ادا منهنجو ذاتي خيال آهي ته هي اليڪشن پلان ڪيل دانڌلي هئي ، مثال طور پنجاب سڄو ميان نواز شريف جي حوالي ، سنڌ سڄي پي پي پي حوالي ، ڪراچي ايم ڪيو ايم حوالي ، خيبر پختونخواه وري عمران خان کي ڏنو ويو آهي جيئن هو به خوش ٿي ڪري دانڌلي کي سنجيدگي سان نه وٺي ، ۽ اليڪشن ڪمشنر ، چيف جسٽس ، کان سوال پڇڻ وارو ڪو خاص ماڻهون سامهون نه اچي ۽ هو پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃن
حاجي غلام احمد بلور پشاور جي بلور فيملي جو معتبر بزرگ آهي۔۔ پاڪستان جو پهرين تڪ اين اي 1 بلور فيملي جو مرڪز آهي۔۔ پاڻ سالن کان هن علائقي جا رهواسي آهن۔۔ ان ڪري تڪ جي هر هڪ خاندان، بزرگ ۽ ٻار ٻچي کي سڃاڻندا آهن۔۔۔ جيئن ته پاڻ خانداني ماڻهون آهن ان ڪري هتان جو عوام سندن احترام ڪندو آهي۔۔ پر گذريل پنجن سالن جي خراب حڪومت، پيپلز پارٽي سان سياسي سنگت، ريلوي وزير هوندي ريلوي ڊپارٽمينٽ جي ٻيڙو ٻڏڻ ۽ صوبي خيبر پختونخواه ۾ هوتي خاندان جي ڪيل ڪرپشن ڪري هن دفعي هارائي ويو۔۔ اها حقيقت آهي ته اين اي 1 هميشه بلورن جو تڪ رهيو آهي۔۔ ايسيتائين جو 1993 ۾ حاجي غلام احمد بلور انهي تڪ تان محترمه بينظير ڀٽو کي شڪست ڏني پر هن دفعي پاڻ تحريڪِ انصاف جي چئرمين عمران خان کان هارائي ويو۔۔ هارائڻ کانپوءِ پاڻ چاهي ها ته مولانا فضل الرحمان وانگر ڌانڌلي جو الزام لڳائي نتيجا مڃڻ کان انڪاري ٿئي ها ۽ ورڪرن کي چئي روڊ رستا بند ڪرائي ها پر هن ائين نه ڪيو۔۔۔ پاڻ کلئي دل سان شڪست تسليم ڪئي ۽ عمران خان کي کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي۔۔۔ ۽ اهڙي طرح حاجي صاحب اليڪشن 2013 ۾ هار مڃڻ ۽ ڪامياب اميدوار کي مبارڪ ڏيندڙ پهريون سياستدان ثابت ٿيو۔۔