اسلامي جمهوريت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2013۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اسلامي جمهوريت
    (اردو اخبار ڊيلي جنگ ۾ 8 مئي 2013 تي ڇپيل هڪ فڪر انگيز تحرير)
    ليکڪ: محمد سليم قريشي
    سنڌيڪار: ابو عبد الله محمد طاهر سنڌي

    ماڻهو سمجهن ٿا ته “جمهوريت”: اليڪشن ۽ ووٽ ڪرڻ کي چئبو آهي، جنهن ذريعي اميدوار منتخب ٿي حڪومتي ايوانن ۾ موڪليا ويندا آهن، حڪمران منتخب ڪرڻ جو حق اسلام به ڏئي ٿو، ان ريت جمهوريت ۽ اسلام هڪ ئي ڳالھ آهي!
    حالانڪه جيڪي نمائندا جمهوريت جي ذريعي اسمبلين ۾ پهچن ٿا سندن قانون سازيءَ جو بنياد انساني عقل آهي، جڏهن ته اسلام ۾ قانون سازيءَ جو حق صرف الله تعالى کي آهي، هونئن به ٻن شين جي ڪجھ خوبين جي بظاهر هڪجهڙائي کين مڪمل طور تي هڪجهڙو ڪونه ٿو بڻائي.
    ڪجھ ماڻهو “شورى” سان تعلق رکندڙ صرف ٻن آيتن کي بنياد بڻائي اسلامي حڪومتي نظام کي جمهوريت سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪڏهن اسلامي نظام صرف هڪ ٻئي سان مشورن تائين محدود آهي ته پوءِ مڪي جا قريش به دار الندوة ۾ شورى (هڪ ٻئي جي مشوري) سان نظام هلائيندا هئا.
    اسلام ۾ مشورو ته آهي ليڪن صرف مباح معاملات ۾، جڏهن ته اڪثريتي قانون يعني جنهن جو تعلق معاشري جي معاشي، حڪومتي، تعليمي ۽ عدالتي سرشتي سان هجي، يا فرد جي ذاتي زندگيءَ جي اصلاح سان هجي، اتي اڪثريت ۽ اقليت کي بغير ڪنهن معمولي اهميت ڏيڻ جي اُهي قانون قرآن ۽ سنت مان اخذ ڪندي مِن وَعَن نافذ ڪيا ويندا آهن.
    تاريخ مان معلوم ٿئي ٿوته اسلام کان گهڻو اڳ يونانين “جمهوريت” دريافت ڪري ورتي هئي، ليڪن قرآن ۽ حديث ۾ ڪٿي به جمهوريت جو ذڪر ته پري رهيو، اهو (جمهوريت) لفظ به ڪونه ٿو ملي!
    صحابه ڪرام، ائمة مجتهدين حتى ڪه 1400 سالن ۾ ڪنهن به فقيھ يا مفڪر مسلمان کي اسلام ۾ “جمهوريت” نظر ڪانه آئي! عالم اسلام تي پنهنجي مشنري ۽ ثقافتي يلغار ۾ مغرب مسلمانن ۾ اسلام جي باري ۾ هڪ طرف شڪوڪ ۽ شبها پيدا ڪيا ته ٻئي پاسي اسلام ۾ خاميون ڪڍڻ بجاءِ هي انداز اختيار ڪيو ته مغربي تهذيب اسلامي تهذيب سان ٽڪراءُ يا اختلاف نه ٿي رکي! بلڪه اصل ۾ اسلام مان ورتي وئي آهي! ان رستي تي هلندي هلندي جمهوري فڪر ۽ نظام تي اسلامي رنگ چاڙهيو ويو، ۽ چيو ويو ته “جمهوريت” اسلام جي مخالف نه آهي! ڇو ته “جمهوريت” اصل ۾ شورى (مشورو ڪرڻ) آهي! امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر آهي، ۽ حاڪمن جو محاسبو آهي!
    انهن دليلن پنهنجو ڪم ڏيکاريو، ۽ “جمهوريت” مسلمانن ۾ سرايت ڪندي وئي، ايتري تائين جو اهي ديني جماعتون جيڪي اسلام جي قيام لاءِ ڪم ڪري رهيون هيون، اهي به “جمهوريت” جي اندر رهندي اسلام جي نفاذ جي ڪوششن ۾ لڳي ويون!
    در اصل “جمهوريت” سرمايه دارانه نظام نافذ ڪرڻ جو هڪ حربو آهي، جيڪا به قيادت ان ۾ اندر رهندي اسلام نافذ ڪرڻ چاهيندي اها ڪامياب نه ٿي سگهندي، اسان جون ديني سياسي جماعتون ان جو واضح مثال آهن، اُهي ديني جماعتون جيڪي هن ملڪ جي وڏي نظرياتي طاقت ليکيون وينديون هيون، جمهوري سسٽم ۾ داخل ٿيڻ کان بعد اڄ ڪلھ ٻن چئن سيٽن جي سياست ڪري رهيون آهن، جيڪي (سيٽون) حاصل ڪرڻ لاءِ اُهي ڪڏهن نواز شريف وٽ اتحاد ڪرڻ ويندا آهن ۽ ڪڏهن عمران خان وٽ، حالانڪه هي اُهي جماعتون آهن جيڪي قيام پاڪستان کان پوءِ ملڪ جي فڪري ۽ نظري آسمان تي ڇانيل هيون، پهرين دستور ساز اسمبلي ۾ قرارداد مقاصد جو مسودو پيش ڪرڻ کان پهرين لياقت علي خان مولانا سيد ابو الاعلى مودوديءَ جي اڳواٽ تائيد حاصل ڪرڻ ضروري سمجهو هو، حالانڪه پاڻ ان وقت جيل ۾ هو، هي ديني جماعتون ئي هيون جن ايوب خان جي آمريت جو منهن ڦيري ڇڏيو هو، ليڪن اثر ۽ نفوذ جي ان بي پناھ طاقت سان جڏهن هي ديني جماعتون 1970ع جي اليڪشن ۾ داخل ٿيون پنهنجي حيران ڪن وُسعت باوجود سميٽجي رهجي ويون، ملڪ ۽ قوم جا رهبر ۽ رهنما ٿيڻ ته پري باوقار عددي حيثيت به حاصل نه ڪري سگهيون، جمعيت علماءِ اسلام ست (7) سيٽون، جمعيت علماءِ پاڪستان ست (7) سيٽون، ۽ جماعت اسلامي صرف چار! ان گهٽ ترين حيثيت باوجود انهن جماعتن جي عظيم قيادت اگرچه ڀٽو صاحب جهڙي ڏاهي سياست دان کان به پاڻُ منايو هو، پر ان کان پوءِ ٿيندڙ هر اليڪشن ۾ پنهنجو انفرادي اثر ۽ نفوذ وڃائينديون ويون، انهن جماعتن جي حيثيت محض اتحادي وڃي رهي، ڪڏهن ڊڪٽيٽرن جون اتحادي ته ڪڏهن سڪيولر جماعتن جون! انهن ديني سياسي جماعتن صوبن ۾ حڪومت به ٺاهي، ۽ وفاقي حڪومتن جو حصو پڻ رهيون، پر اسلام جي نشاة ثانية وارو عظيم مقصد ڪنهن راھ ۾ گم ڪري ويٺيون.
    جيسين تائين هي جماعتون ان سسٽم جو حصو نه بڻيون هيون معاشري ۾ حرڪت ڏيڻ لاءِ عظيم ترين ليور جو ڪم ڏئي رهيون هيون، ليڪن جڏهن “جمهوريت” جي حربي سان کين ماري ڪيرايو ويو هي جماعتون محدود ۽ تحليل ٿينديون ويون، “جمهوريت” جي باب ۾ جيستائين ان ٿيوري جو تعلق آهي ته انسانيت هميشه لاءِ “جمهوريت” کي حڪومتي ماڊل طور تسليم ڪري ورتو آهي ان ڪري جمهوري ماڊل لاءِ فڪري جستجو ختم ٿيڻ جي نتيجي ۾ هسٽري به پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪي آهي، عالم اسلام ۾ خصوصا عوام “جمهوريت” ۽ “آمريت” ٻنهي کي مسترد ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته اُهي استعمار جي چالاڪي آهن، هلندڙ دؤر ۾ پاڪستان اندر نئين نظام لاءِ فڪري ۽ سياسي بحث ۾ ڪافي گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هيءَ حقيقت نروار ٿي چڪي آهي ته پاڪستان جو عوام صرف ۽ صرف اسلامي شرعي نظام جو خواهشمند آهي، اسان جون ديني سياسي جماعتون عوام جي شعور ۾ هن تبديليءَ جو تاحال ادراڪ ناهن ڪري سگهيون، ۽ “جمهوريت” جي حق ۾ ووٽ ڪرڻ جي فتوائن ۾ اڃان تائين رڌل آهن، جڏهن ته عوام “جمهوريت”، “آمريت” يا “اسلامي جمهوريت” جهڙن نظرين کي ٺڪرائيندي خالص مديني جي رياست جهڙي اسلامي نظام طرف پيش قدمي ڪري رهيو آهي. الله اسان جو حامي ۽ ناصر هجي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هي مضمون تازو الفاروق سنڌي رسالي جون 2013 ء واري شماري ۾ ڪراچي مان شايع ٿي چڪو آهي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسلام جمهوريت جو ڪيئن مخالف آهي؟

    جمهوريت ۾ ڪهڙيون خرابيون آهن؟

    يورپي ملڪن ۾ جمهوريت ڇو سٺي نموني سان هلي رهي آهي؟ ڇا بادشاهت ۽ شهنشاهيت صحيح آهي؟

    ڪيئي سوال آهن ۔۔۔ مان هن ليک سان متفق ناهيان۔

    اصل ۾ سسٽم خراب ناهن هوندا پر انهن کي هلائڻ وارا برا هوندا آهن، انهن جي نيت ۾ فتور هوندو آهي تڏهن ئي اهي سسٽم ناڪام رهندا آهن۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين اوهان کي ليک سان اختلاف رکڻ جو پورو پورو حق آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو