• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مهرباني يا شڪرگذاري جو آپشن

بشيراحمد

سينيئر رڪن
انتظاميه کي گذارش ٿي ڪجي ٿي رڪن جي لاءِ شڪرگذاري ادا ڪرڻ جو آپشن فعال ڪيو وڃي هيءُ آپشن اردو جي فورمن تي به فعال رکيو ويو آهي هن جي اضافي سان پوسٽ ڪندڙ جي همٿ افزائي به ۾ واڌارو ٿيندو ۽ مهرباني مڃيندڙن خاموش جذبن جو اظهار به آساني سان ٿي سگهندو ۽ محبتون وڌيڪ ونڊيون وينديون
 
جواب: مهرباني يا شڪرگذاري جو آپشن

دوست بشير احمد آءُ سمجهانٿو ته هڪ خانو آهي ... جنهنجو نالو آهي ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ... آءُ سمجهانٿو ته ان ڌاڳي ۾ شڪرگذارين ۽ مهربانين جا موتي به پروئي سگهجنٿا ... باقي وڌيڪ ته منتظمين بهتر سمجهنٿا ...
sindhsalamatsaathsal
 
جواب: مهرباني يا شڪرگذاري جو آپشن

ادا بشير احمد جو مقصد آهي ته جيڪڏهن ڪنهن موضوع ۾ موجود ڪا تحرير پڙهندڙ رڪن کي ڀلي لڳي ته رڪن ان تحرير جي ليکڪ جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ تحرير ۾ موجود اقتباس جهڙي بٽڻ مهرباني کي ڪلڪ ڪري ان رڪن جو شڪريو ادا ڪري۔۔۔
ادا بشير توهان جي صلاح بابت ٻين رڪنن جي راءِ کي ڏسي اهڙي بٽڻ جو اضافو عمل ۾ آندو ويندو۔۔۔
بهترين صلاح ڏيڻ لاءِ توهان جي مهرباني۔۔۔
 
جواب: مهرباني يا شڪرگذاري جو آپشن

ادا اردو فورمن ۾ جيتري تائين مونکي خبر آهي ته اهڙي آپشن کي ياري دوستيءَ جي ڪري بند ڪيو ويندو آهي۔۔ يوزرس ان کي غلط استعمال ڪري صرف پنهنجي اميج کي مٿي ڪرائڻ لاءِ ٻين کي ٿينڪس چوندا آهن ۽ وري انهن کي گذارش ڪندا آهن ته توهان اسان کي ٿينڪس چئو۔۔۔ مطلب ته شڪرگذارين جو تعداد غلط نموني سان وڌايو وڃي ٿو۔۔
 
اسان کڻي توهان کي ٿينڪس لاءِ نه چونداسين. پر اهو آپشن هجڻ ضرور گهرجي. آئون پڻ ڪافي عرصي کان انهيءَ طرف اشارو ڏيڻ لاءِ سوچي رهيو هيس.
 
جواب: مهرباني يا شڪرگذاري جو آپشن

اسان کڻي توهان کي ٿينڪس لاءِ نه چونداسين. پر اهو آپشن هجڻ ضرور گهرجي. آئون پڻ ڪافي عرصي کان انهيءَ طرف اشارو ڏيڻ لاءِ سوچي رهيو هيس.

ادا معياري ڪم هجي ته هر ڪو پاڻهي ساراهه ڪندو ۔۔ ادا جيئن سنگت جي صلاح۔۔
 
جواب: مهرباني يا شڪرگذاري جو آپشن

جيڪڏهن اهڙو ڪو آپشن هجي ته ان ۾ ڪو حرج به ناهي مون جي خيال ۾ باقي وڌيڪ علي علي وڏو آهي

جيئن ان جي مرضي
 
جواب: مهرباني يا شڪرگذاري جو آپشن

ادا سائين، اهو شڪريه وارو بٽڻ هجي ته بهتر ٿيندو بقول ادي بشير احمد جي، ڇو جو، مون به اهو بٽڻ ڪافي جڳهن ٿي ڏٺو آهي.
 
هجي ته بهتر ٿيندو

مان به سمجهان ٿو ته هجڻ گهرجي ڪافي عربي فورمن ۾ پڻ آهي
 
Back
Top