نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! هڪ ذاتي تجربو بيان ڪريانٿو؛
ڳالهه ڪجهه هن طرح سان آهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان آءُ سخت مٿي جي سور کان گذريو آهيان، روزانه صبح يا شام جو کٻي ڪن جي پوئين پاسي کان سور شروع ٿي سموري مٿي ۾ پئجي ٿي ويو ... سور اهڙو جو اصل بيان ڪرڻ کان ٻاهر ... ڪيترا علاج ڪيم ۽ سور جون گوريون کائي کائي مڙئي وقت کي پئي ڌڪا ڏنم،
انسان سان ڪيترائي سور رهن ٿا، شايد خدائي ڏمر يا امتحان هجن ٿا.
اڄ کان لڳ ڀڳ ٽي جمعا اڳ جمعي واري ڏينهن ننڊ مان اٿڻ سان سور شروع ٿي ويو، پر پوءِ به وهنجي سهنجي همٿ ڪري جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ويس پر سور چوي ته آءُ اڄ نه وڌان ته ڪڏهن وڌان ...
خطبو هليو، خطبو مون ٻڌو الائي نه ڇاڪاڻ ته سور سبب خطبي جي طرف توجهه ڪهڙو ..؟؟؟ نماز شروع ٿي، نماز تي بيهڻ کانپوءِ امام ڪهڙيون آيتون پڙهيون ڇا پڙهيو ڪا خبر نه ... ها نماز دوران رب العالمين سان مخاطب ٿيڻ جو موقعو ملي ويو ۽ وڌندڙ سور سبب منهنجي رڳ رڳ الله طرف متوجهه ٿي وئي ۽ مون سموري نماز ۾ الله جل جلاله سان پنهنجي سور جون شڪايتون ڪيون، سور ختم ٿيڻ جون دعائون گهريون ۽ ايتري ته عاجزي سان دعائون گهريون جون اکيون آليون ٿي ويون. نماز پوري ٿي، سلام ڦيريو، انکانپوءِ به ڪيتري دير تائين مسجد ۾ ويهي رب العالمين کان شفا جون عرضيون جاري رهيون.
مسجد کان ٻاهر نڪتم ته سور جو زور ٽٽندي محسوس ڪيم، ۽ ڪجهه احتياطي خيال اچڻ شروع ٿيا، ڪجهه ڪري ڪرڻ جا خيال اچڻ لڳا ۽ گهر پهچڻ تائين ڪافي سور جهڪو ٿي چڪو هو ... ماني وغيره سڪون سان کاڌي ۽ ان ڏينهن کان ايندڙ خيالن مطابق ڪجهه روزاني جا معمول مٽايم ۽ روازني چهل قدميءَ جو وقت وڌايم ۽ کاڌي پيتي ۾ احتياط شروع ڪيم، ڪجهه ڏينهن کيري جا ڳترا، وڏي ليمون جو چوٿون حصو ۽ ڪجهه ڦودني جا پتا اڌ گرم پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ شروع ڪيا ....
الحمد الله هي چوٿون جمع اچي ويو آهي ۽ منهنجو 99 فيصد مٿي جو سور ختم ٿي چڪو آهي ۽ جنهن جاءِ تي سور ٿيندو هو اها جاءِ ڄڻ ته خالي ۽ سڪون ۾ اچي وئي آهي.
لک شڪرانا رب العالمين جا جنهن منهنجيون عرضيون قبول ڪيون ۽ منهنجو آزار ختم ڪيو ... بيشڪ لطيف سرڪار جا بيت حق ۽ سچ تي ٻڌل آهن ... بس ايمان جي ضروت آهي.
تڏهن ڦڪيون ڦرڪ ڪن، جڏهن امر ٿئي ان جو