دوستن کي عرض آهي ته بلاگ ۾ ڪيٽيگريز ڪيئن شامل ڪجي جيڪر ڪو سولو طريقو هجي ته رهنمائي ڪندا . خاص ڪري سنڌ سلامت جي جادوگر سائين عبدالرشيد سمون صاحب جن کي گذارش آهي ته تصويرن ذريعي ڪو ڏس پنڌ ڏيندا ته سندن وڏا وڙ ٿيندا . مهرباني !
مون کي ته بلاگ ٺاهڻ ئي ڪو نه اچي۔۔۔ ڪيٽيگريز ته بعد جي ڳالهه آهي۔۔۔۔ هڪ ڀيرو ڪوشش ڪئي هئم ته صحت متعلق هڪ بلاگ ترتيب ڏيان پر مُنجهي پيس۔۔۔
سائين منهنجا توهان پنهنجي بلاگ تي موڪليل مواد کي مختلف ليبل لڳائي ڪيٽيگرائيز ڪري سگهو ٿا اهڙي طرح بلاگ تي وزٽ ڪندڙ آساني سان توهان جي مواد کي فلٽر ڪري ڏسي ۽ پڙهي سگهندا۔۔۔ اهڙن ليبلس کي توهان بلاگ جي سائيڊ بار ۾ پڻ گڊگيٽ طور لڳائي سگهو ٿا۔۔ بلاگ ليبل کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ان لاءِ سڀ کان پهريان بلاگ ڊيش بورڊ تي اچو ۽ کاٻي پاسي موجود لسٽ منجهان LAYOUT (لي آئوٽ کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو) تي ڪلڪ ڪريو۔۔ توهان اڳيان توهان جي بلاگ جو لي آئوٽ کُلي ايندو۔۔۔ هتان ADD A GADGET تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔توهان اڳيان هڪ پاپ اپ کُلندي جتان توهان Label وڊگيٽ چونڊيو۔۔۔نئين کلندڙ ونڊوز کي پنهنجي مرضي مطابق درست ڪريو۔۔ چاهيو ته سمورا ليبل چونڊيو يا چاهيو ته ڪجهه چونڊيو۔۔ ۽ گڊگيٽ کي ٽائيٽل ڏئي محفوظ ڪريو۔۔۔ان کانپوءِ نئين گيڊگيٽ کي مائوس سان پڪڙي هيٺ مٿي ڪندي لي آئوٽ ۾ پنهنجي پسند جي جاءِ تي رکي محفوظ ڪريو۔۔ياد رهي ته جنهن وقت به توهان بلاگ تي نئين پوسٽ ڏيندو ته ان کي پوسٽ جي عنوان مطابق ليبل ضرور ڏيندا ڪريو۔۔ ته جيئن مواد فلٽر ٿي سگهي۔۔اهڙي طرح توهان جو مواد توهان جي بلاگ جي سائيڊ بار تي ليبل وائيز ٿيندي نظر ايندو۔۔۔اميد ته توهان جو مسئلو سلجهي ويو هوندو۔۔۔ ان باوجود مٿئين سموري طريقي ڪار کي بهتر سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري وڊيو ڏسو۔۔۔
بلاگ ٺاهڻ ايترو ڏکيو ته ناهي سائين۔۔۔۔ بس سبق پهريون ۽ سبق ٻيو پڙهو ۔۔۔ عمل ڪندا وڃو توهان جو بلاگ تيار۔۔۔
مهرباني ادا عبدالرشيد يقين ڪريو اوهان نهايت آسان ۽ سولي نموني سمجهاڻي پيش ڪي جنهن سان ڪابه قسم جي دشواري پيش نه آئي ۽ آئون پنهنجي فورم ۾ ليبل لڳاي ورتو . هڪ ڀيري وري به مهرباني اوهان جي .
ادا رشيد۔۔۔توهان جي مهرباني سان بلاگ ٺاهي ڇڏيو اٿم۔۔۔ هاڻ ان جي سنڌ سلامت جي ٻين بلاگن سان دوستي ڪيئن ٿيي۔۔هيئنر ته ان جو دين ايمان ئي پنهنجو آهي۔۔۔
ادا۔۔مون هي بلاگ ٺاهيو آهي۔۔۔ All About Health سنڌي ۽ اِنگلش ٻنهي ٻولين ۾ صحت متعلق معلومات رکڻ جو سوچيو اٿم۔ ان ۾ ڪيٽيگريز ۽ ڪجهه ٻيون تبديليون آڻڻ چاهيان ٿو۔ وڌيڪ توهان جي ۽ دوستن جي رهنمائي جي ضرورت آهي۔
سٺي شروعات آهي۔۔ اصل ۾ صحت بابت انگريزي مواد ته انٽرنيٽ تي کوڙ موجود آهي۔۔ ڪو به ماڻهون آساني سان ڳولي سگهي ٿو۔۔ ها البته سنڌي ۾ مواد جي انتهائي کوٽ آهي۔۔۔ ان ڪري جي بلاگ کي خالص سنڌي ۾ رکو ته بهتر رهندو۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان هڪ کان ٻه بلاگ ٺاهيو هڪ سنڌي ۾ ۽ هڪ انگريزي ۾ ته هوندر وڌيڪ ڀلو ٿيندو۔۔ انگريزي بلاگ لاءِ کوڙ ساريون بلاگر ٽيمپليٽ موجود آهين پر جيڪڏهن توهان سنڌي بلاگ کي سنڌي فونٽ ۽ خوبصورتي سان ٺاهڻ چاهيو ته سنڌ سلامت طرفان ٻه سنڌي بلاگر ٽيمپليٽس جوڙي رليز ڪيون ويون آهن ۔۔۔ دلچسپي هجي ته سنڌ سلامت ٽيمپليٽ يا وري اميدون ٽيمپليٽ پنهنجي سنڌي بلاگ تي سجائي سگهو ٿا۔۔۔
مهرباني ادا ذيشان رشيد۔۔۔توهان جي هدايتن جي روشني ۾اڄ مون بلاگ جي ٽيمپليٽ کي تبديل ڪرڻ به سکي ورتو آهي۔۔ هن بلاگ ٺاهڻ متعلق ڪجهه ڳالهيون۔۔۔ توهان جي ڳالهه صحيح آهي ته اڄڪلهه انگريزي ۾ صحت بابت تمام گهڻو مواد موجود آهي۔ بلاگ صرف سنڌي ۾ ئي ٺاهڻ گهرجي۔۔منهنجي ڪوشش به اها ئي هوندي ته زياده تحريرون سنڌي ۾ ئي ونڊ ڪريان ته جيئن عام پڙهندڙ تائين بيمارين بابت بنيادي ڄاڻ پهچي سگهي۔ هي بلاگ ٺاهڻ جو مقصد نه صرف عام سنڌي ماڻهو کي صحت بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي پرانهن سنڌي ڀائرن جي رهنمائي ڪرڻ به آهي جيڪي ميڊيڪل لائين جوائن ڪرڻ چاهين ٿا يا جيڪي ڊاڪٽر بنجي رهيا آهن۔انهن کي سنڌي ۽ انگريزي ۾ اهڙي ڄاڻ آسان انداز ۾ فراهم ڪجي جيڪا ڪنهن ٻي سائيٽ تي موجود نه هجي۔ مارڪيٽ ۾ ميڊيڪل جا بُڪس ايترا ته مهانگا وڪامجن ٿا جو هر ڪو ان کي خريد ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي۔ مون وٽ الحمدُالله ڪافي ميڊيڪل جا ڪتاب مڪمل پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موجود آهن، جيڪي نيٽ تي فري ۾ ڪنهن به سائيٽ تان ڊائون لوڊ نٿا ڪري سگهجن۔مان اهي بُڪس به سنڌي جونيئر ڊاڪٽرن لا هن بلاگ تي شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو۔ صحت بابت اڄڪلهه انگريزي ۾ ايتري ته ريسرچ ٿي رهي آهي جو ان کي ڄاڻڻ لا انگريزي جو سکڻ تمام ضروري ٿي پيو آهي۔ ڪئين بيماريون بغير انگريزي جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ڏکيون آهن۔ انڪري مون سوچيو ته جتي جتي ضروري هوندو اُتي انگريزي ۾ به ڄاڻ فرهم ڪندس۔