سنڌ گئس جي مجموعي پيداوار ۾ 71.7، برقي توانائي ۾ 39 ۽ تيل جو 62 سيڪڙو ڏئي ٿو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ گئس جي مجموعي پيداوار ۾ 71.7، برقي توانائي ۾ 39 ۽ تيل جو 62 سيڪڙو ڏئي ٿو

    ڪراچي (بيورو رپورٽ) چيف سيڪريٽري سنڌ اعجاز چوڌري سمورن کاتن ۾ هلندڙ سمورن ترقياتي رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي سيڪريٽريز کي چيو آهي ته منصوبن ۽ اسڪيمن تي عملدرآمد ۾ ڪابه رڪاوٽ آهي ته ان سلسلي ۾ حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي، هن اهڙو اظهار پنهنجي آفيس ۾ رٿابندي ۽ ترقيات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پاران جوڙيل هڪ رپورٽ تي تبصرو ڪندي ڪيو، جنهن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ ۾ 13هين سينيئر مينيجيمنٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن جي سنڌ سيڪريٽري جي دوري دوران ڏنل بريفنگ جو خاڪو پيش ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منصوبه بندي ۽ ترقيات عارف احمد خان، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو محمد وسيم ۽ ڊي آءِ جي سنڌ پوليس ثناءَ الله عباسي سکيا هيٺ آفيسرن لاڳاپيل کاتن جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن کان آگاهه ڪيو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ سڄي پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ مجموعي گيس جو 71.7 سيڪڙو ، برقي توانائي جو 39 سيڪڙو، تيل جو 62 سيڪڙو ۽ ڪوئلي جي پيداوار ۾ 31 سيڪڙو (9 بلين ٽن) حصو ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته فيڊرل ٽيڪس روينيو ۾ 68 سيڪڙو، انڪم ٽيڪس ۾ 64 سيڪڙو، ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 80 سيڪڙو ۽ سينٽرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 86 سيڪڙو ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ترجيحن ۾ تعليم، صحت، زراعت، چوپائي مال جي پالنا، ٽرانسپورٽ، مواصلات، ڪوئلو، توانائي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي يقيني بڻائڻ شامل آهن، گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد وسيم ٻڌايو ته انصاف ۽ قانون جي بالادستي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي پيروي کي سامهون رکندي شاهدن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ وٽنيس پروٽيڪشن پروگرام لاءِ قانون تحت تياري جو عمل جاري آهي، چيف سيڪريٽري رپورٽ جي حوالي سان سمورن کاتن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته اُهي هلندڙ ۽ رولڙي ۾ پيل ترقياتي رٿائن جي جائزه رپورٽ جلد کان جلد پيش ڪن ته جيئن گهرجن ۽ ڏکيائين جو تدارڪ ٿي سگهي ۽ منصوبا وقت سر پڄاڻي تي پهچي سگهن.

    ڪاوش جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو