علي علي سميت منهنجا ڪافي دوست ٽيڪنالاجي جي روز روز تبديلين کان عاجز لڳندا آهن۔۔ پر ڇا ڪجي جو مقابلو جو جاري آهي۔۔ ان ڪري اهڙن دوستن کي سمجهڻو پوندو ته هاڻي ڪمي واري چال هلڻ جو وقت ناهي ۔۔ دنيا جي ترقي سان گڏ هلو نه ته دنيا توهان کان ڪافي اڳتي نڪري ويندي۔۔۔
اڃان ونڊوز7 کي ئي درست طريقي سان سمجهي نه سگهيو ويو آهي ته مائڪروسافٽ طرفان ونڊوز 9 کي ايندڙ سال پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو پيو وڃي۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر ونڊوز9 جو پري ويو ورجن ته مٿئين مهيني ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان پڻ ٿي چڪو آهي۔۔۔
ونڊوز 9 جنهن کي ونڊوز 1۔8 يا ونڊوز بليو پڻ سڏيو پيو وڃي۔۔ پنهنجي پراڻي ورجن ونڊوز 8 ۾ ڪافي اضافن ۽ تبديلين تي مشتمل آهي۔۔ جهڙوڪ: نئين اسٽارٽ اسڪرين، وڌيڪ ٿيم ۽ ڪسٽمائيزيشن، انٽرنيٽ ايڪسپلورر 11، نئين پينٽ ايپليڪيشن ۽ ٻيون گهڻيون پرفارمنسز۔۔۔
مائڪروسافٽ جي نمائندي ٽام ريلر ڪجهه ڏينهن اڳ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته هن نئين اپڊيٽ ورشنس ۾ ڪسٽمرز جي صلاحن کي سامهون رکيو ويو آهي۔۔ جيڪڏهن ائين ئي آهي ته تمام گهڻي تعداد ۾ ڪسٽمرز اها ڊمانڊ ڪئي هئي ته اسٽارٽ مينون جا بٽڻ واپس آندا وڃن۔۔۔۔
خير دوستن جي دلچسپي خاطر هتي هڪ وڊيو پيش ڪجي ٿي جنهن ۾ ونڊوز 8 ۽ ايندڙ ونڊوز 9 وچ ۾ پيش ايندڙ فرق کي پيش ڪيو ويو آهي۔۔ وڌيڪ لاءِ وڊيو ڏسو..
ونڊوز 9 جو پبلڪ پري ويو ايندڙ مهيني جون ۾ بلڊ ڪانفرنس جي موقعي تي پيش ڪيو ويندو۔۔ جڏهن ته مڪمل ورجن شايد هن سال جي آخر يا نئين سال جي منڍ ۾ پيش ڪيو وڃي۔۔۔

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: