٺهڻ جي ايم سيد کان مون ڪجهه پڇيو هو ته چيائين ”ڇوڪري ! تون اڃا ننڍي آهين. اسان جون ڳالهيون تون نه سمجهندينءَ ؟ ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ئي ٿو ٻڌايانءِ. اسين پاڪستاني پاڻ ۾ گهڻا صوبا آهيون جن کي ون يونٽ ٿو سڏيو وڃي. اسين اهو ڀڃينداسين. اسان سنڌين سان انصاف نه ٿيو آهي. ڀائي پرتاپ هڪ هندو سنڌ ٿو بنائڻ چاهي ۽ اهو خيال مون ئي منجهس وڌو آهي ته پاڪستان واريءَ سنڌ سان هڪ ”هندو سنڌ“ به ڀرسان گڏيل موجوده هجي ته پوءِ ٻئي سنڌون هڪ ٻئي سان لڳي پاڻ ۾ ٺهي وڃون ! ڀائي پرتاپ اڀياسي ۽ لگن رکندڙ شخص آهي هو ڪڇ جي ايراضيءَ ۾ نئين سنڌ ٺاهڻ ٿو چاهي. سچ پچ ڀائي ڪڇ جي راءِ، جو اصل سنڌ جو ئي رهواسي جاڙيجا ذات جو هو، تنهن وٽ لنگهي ويو هو ۽ جاڙيجا راءِ سندس آجيان ڪندي محل جي راڻين سان به سندس واقفيت ڪرائي، (تنهن وقت راڻيون ٻاهران آيل ڪنهن به مرد سان نه گڏجنديون هيون ) ۽ کيس ڪڇ جي اڻ وسيل برپٽ واري ايراضي سنڌ بنائڻ لاءِ لکي ڏني! ( ائين سنڌي ڪانگريسي اڳواڻن جو چوڻ ته ”بر پٽ وٺي ڇا ڪبو“ کي ڀائيءَ غلط ثابت ڪيو ! ڀائيءَ هزارين تڪليفون سٺيون. انيڪ ڀيرا ڪڇ آيو ويو. راجا وانگر پليل شينهن تنبن ۾ اچي رهندو هو. برپٽ ۾ انيڪ وڻ پوکراِئي برسات کي اچڻ جي نينڊ ڏنائين. زهريلين جيون کان آزاد ٿيڻ لاءِ وڇون مارڻ جا ٻه آنه ۽ نانگ مارڻ جا ٺ آنه ڏنائين. ڪڇ جا ٻيا رهواسي کيس پاڳل سمجهڻ لڳا ! چون رستن ٺاهڻ کان اڳ وڻ ! پر هن وڻ پوکرائي پوءِ رستا ٺهرايا ۽ پوءِ حيدرآباد شهر وانگر مڪانن جي قطار واريون گهٽيون ۽ ننڍين اٺن ڏهن گهٽين بعد وڏو مئن رستو، ائين نئون شهر ٺهرايو. هن هر ڪنهن گهر ٻاهران ليمن ۽ سوهانجهڙي جا وڻ پوکرايا.ڪن گهرن ۾ گانءِ پالڻ لاءِ وٿاڻ وانگر جايون جوڙايون. ٻن رپين، ستن رپين ۽ سترهن رپين جي مسواڙ وارا گهر ۽ ڪي وڏا بنگلا به ٺهرايا. ان سموريءَ ايراضيءَ کي هن ٽن حصن ۾ ورهايو. رهائش لاءِ آديپور، واپار لاءِ گانڌيڌام ۽ ٽيون ڪنڊلا بندر، ڪنڊلا بندر تي ڪم ڪندڙ ڪلارڪن ۽ عملدارن وغيره لاءِ گوپال پوري ڪالوني ٺهرائين. اسڪول، ڪاليج، مارڪيٽ ۽ سيئنيما گهر لاءِ پلاٽ به هن لاءِ رکيا. هو گانڌيڌام شهر جي نالي سان هڪ نئين سنڌ جوڙائڻ لڳو. جنهن ۾ ڪراچيءَ جهڙو ڪنڊلا بندر پڻ هو. هن ولڀ ڀائي پٽيل کي چيو ته اسان ڪراچيءَ جهڙو بندر وڃائي ڇڏيو آهي. تنهن ڪري ڀارت جي اولهه پاسي گانڌيڌام جي ڇيڙي تي نئون ڪنڊلا بندر ٺهرائجي. ولڀ ڀائيءَ سندس ڳالهه مڃي ۽ سرڪار کي سفارش ڪري خرچ لاءِ ڪروڙين رپيا پاس ڪرائي ڏنا. ڀائيءَ جي مرضي هئي ته ڪنڊلا فري پورٽ بڻجي دنيا جي ٻين واپاري بندرن، سينگاپور ۽ هانگ ڪانگ وانگر هجي. ان لاءِ پڻ هن زبردست ڪوششون ڪيون. پر ڪن گجراتي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪنڊلا بندر ٺهندو ۽ فري پورٽ ٿيندو ته گجرات جا ٻيا سڀ بندر بيڪار ٿي پوندا ! انهن اعتراضن ڪري نئين سر سرڪاري. حڪم ڪڍي ڪي سال ڪنڊلا بندر ٺهڻ جو ڪم بند رکيو. پر پوءِ ڀائيءَ ڪنڊلا کي اڌ فري پورٽ بندر جو نمونو بنائڻ وارو حڪم ڪڍائي آيو، جنهن موجب ٻاهران پلين، لسيون ساڙهيون اچن، پوءِ گانڌيڌام ۾ انهن تي ڀرت جو ڪم ٿئي. انهن مان هڪ به ساڙهي هندستان ۾ نه، اتان ئي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون وڃن ! يعنيٰ ته تيار ٿيل مال ڊائريڪٽ ايڪسپورٽ ڪيو وڃي. ڪيترن ئي سنڌين اتي شيڊس ورتا ۽ اتي هڪ هڪ شيڊ ۾ ڀرت ڀرڻ جون مشينون رکي، ڀرت ڀرائڻ لڳا. اهي ساڙهيون تيار ڪرائي ٻاهر موڪليندا رهيا آهن. گانڌيڌام ۾ ريڊيميڊ ڪپڙا به ٺهڻ لڳا جي پڻ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا پئي ويا آهن. گانڌيڌام مان لوڻ پڻ ڪافي انداز ۾ ٻاهر موڪليو ويندو آهي. مون پاڻ تازو ڪنڊلا بندر نه ڌٺو آهي پر ٻڌو اٿم ته جيڪر ڪنڊلا بندر سينگاپور، جپان يا هانگ ڪانگ وانگر هاڻ به فري پورٽ ڪيو وڃي ته ڀارت کي ان مان گهڻو ئي فائدو ٿيندو. مان ڪي سال سانده هر چيٽي چنڊ تي گانڌيڌام ويندي رهندي هيس پر هاڻ صحت ٺيڪ نه هئڻ سبب ڪٿي به ڪين ويندي آهيان. ڀائي پرتاپ پنهنجي سنڌ ورقي ڀائيبندن تي زور آندو ته گانڌيڌام اچي وسايو. پر سنڌ ورقي واپاري وسيل شهر کي وڌيڪ وسائڻ تي هريل هئا. ان ڪري اڻ وسيل شهر ۾ اهي نه آيا ! ڀائيءَ پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ مور کي اتي گهرائي وسايو ۽ پنهنجي هڪ زيردست خوشيرام کي پڻ وسايو.هن جي زال ڀڳونتي اڃا به اتي رهي ٿي. مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن سڀ سنڌي اڳواڻ گڏ جي جاتيءَ جو ڀلو ڪرڻ چاهين ها ته احمدآباد جي ڪٻير نگر ڪالوني، الهاسنگر جي ڪلياڻ ڪئمپ، پوني ڀرسان پمپري ڪالوني، ڀوپال جي بئرا ڳڙهه ڪالوني، بڙودي جي ڪنوررام ڪالوني…. وغيره وغيره ۾ سنڌين کي الڳ الڳ ڪري وسائڻ بدران هڪ ئي گانڌيڌام شهر ۾ وسائين ها ته اسان جي جاتيءَ جا گهڻا مسئلا حل ٿي وڃن ها! اسان جي ٻولي ۽ سنسڪرتيءَ کي ساڳي زمين ملي ها ته انهن ٻنهي کي پڻ زندگي ملي ها! جواهر لعل نهروءَ گانڌيڌام شهر جو ادگهاٽن ڪرڻ مهل چيو ته ” جنهن جاتيءَ کي شهر اڏڻ جو ڪم ملي سا ڀائي پرتاپ کان ئي اهو هنر سکي ! ڇاڪاڻ ته اهڙي سٺيءَ طرز سان شهر اڏڻ وارو نمونو مون ٻئي ڪنهن هنڌ نه ڏٺو آهي!“ اهڙيءَ طرح قومي اڳواڻن ڀائيءَ کي گهڻو ساراهيو. پر اسان جن پنهنجن سنڌي اڳواڻن ڪنهن به قسم جو اظهار يا ڪنهن نموني ۾ به چپ نه چوريا. پوپٽي هيراننداڻي