اوور ڪانفيڊنس آرٽيڪل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2013۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    [​IMG]
    اوور ڪانفيڊنس
    گهڻن ڏينهن کانپوءِ اڄ دل چيو ته ڪجهه لکان منهنجي دوست ڪالهه موڏانهن فون ڪئي ۽ هن هڪ جملو چيو ته پاڪستان ۾ حد کان وڌيڪ اعتماد جي پختگييعني over confidenceڪيترين ئي شخصيتن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، سندس اهو جملو منهنجي دل سان لڳو جنهن کانپوءِ مون پاڪستان جي تاريخ ڏانهن نظر ڊوڙائي ته بلڪل ايئن ئي هيو. پاڪستان ۾ عوام جي سياست ۾ باقائدي وابسطگي ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان ٿي. ڀٽو صاحب جي شخصيت جو قد ڪاٺ جڳ مشهور ۽ متاثر ڪندڙ هيو، ۽ پاڪستان جي عوام پڻ کيس ڀرپور موٽ ڏني، عوام جي ڀرپور موٽ کانپوءِ ڀٽو صاحب اندر هڪ خود اعتمادي Self Confidence پيدا ٿي، انسان جي اندر خود اعتمادي هئڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي، جنهن سبب انسان ڪيترائي فيصلا اڪيلي سر ڪري ٿو. پر خود اعتمادي جڏهن حد کان وڌي وڃي ته پوءِ اها ڳلي جو ڦندو بڻجي پوندي آهي، جيئن لوڊو گيم جي پويان نانگ ۽ ڏاڪڻ واري راند هوندي آهي، جنهن ۾ ماڻهن ڪاميابيءَ کان فقط هئي انگ پهريان نانگ تي لت ڏئي ويهندو آهي جنهن سبب هو ڪاميابيءَ کان تمام گهڻو پري هليو ويندو آهي ۽ سندس مخالف آسانيءَ سان اڳي وڌندو آهي. نانگ ۽ ڏاڪڻ جي ان راند ۾ بازي پنهنجي هٿ ۾ ناهي هوندي پر حقيقي زندگيءَ ۾ طاقتور انسان فيصلا ڪرڻ ۾ ڪنهن جو به پابند ناهي هوندو. ڀٽو صاحب ڀرپور عوامي موٽ ۽ پوري دنيا جي اڳواڻن پاران تعريف ٻڌي سندس خود اعتماديءَ تي ضابطو آڻي نه سگهيو ۽ سندس Self Confidence خود اعتمادي Over Confidence ۾ تبديل ٿيندي ويئي. جنهن سبب هو تمام فيصلا بغير صلاح مشوري جي پنهنجي سر پاڻ ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ سندس عدالت ۾ پنهنجو دفاع نه ڪرڻ سندس اوور ڪانفيڊينس جي واضع ثبوط هيو، ۽ اهو ئي Over Confidence کيس ڦاسيءَ جي ڦندي تائين وٺي ويو. Over Confidence جو ٻيو مثال ميان نواز شريف سان لاڳاپيل آهي جنهن جوOver Confidence نه فقط کيس پر ان جي سڄي خاندان کي ٻوڙي ويو، ميان نواز شريف تمام ملڪي معاملن ۽ ادارن کي پنهنجي زير اثر ڏسي Over Confidence جو شڪار ٿي ويو ۽ هن ان فوجي اداري ۾ دخل اندازي ڪئي، جيڪو عمل سندس سياست، حڪومت ۽ ڪاروبار کي ٻوڙي ويو. اهڙي طرح جنرل پرويز مشرف پنهنجي اقتدار جي آخري ڏينهن ۾ لوٽا سياستدانن تي اعتماد ڪري وردي لاهڻ جو فيصلو ڪيو کيس آئين جي آرٽيڪل 58 ٽوبي تي ڀاڙيو ۽ انهيءَ آرٽيڪل جي آسري صدارتي ريفرنڊم ڪرائي سويلين Civilian صدر بڻجي ويو ۽ آرمي چيف جي عهدي تا استعفي ڏئي ڇڏي. سندس Over Confidence جا هڪ کان وڌيڪ مثال آهن، جن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جي برطرفي، پي سي او ۽ ججز نظربندي سميت ٻيا ڪيترائي فيصلا اهڙا آهن جيڪي هن پنهنجي طاقت ۽ حڪمرانيءَ جي زور تي خود اعتماديءَ جي حد کان اڳي وڌي ڪيا، جيڪي سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويا. اهڙي طرح گذريل حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ عمران خان جنهن زور ۽ شور سان سونامي کڻي نڪتو ته پورو ملڪ جا اپر ڪلاس ماڻهون ساڻس گڏ هلڻ تيار نظر پئي آيا ۽ مختلف پارٽين جا گڻگ گڻگ ۽ شخصي حيثيت رکندڙ ماڻهون سندس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لڳا پر پاڪستاني سياست جي ساڳئي بيماري Over Confidence کيس به وڪڙي ويو ۽ هن سندس پارٽيءَ ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو جن جي شخصيت متنازعه ۽ ماضيءَ ۾ سٺي ساک نه هئي، اهو ئي سبب آهي جو سندس سوناميءَ جو اهو زور فقط ڪجهه ڏينهن ئي هلي سگهيو ۽ سٺي ساک رکندڙ ماڻهون سندس پارٽي کان پاسو ڪري ويا. Over Confidence جو ٻيو مثال به پرويز مشرف لاڳاپيل آهي جنهن Over Confidence ۾ اچي پاڪستان واپسيءَ جو فيصلو ڪيو، کيس ماضيءَ ۾ ڪيل ڪمن ۽ ڪارواين تي پڇتاءَ بجاءِ فخر اچي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هو ان سوچ ۾ هيو ته پ پ حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ سبب عوام سندس دور کي بهتر ۽ کيس هيرو قرار ڏئي ٿو. پر شايد اها پرويز مشرف جي اهو غلط سياسي فيصلو هيو جيڪو هن Over Confidence ۾ اچي ڪيو هو. جڏهن هو ملڪ واپس آيو ته کيس پابند سلاسل ڪرڻ جو پري پري تائين خيال نه هيو، پر اڄ هو ان سوچ ۾ آهي ته اهي ماڻهون ڪيڏاهن ويا جي ان ڳالهه جي پڪ ڏياريندا هئا ته جمهوريت منهنجي (مشرف جي) دم سان آهي، ڪٿي آهن اهي جيڪي کيس 100 ڀيرا ورديءَ ۾ چونڊرائڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا؟؟، ڪٿي آهي اها ماروي ميمڻ جيڪا منهنجي وردي لاهڻ رتي نير وهائي مون سان عقيدت ۽ محبت جو اّظهار ڪندي هئي؟؟. هي سڀ ڇا ٿي ويو، شايد مشرف صاحب کي سندس Over Confidence ۾ اچي واپسيءَ جي فيصلي جو احساس ٿيندو هجي ڇاڪاڻ ته سندس سمورا ساٿي ميان نواز شريف ۽ صدر زرداريءَ جي هٿ تي بعيت ڪري چڪا هئا ۽ اڄ اهي ساڳيا ئي گيت انهن ليڊرن لاءِ ڳائي رهيا آهن. ماضي ۽ حال جو جائزو وٺجي ته پاڪستاني سياستدانن ۽ Over Confidence جو گهرو ساٿ رهيو آهي، جنهن سبب کين ڪيترائي هاڃا کڻڻا پيا آهن پر پوءِ به ساڳيا ئي اُٺَ ساڳيا ئي لوڏا شايد مستقبل ۾ به ساڳئي صورتحال رهي.
    عمران درويش سومرو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوور ڪانفيڊنس تي لکيل سچ ته بهترين ڪالم آهي، اوهان بلڪل سچ ۽ حقيقتن تي مشتمل ڪالم لکيو آهي۔ ڏسون ته هاڻي وري نواز شريف ڳري مينڊيٽ ملڻ کانپوء وري شهباز شريف جي جذباتي ڳالهين ۾ اچي اوور ڪانفيڊنٽ ته نه ٿيندو ؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو