ڇا توهان کي گهڙي پائڻ سان ٻانهن جو وزن وڌيل ٿو محسوس ٿئي۔۔۔؟ ڇا توهان گهڙي ٻڌڻ کي هن موبائيل جي دور ۾ غير ضروري ٿا سمجهو۔۔؟ ڇا توهان کي پنهنجي خوبصورت سمارٽ موبائيل فون جي چوري جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟ ڇا توهان پنهنجي فون ٻين کان لڪائڻ گهرو ٿا۔۔۔؟ ڇا توهان پنهنجي شوق يا پروفيشنل مجبوري ڪري هر وقت انٽرنيٽ سان ڳنڍيل رهڻ چاهيو ٿا۔۔۔؟ ڇا توهان فيس بوڪ اپڊيٽ، اي ميلز سميت پنهنجي فون جي ڪالز ۽ مسڊ ڪالز جي مس ٿيڻ جو الڪو رهي ٿو۔۔۔؟ ۽ ۽ ۽ ۽۔۔۔۔ وغيره وغيره وغيره۔۔۔ ته پوءِ دوستو سڀني سوالن، خدشن، الڪن ۽ مسئلن جو بس هڪ بهترين حل حاضر آهي هي آهي۔۔۔ Sony Ericsson LiveView Watchهي سوني ڪمپني جي شاندار گهڙي آهي جيڪا توهان جي فون سان بلوٽوٿ ذريعي ڳنڍجي ٿي ۽ پوري طرح سان فون تي ڪنٽرول حاصل ڪري ٿي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو توهان پنهنجي شاندار ۽ قيمتي سمارٽ فون 100 سڄڻن ۽ 100 دشمنن اڳيان کيسي مان ٻاهر ڪڍڻ کانسواءِ ئي هن گهڙي ذريعي ڏسي سگهو ٿا ته توهان کي ڪنهن مس ڪال يا ڪال ڪئي آهي، ڪنهن ۽ ڪهڙو ميسيج ڪيو آهي، توهان جي ڪهڙي دوست ڪهڙو فيس بوڪ اسٽيٽس اپڊيٽ ڪيو آهي، توهان جي ڪهڙي اپڊيٽ کي پسند ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن جواب ڏنو آهي، توهان جي ڪهڙي دوست ٽويئٽر تي ڪهڙو ٽوئيٽ موڪليو آهي۔۔ مطلب ته توهان دنيا سان ڳنڍيل رهندو سو به بغير ڪنهن رڪاوٽ جي۔۔۔. رڳو ايترو ئي نه پر توهان پنهنجي سمارٽ فون ۾ موجود ميوزڪ لائيبريري تي به اهڙي طرح سان گرفت رکي سگهو ٿا جو ان ۾ موجود سمورا گيت ۽ ميوزڪ وائرليس طور ٻڌي سگهو ٿا۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر هن ۾ موجود اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم لاءِ هتي ڪلڪ ڪري گوگل پلي تان ميوزڪ ريموٽ سمت کوڙ سارا ٻيا پروگرام پڻ شامل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هن جي اضافي خوبين ۾ شامل آهن سوشل نيٽورڪس جهڙوڪ فيس بوڪ ۽ ٽويٽر جي اپڊيٽس تي مڪمل ڪنٽرول۔۔۔ ايندڙ ڪالر جي نمبر جو ڊسپلي ٿيڻ ۽ وڄندڙ رنگ ٽيون کي ميوٽ ڪرڻ۔۔ موبائيل ۾ موجود ميوزڪ کي پلي ڪرڻ، پاس ڪرڻ، اڳتي ڪرڻ، پوئتي ڪرڻ ۔۔ اينڊروائيڊ جي 1۔2 ۽ وڌيڪ ورشن سان مڪمل ڪمپيٽيبلٽي۔۔ ٽيڪنالاجي جي ايتري ترقي جي سفر تي جي يقين نه اچي ته حاضر آهي سوني ايريڪسن جي آفيشل وڊيو۔۔۔ https://www.facebook.com/video.php?v=3208602046503 ها ته مهربانو، قدردانو۔۔۔ توهان هن جي پاڪستان ۾ موجودگي ۽ قيمت معلوم ڪرڻ لاءِ پريشان هوندو۔۔۔ ؟ ايئن نه ته۔۔ جي ها هي جديد گهڙي پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ هزارن جي سيل فون کي ڦورن لٽيرن کان بچائيندڙ ۽ فون جون سموريون سهولتون ڏيندڙ هي گهڙي رڳو ۔۔۔ جي ها رڳو ۔۔۔ 3999 روپين ۾ توهان جي ۔۔۔ ٽائيم ۽ مصروفيت بابت پريشان نه ٿيو رڳو سيمبيوز جي هن لنڪ تي اچي آرڊر ڪيو ۽ گهڙي گهر ويٺي حاصل ڪريو۔۔۔
اها سٺي ڳالھ آهي ته اڄ ڪلھ اسان وٽ بهترين ٽيڪنالاجي گهٽ رقم ۾ ملڻ شروع ٿي وئي آهي، پو الاجي اها واقعي اسان جي ترقي جي نشاني آهي يا وري اسان جي سڪي جي قيمت گهٽ وڌ ٿيڻ جي نشاني؟ بحرحال اڄ ڪلھ سڪيورٽي ريزن ڪري موبائل ڪڍڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ان وقت اهڙي گهڙي يقينن فائديمند ثابت ٿيندي۔