هڪڙو هو گڏه

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    هڪڙو هو گڏه
    / چيتن آلتان/ آغا درمحمد

    ڪنهن زماني ۾ ڪهڙي شهر کان ٿورو پري ٻهراڙيءَ ۾ هڪ ڀاڄيءَ جي واڙيءَ هئي جنهن جي وچ ۾ هڪ وڏو کوهه هو.واڙيءَ جي مالڪ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هڪ گڏهه ڌاريو هو جيڪو سڄو ڏينهن پيو ايٽ کي هلائيندو هو.مالڪ سندس اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي هئي،ته جيئن هو ڦيرو ڏيڻ مهل اهو نه سوچي ته کيس هڪ ئي هنڌ ڦيرايو ٿو وڃي. گڏهه صبح کان وٺي سانجھيءَ تائين ايٽ ۾ وهندو هو. ايٽ هلائڻ مهل هو دل ۾ سوچندو هو ته مان ڪنهن ڊگهي سفر تي وڃي رهيو آهيان. انهيءَ شوق ۾ سندس ٽنتگون تيز تيز هلنديون هيون ته جيئن جلدي پنهنجي ما ڳ تي رسجي. گڏهه هلندو هو ته ايٽ ڦرندو هو. ايٽ ڦرندو هو ته ان ۾ لڳل لوٽيون پاڻيءَ سان ڀرجي نار ۾ پونديون هيون ،۽ پوءِ مختلف نالين ۾ وڃي کرين ۾ پوندو هو. واڙيءَ جو مالڪ کوهه جي پاڻيءَ سان قسمين قسمين جون ڀاڄيون پوکيندو هو. ٽماٽا، واڱڻ،مرچ، ڌاڻا،بصر،ڀينڊيون،توريون،۽ٻيون. انهيءَ سرسبزيءَ جو سبب پاڻي هوجيڪو گڏه ڏينهن رات هڪ ڪري کوهه مان ڪڍندو هو. گڏهه جنهن جي اکين تي پٽي ٻڌل هئي هو انهيءَ شوق ۾ اڳتي وڌندو پئي ويوته ڪنهن ڏورانهين ڏيهه پيو هلجي. انهيءَ دوکي ۾ هو اڳتي هلندو رهيو.وکريءَجو مالڪ روزانو باک ڦٽيءَ مهل ٻنيءَ تي وڃي ڀاڄين کي چڱيءَ طرح چڪاسي ڏسندو هو. پوءِ پڪل ڀاڄين کي کارن ۾ وجھي مارڪيٽ تائين پهچائيندو هو.انهيءَ پاڻيءَ ۾ الائي ڪهڙي ڪرامت هئي جو مارڪيٽ ۾ پهچڻ سان ئي ڀاڄيون هٿون هٿ وڪامي وينديون هيون. جڏهن ڀريل سڀ کاراڏسندي ئي ڏسندي ّالي ٿي ويندا هئا ته مالڪ سگريٽ جو هڪ ڊگهو ڪش لڳائي کيسي ۾ پيل نوٽن کي هٿ سان چڪاسي ّوشيءَ ۾ گهر موٽي ايندو هو. هيڏانهن گڏهه پنهنجي ڌن ۾ مست هلندو رهندو هو.هلندو هل پٽ هلندو هل......

    ّخود گڏهه جي وري خوراڪ ڪهڙي هئي؟رکيل ۽ سڪل گاهه جنهن جو رنگ به اس تي رکي رکي پيلڳ تي ويندو هو.۽ جيڪو مالڪ هيڏانهن هوڏانهن ميڙي سندس اڳيان اچي رکندو هو.اها هئي سندس اصل خوراڪ پر مالڪ پاڻ هميشه پنهنجي لاءِ هر ڀاڄي مان ڪجهه حصو ڪڍي گهر موڪلي ڏيندو هو۽ پوءِ ڏاڍي مزي سان گهر وڃي کائيندو هو. فارم جي مالڪ جي ذهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهو خيال نه ايندو هو ته جيڪڏهن هن گڏهه کي اها ٻڙڪ پئجي وئي ته هو روزانو ڪنهن ڏورانهني سفر تي نٿو وڃي نلڪ هڪ ئي هند تي پيو ڦري ۽ هي سڀ ڀاڄيون سندس ئي محنت جي ڪري ئي ٿين ٿيون ته مون کي پڪ آهي ته هي ههڙو سڪل ۽ سڙيل گاهه کائڻ کان صاف نابري ڏيکاريندو . پنهنجو حق گهرڻ شروع ڪندو.تازين ڀاڄين مان پنهنجي حصي جي گهر ڪرڻ لڳندو.اهو خيال ايندي ئي مالڪ کلي ڏيندو هو ۽ چوندو هو آخر آهي ته گڏهه نه ۽ وري مٿون اکيون به ٻوٽيل اٿس. اها خبر ڪيئن پوندس؟“

    واقعي گڏهه اصل حقيقت کان بي خبر هو، هو ته رڳو هلندو پئي هليو،هڪڙي ڏينهن الائي ڪٿون هڪ شرارتي ڇوڪرو فارم ۾ ٽپي آيو، هن کي شرارت جڳي ڇا ڪيائين جو خاموشي سان گڏهه جي اکين تان پٽي لاهي ڇڏيائين گڏهه هلندي هلندي سڄيءَ ۽ کٻيءَ طرف نظر ڊورائي، ٻه ٽي چڪر ڏيڻ کان پوءِ محسوس ڪيائين ته هي ڇا؟ ڇا؟ مان مسلسل ائين چڪر ڏيندو رهيو آهيان ! ڪاوڙ ۾ ٽنگون ڏڪڻ لڳس. بيهي رهيو.گڏهه بيٺو ته ايٽ جي چيڪڻ جو آواز به بند ٿي ويو.ايٽ بيهي رهيو ته پاڻي به رڪجي ويو،ٻاريون خشڪ ٿي ويون مالڪ جڏهن اهو حال ڏٺو ته سخت ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ گڏهه کي گاريون ڏصڻ لڳو کلا هجئي ڀيڻان گڏهه جا پٽ!ڇا ڪيائين جو هڪ سٻر سونٽو کڻي گڏهه ڏانهن وڌيو ۽ گهمائي هڪ پٺيءَ ۾ وهائي ڪڍيائينس،سوٽو ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري،ائين چئي ٻيو گهمائي ڪنڌ وارو وهائي ڪڍيائينس،اوچتان ڌڪ کائڻ کان پوءِ گڏهه ڪجهه گٻرائجي ويو،پر اڳتي ڪونه وڌيو،هاڻي مالڪ کي خبر پئي ته هن جون اکيون ته کليل آهن ۽ هن آس پاس وارو سڄو ماحول ڏسي ورتو آهي.ڪاوڙ ۾ گڊ وهڻ لڳس ڪهڙي ڪتي جي ڦر هن جون اکيون کوليون آهن.بي غيرت..... شرارتي ڇوڪرو پري بيٺو اهو سمورو تماشو ڏسي رهيو هو.۽ کلي رهيو هو.مالڪ وري گڏهه جي اکيين تي زور سان پٽي ٻڌي ڇڏي ٻڌڻ کان پوءِ وري پٺيءَ تي زور زور سان سوٽا وهائڻ لڳس. گڏهه انهيءَ اچتيءَ قدرتي آفت کان گهرائجي ويو۽ ڊوڙڻ شروع ڪيائين. گڏهه هاڻي به صبح کان وٺي شام تائين اهڙي طرح ڊوڙندو رهندو آهي،ايٽ ڦرندو رهندو آهي،۽ پاڻي سموريءَ وکريءَ کي ملندو رهندو آهي،......پر هاڻي گڏهه کي اصل مامري جي ڄاڻ پئجي چڪي آهي.هوڏانهن واڙيءَ جو مالڪ مالڪ پنهنجو مٿو کني دل ئي دل ۾ چوندو رهندو آهي؛آخر هن نڀاڳيکي خبر پئجي ئي وئي ته هي سموري سرسبزي هن جي ڪري ئي آهي.

    هاڻي گڏهه مجبوريءَ ۾ ايٽ هلائيندو آهي.سبزيون ته هاڻي به اڳي جهڙيون ٿين ٿيون پر مالڪ کي اها شڪايت آهي ته انهن جو سواد اڳي جهڙو نه رهيو آهي. هلندو هل پٽ هلندو هل.

    -------------------------------------------------------------------
    چيتن آلتان رڪيءَ جي موجوده دور جو ناميارو ليکڪ آهي.هو 1926ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿيو. وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين پر قانون جي تعليم دوران ئي سندس لاڙو جرنلزم ڏانهن ٿي ويو. ۽ هاڻي انهيءَ ئي پيشي سان واڳيل آهي. انهيِءَ کان علاوه سياست جي ميدان سان نه کيس دلچسپي رهي آهي، هو تردڪيءَ جي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.

    آلتان مختلف اخبارن ۾ ڪالم نگار به رهيو آهي. ڪهياڻيون به لکندو رهيو آهي. ڪجهه ڊراما به لکيا آٿس. جن مان ڇهه ڊراما اسٽيج ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. سندس لکيل ڪالم ڪتابي مجموعي جي شڪل ۾ شايع ٿي چڪا آهن. شعري مجموعن ، ڪهاڻين۽ ڊرامن سميت ٻارنهن ڪتابن جو مصنف آهي.

    .

     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا گوهي ڪرڻ گڏه جو ڪم آهي گڏه گوهي نه ڪري ته گڏه ڪير چوندس
    ۽ وري جيڪڏهن ڪاوڙ ۾ گڏه کي برو ڀلو به چئجيس ته ڇا چئجيس گڏه جو پٽ ته اڳ ۾ ئي آهي:D:D گار ڏيڻ وارو گار ڏيڻ کان ئي عاجز ٿيو پوي ان ڪري مار جو سهارو وٺندو اهي
    ادا شيئرنگ جي تمام گهڻي مهرباني
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ۽ سبق آموز ڪهاڻي آهي ادا مگسي ڀاءُ توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو ..
     
  4. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    پسند ڪرڻ لاء لک لک ٿورا سهڻل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو