ڪراچي جيڪو موکيءَ جي جام لاءِ اوسيئڙي ۾ آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪراچي جيڪو موکيءَ جي جام لاءِ اوسيئڙي ۾ آهي
    محمد خان دائود

    2627 اٽيچمينٽ ڏسو 2628 اٽيچمينٽ ڏسو

    ڪراچي هاڻي مهاڻي ماهي گير مورڙي جو شهر ناهي رهيو نه ئي ان مائي ڪلاچي جو شهر رهيو آهي جنهن مائي جي نالي جي نسبت سان هن شهر جو نالو ”ڪراچي“ ٿيو، نه ئي ڪراچي هاڻي ڪو روشنين جو شهر رهيو آهي جو اتي هاڻي روشنين جي جگمگ هجي. نه ئي ڪو ڪراچي غڙيبن جو شهر رهيو آحي جنهن لاءِ مثال پيش ڪيا ويندا هئا ته جنهن وٽ ڪجهه به ناهي ان کي به ڪراچي ماني مهيا ڪري ٿي. جنهن لاءِ اڪثر ڀٽائي سائين جو هي شعر چيو ويندو هو ته:
    جنين ڏاند نه ٻج
    تنين به تنهنجو آسرو
    پهرئين ڏي انهن کي
    پوءِ اڀارين سج
    هاڻي سج ته اڀري ٿو پهريئن جيان پر انهن کي ڇا ٿو ڏي جيڪي ڪراچي جو آسرو ڪري پوئتي پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي آيا هئا، سوال اهو آهي ته هاڻي انهن کي ڪراچي ڪيڏو راس آهي؟؟؟ هاڻي ڪراچي نه ان موکيءَ جو آهي رهيو جيڪا جڏهن ته جا پيالا ڀري ڏيندي هئي، ته سخمورا ڏک لهي ويندا هئا. ڇا شهر جي اهڙي حالت ڏسي موکيءَ ڪي ٻيا وڻ وڃي وسايا آهن ڇا پر ڪاچي شهر به سور سهي سهي ٿڪجي پيو آهي تڏهن هن شهر کي موکيءَ ۽ ان جي مڌن جي پيالن جي وڌيڪ ضرورت آهي. هاڻي هن شهر کي هڪ اهڙي راڳ جي ضرورت آحي جنهن راڳ ۾ اهي سمورا سڏڪا، بار، اداسيت، لاهي وڃن پر هن شهر ۾ اهڙو راڳ ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهن خوشي جا ساز، ڪٿي آهن مستي جا جام؟؟؟
    هاڻي ته هي شهر ان مزدور جو به نه رهيو آهي جيڪو سٺو ڏينهن محنت مزدوري ڪري جڏهن شهر جي ڪنهن ڏورانهن علائقي جي ڪنهن آستاني خانقاهه يا ڪنهن زنده ميري عبدالله شاهه غازي جي مزار جو جڏهن لنگر کائي پيٽ ڀري جڏهن مصروف شهر جي ڪنهن خالي پيٽ فٽ پات تي جڏهن ڪجهه پيهرن لاءِ جڏهن پنهنجا ٿڪ لاهيندو هوندو تڏهن جڏهن ان محنت ڪش کي اهيو احساس ورائي ويندو هوندو ته هن هيڏي شهر هوندي ماڻهو جي انبوهه هوندي به مونکي ماني عبدالله شاهه غازي جي مزاري تان نصيب ٿي ته اهو ڪيئن نه چوندو هوندو ته:
    تيرا وسدا رهي دربار اي غازيه
    يون هي جلن رهي ڪاروباري اي غازيه
    مين آتا رهون تو ديتا رهي
    تو ديتا رهي، مين پيتا رهون
    ايسي ڪوئي شراب اي غازيه
    تو ئي تي ميرا سجن، تي ڍولا
    مين تيرا نوڪر، تي خادم
    وسي تيرا دربار اي غازيه
    يون هي چلتا رهي ڪاروبار اي غازيه
    پر هاڻي عبدالله شاهه غازي کي ڪير ٻڌائي ته ان قصيد جي دعا سان ”اي غازي توهان جو ته ڪاروبار هلي رهيو آهي پر هن شهر ۾ فقيرن جو در بند ٿي ويو آهي“ ڇو جو انهن کي هن شهر جي ڦٽ پاتن تي ڪير به آريام ڪرڻ نٿو ڏي انهن کي هاڻي ڪير به هن شهر جي انهن ويران ۽ اداس گرائونڊن ۾ به رات ڪير به گذارڻ نٿو ڏي.
    2629 اٽيچمينٽ ڏسو
    هاڻي هن شهر ۾ ايڏي لاقانونيت ۽ غنڊه گردي آهي جو شهر ۾ خالي گرائونڊ آهن ئي ڪونه باقي جي آهن به انهن ۾ انهن مزدورن کي ڪير به هڪ رات به گذارڻ نٿو ڏي.
    اداس ماڻهو
    ۽ خالي گرائونڊ
    ماڻهو گرائونڊن ۾ رات نٿا گذارين
    پر انهن جا زمني وجود ۽ اگهاڙا لاش...
    انهن ئي گرائونڊن مان ملن ٿا
    ۽ پويان رهجي ويندا آهن انهن گرائونڊن ۾
    رت جا دٻا، جسم جا چيتڙا، گولين جا خالي خول...!
    ڪجهه خالي سرخ پٽيون، جنهن سان انهن جا هٿ
    ۽ اکيون ٻڏل هونديون آهن،
    ڪجهه خطن نما کيسي مان ڪريد ڪاغذ
    جنهن تي ليک هوندو آهي
    ”ڪجهه ڊاڪٽري نسخا،
    ڪجهه موبائيل نمبر،
    ۽ ڪجهه ٻارن جون فرمائشون،
    ڪجهه شهر جي بسن جا نمبر“
    اداس ماڻهو
    ۽ خالي گرائونڊ
    دهشت جا گرائونڊ
    خوني ڦٽ پاٿون...!!
    هاڻي هي شهر انهن مزدورن جو ته صفا ناهي جن کي هي شهر ماني به ڏيندو هو ته ننڊ به، ايتري قدر جو هي شهر انهن مزدورن کي دلداري به ڏيندو هو آسرو به ڏيندو هو هاڻي هي شهر انهن مزدورن جو ناهي رهيو ڇو جو هي شهر اهڙن دهشت گردن، موالين ۽ غنڊن حوالي ڪيو ويو آهي جو اهي غنڊه هن شهر ۾ ڪنهن به مزدور، صوفي، فقير کي ته برداشت ئي نٿا ڪن، پهرين ته اهي انهن کي ڌمڪائي هن شهر مان ڪڍن ٿا پر جڏهن اهي بلڪل به نٿا مڙن ته پوءِ انهن کي رات جي اونداهي ۾ قتل ڪن ٿا پوءِ اهي فقير جيئن شهر تي وسڻ جي دعا ڏئي آيا هئا انهن لاءِ پوءِ هوندو آهي يا ته سرد خانو، جنهن ۾ انهن جي سڃاڻپ تمام گهٽ ٿيندي آهي پوءِ هڪ مقرر ٽائيم کان پوءِ جڏهن انهن فقيرن جو ڪوئي به وارث ناهي ايندو ته پوءِ اهي اتي دفن ٿيندا آهن جتي انهن جي ڪوئي دعا به نه ڪندو آهي پوءِ انهن فقيرن جا وجود دفن ٿيندا آهن ايڌي جي لاوارث مقام ۾ جتي هن شهر جا لاوارث لائين سان دفن آهن سڃاڻپ کان سواءِ پويان رهجي وينديون آهن، اهڙيون صدائون جنهن ۾ صرف اهيو آواز هوندو آحي ته:
    اسان به ڪجهه عجيب رهياسين
    مٽي جا ماڻهو، مٽي ۾ ملي اڄ مٽي ٿي وياسين
    سڃاڻپ کان سواءِ دفن ٿي وياسين!
    توهان سپر هاءِ وي تي وڃي ڏسو ته ايڌي جو اهو لاوارث مقام ڪيئن نه ڀريو پيو آهي اهي لاوارث ڪير هئا؟ ڪٿي جا هئا؟؟؟ ڇو ماريا ويا؟! جيءَ ڇو نه سگهيا؟؟؟ انهن لاءِ زندگي تنگ ڇو ٿي؟؟؟ ڇا زندگي صرف انهن لاءِ آهي جيڪي دهشت گرد آهن، موالي بدمعاش آهن، يا وري غنڊه...!!
    هي شهر فقيرن، مزدورن، صوفين جو به ناهي ته پوءِ ڪنهن جو آهي؟؟؟ ڪير آهي جو هن شهر ۾ رهي هن شهر کي ڪنٽرول ڪري ٿو؟؟؟ هي شهر ته هاڻي انهن لياري واسين لاسي3ن جو به ناهي جيڪي مهيني جي آخري آچر تي شام جو چئين بجي کان پوءِ دنيا جا سمورا غم وساري پنهنجي گڏهن کي گاڏين ۾ جوٽي ۽ ناهن ٽي مختلف نالا رکي ريس لڳرائيندا هئا پوءِ ايم اي جناح روڊ هجي يا شهر جي مصروف ترين شاهراهه، شاهراهه فيصل هجي يا هجي ڪي پي ٽي وارو روڊ يا هجي منوڙي وارو روڊ اهي بلا روڪ ٽوڪ جي شهر جي ڪنهن به حصي تي پنهنجي گڏهن کي آرام سان ڊوڙائي سگهندا هئا ۽ پوءِ شام جو جڏهن اهي ڪنهن ستي چانهن جي هوٽل تي ملندا هئا ته پنهنجي گڏهن جنهن جا انهن مختلف نالا رکيا هوندا آهن لالو، ماڌوري، شاهه رخ وغيره وغيره اهي انهن تي ويهي تبصره ڪندا هئا يا ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو اگر ڪنهن جي دل تي ڪوئي بار محسوس ٿي رهيو آهي ته اهي پنهنجي گڏهه کي گاڏي منجهه جوٽي شهر کان تمام پري نڪري ويندا هئا ۽ پنهنجو سمورو دل جو بار ان گڏهه کي ٻڌائي ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن انهن جي دل جو بار هلڪو محسوس ٿيندو هو ته چوندا هئا:
    ”هل لالو ٻيون ڳالهيون پوءِ“
    جتي انهن جو گڏهن ٻڌل هوندو هو مجال آهي جو ڪوئي به اتي گاڏي جي سيٺي وٺائي ڏيکاري ڇو جو گاڏي جي سيٽي سان انهن جي گڏهه جي آرام ۾ خلل پوندوه و، اهي لاسي چئي وڃن ته خبردار ته ڪنهن جي ملال ناهي جو ڪوئي به گاڏي وارو سيٽي وڍائي ڏيکاري.
    پر هاڻي ڇا ٿيو ڇا هاڻي به هن شهر ۾ گڏهه گاڏين و0ارن جي اتري ئي هجي ٿي؟؟
    هاڻي ته وڏي مشڪل سان هن شهر ۾ لاسي يا ته چنيسر ڳوٺ تائين محدود آهن يا ته پوءِ لياريج ي ڪجهه علائقن ۾ باقي ڇا جي ريس ڇا جي دلداري؟! هاڻي هي شهر نه راڳ جو آهي نه راڳين جو، هاڻي هي شهر نه صوفين جو آهي ساڌهون جو رهائي هي شهر نه عولم جو آهي نه عالمن جو، هاڻي هي شهر نه ادب جو آهي نه اديبن جو، هاڻي هي شهر ................ جو آهي، هاڻي هي شهر خون آلود روڊن، ٻوري بند لاشن جو آهي، هاڻي هي شهر روشنين جو نه پر اونداهين ۾ قتل ٿي وڇڻ جو آهي. هاڻي هي شهر حياتي جي ڳولا جو نه پر زندگي تڪڙو وڃائڻ جو آهي.
    هاڻي هن شهر ۾ ايتريون ايمبولينس سروس اچي چڪيون آهن انهيءَ لاءِ نه ته ڪو فقيرن جي زندگي بچي پوي پر انهيءَ لاءِ ته ڪير ڪٿي مئل آهي. ڪير ڪٿي قتل ٿيو. ڪير ڪٿي گولين جو کاڄ ٿيو. ڪير ڪهڙي بوري ۾ پيل آهي، انهن کي سرد خاني حوالي ڪجي.
    هاڻي هن شهر جي روڊن تي جڏهن به ڪوئي ايمبولينس دانهون ڪندي ويندي ڏسندو آهيان تڏهن من ۾ اهيو ئي خيال گهر ڪري ويندو آهي:
    زندگيون هن شهر ۾
    روز ٿيون اجامن
    ايئن ٿيون اجهامن
    جيئن جليون ئي نه هيون.
    پر سوال وري به اهيو ئي آهي ته هن شهر کي ڇا ٿي ويو آهي هي شهر ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو آهي هي شهر صرف حياتيون وٺي رهيو آهي، هي شهر جيون ڏيڻ وارو ڪڏهن ٿيندو.
    جنهن جيون ۾ فقير نعرو هڻندا آهن ته:
    تيرا وسدا رهي دربا اي غازيه
    يون هي ڇلتا رهي ڪاروبار اي غازيه،
    مين آتا رهون تو ديتا رهي
    تو ديتا رهي، مين پيتا رهون
    ايسي ڪوئي شراب اي غازيه...!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن شهر جي ڪوبه هاڻي مالڪي ڪرڻ وارو ناهي ۔۔۔۔ ڪراچي جا لافاني ڪردار پڙهندي جمشيد مهتا جهڙن ماڻهن جون ڪراچي لاء ڪاوشون پڙهي ڏندين آڱريون اچيو وڄن ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو