• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چار شيون

رحيم بخش

ايڊيٽر
پيارا دوستو! ڪجهه ماڻهن جي چوڻين ۾ حقيقت مضمر هوندي آهي اهڙين ئي ڪجهه چوڻين مان هي نصيحت آميز ڪجهه ونڊَ سنگت آڏو حاضر آهن۔

چار شيون.

1. پــــوڙهـــو ، ٻــوڙو ، ٻـــار ، بــيــمار چــــــــارئــي بَــيــمَــيَــار.

چــور تــي ، پــرائي شور تي ، ڍور گور تي ، ڦٽيل شــهزور تي
نــه وڃــجــي ، پــر جــي وڃــجــي تــه هــٿـيـار کـــڻي وڃجي .


امــــــــيــر دٻــائـــي کائـــي ، فــقــيــر ريــجـــــهــائـــي کائـــي .
مــــســخـــرو کلائــــي کائــي ، مــســـڪــيــن ڪمائي کائــي .


4. مٿي کڄڻ جا چار سبب
خــــالـــق جـــو کـــنــيـــل ، خَـــلـــق جـــو کـــنــيـــل
خُــــلـــق جــــو کــنــيـــل ، خــــزانـــي جـو کــنــيـــل


5. حڪومت ناس ٿيڻ لاء چار شيون
شــــــراب ، شــــــــهـــــوت ، شــــــــرارت ، رشـــــوت

6. حڪومت قائم رهڻ لاء چار شيون
تــــــــوبـــهه ، صـــــــبـــــــر ، ســـــــخــا ، صــلـــــح

7. عزت ختم ڪرڻ لاء چار شيون
شــــــــــراب ، ڪـــبــــاب ، رباب (ساز ناچ گانا) ،
مــــحـــبوب بـــي حـــجـــــــاب ته خانوئي خراب .


8. عزت برقرار رکڻ لاء چار شيون
نــــيـــڪ نـيـتي ، مــحبت ، عدالت ، سخاوت .
 
جواب: چار شيون

ادا بهتر ترين شيئرنگ آهي،،،، توهان جي ڇا ڳالهه ڪجي اوهان جي هن شيئرنگ جي۔۔ پيش ۽ زبر جي ذريعي لفظن جو مختلف انداز ۾ استعمال ۽ صحيح مقصد جي ڳالهه ايتري سهڻي انداز ۾۔۔۔
 
جواب: چار شيون

وڏي ڳالهه ڪيل آهي ... سبق آموز لفظن ۽ جملن سان ... سهڻي سمجهاڻي ڏنل آهي ... مهرباني دوست، اهي اشارا اسانلاءِ آب حيات آهن ... هينئن سان هنڊائڻ جا ۽ عمل جي دنيا ۾ بي بها موتي آهن ...

وڏي ڳالهه ته اڄ ڪيترن ڏينهن کانپوءِ هن فورم جو پراڻو دوست صادق سولنگي پڻ ظاهر ٿيو آهي ... جو پڻ پاڻ وانگر ديس پرديس جا چڪر هڻندو رهندو آهي ...
 
جواب: چار شيون

ها سائين قبلا نثاراحمد اوهان جي ڳالهه سچي آهي ته ادا محمد صادق ڪافي وقت کان پوء ديدار ڪرايو آهي کيس گذارش آهي ته دوستن کي درشن ڪرائيندا رهن ، سندن هڪ تفصيلي تحرير پڻ نظر کان ؓگذري اميد ته آئنده به اهڙين تحريرن سان نوازيندا رهندا۔
 
جواب: چار شيون

سائين منهنجا نصيحت آميز شيئرنگ ننڍڙي پر بي بها خزني سان ڀريل،
تمام بهترين شيئرنگ سائين
 
جواب: چار شيون

اوهان جي شيئرنگ تمام گهڻي دل کي وڻي آهي اميد اٿم ته اهڙا سهڻا سخن هميشه شيئر ڪندا رهندا سنگت سان

شرجيل
 
جواب: چار شيون

پيارا دوستو! ڪجهه ماڻهن جي چوڻين ۾ حقيقت مضمر هوندي آهي اهڙين ئي ڪجهه چوڻين مان هي نصيحت آميز ڪجهه ونڊَ سنگت آڏو حاضر آهن۔

چار شيون.

1. پــــوڙهـــو ، ٻــوڙو ، ٻـــار ، بــيــمار چــــــــارئــي بَــيــمَــيَــار.

چــور تــي ، پــرائي شور تي ، ڍور گور تي ، ڦٽيل شــهزور تي
نــه وڃــجــي ، پــر جــي وڃــجــي تــه هــٿـيـار کـــڻي وڃجي .


امــــــــيــر دٻــائـــي کائـــي ، فــقــيــر ريــجـــــهــائـــي کائـــي .
مــــســخـــرو کلائــــي کائــي ، مــســـڪــيــن ڪمائي کائــي .


4. مٿي کڄڻ جا چار سبب
خــــالـــق جـــو کـــنــيـــل ، خَـــلـــق جـــو کـــنــيـــل
خُــــلـــق جــــو کــنــيـــل ، خــــزانـــي جـو کــنــيـــل


5. حڪومت ناس ٿيڻ لاء چار شيون
شــــــراب ، شــــــــهـــــوت ، شــــــــرارت ، رشـــــوت

6. حڪومت قائم رهڻ لاء چار شيون
تــــــــوبـــهه ، صـــــــبـــــــر ، ســـــــخــا ، صــلـــــح

7. عزت ختم ڪرڻ لاء چار شيون
شــــــــــراب ، ڪـــبــــاب ، رباب (ساز ناچ گانا) ،
مــــحـــبوب بـــي حـــجـــــــاب ته خانوئي خراب .


8. عزت برقرار رکڻ لاء چار شيون
نــــيـــڪ نـيـتي ، مــحبت ، عدالت ، سخاوت .
سائين رحيم بخش صاحب ڳالهيون ته اهڙيون زورا ور ڪيون اٿئي جو اصل وڻ ئي وڄائي ڇڏيئي، دوست هاڻي لوڪ لاڳاپا لاهي توهان جي اهڙين مٺڙين ۽ خوبصورت ڳالهڙين جي سحر ۾ گم ٿي وڃڻ تي دل چاهي ٿي۔ زبردست
 
جواب: چار شيون

واھ سائين تمام بهترين ڳالهيون آهن انهن تي هلڻ جي اسان کي الله توفيق عطا فرمائي۔
 
Back
Top